1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    25000

صوف جا فائدا جديد سائنس جي روشني ۾

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2015۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    صوف (ڦل)

    اردو : سيب
    پنجابي : سيو
    بنگالي : سو
    سنسڪرت : سيوا
    فارسي : سيب
    عربي : تفاح
    گجراتي : شو
    انگريزي : Apple
    لاطيني : Pyrus males

    هي گھڻو ڪري روس جي مرڪزي شهرن قازقستان ڪرغيزيه، تاجڪستان، زن جياگ (چين) ۾ قديم زماني کان وٺي پوکيا ويندا هئا. سندن جنگلي خودرو نسل، اڄ به انهن علائقن ۾ بشمول ترڪي موجود آهي. انهيءَ نسل جي پوک کان پوءِ ان کي بهترن ميوو بنائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رهيون. صوفن جا بهترين مصنوعي قسم سڪندر اعظم حضرت عيسى کان به 300 سو سال اڳ ايشيا مائنر مان مقدونيه ڏانهن موڪليا ۽ يورپ ۾ باقائدي ان جي پوک ڪرائي.

    حڪيم ايس ايم اقبال پنهنجي هڪ مضمون ۾ صوف تي تمام بهتر معلومات ڏني آهي جيڪا هن ريت آهي . صوف جا هونئن ته 1500 جي قريب قسم آهن جيڪڏهن هن کي ٻج سان پوکيو وڃي ته بلا مبالغه هڪ لک کان مٿي قسم پوکي سگھجن ٿا. اهڙيءَ طرح صوف دنيا جي سڀني ميون کان وڌيڪ قسمن وارو ميووآهي. قارئين کي خبر هئڻ کپي ته قرآن شريف ۾ صوف جو ذڪر نه آهي انهيءَ ڪري انهن ماڻهن کي مايوسي ٿيندي آهي جيڪي صوف کي جام شفا سمجھندا آهن. حقيقت ۾ صوف ٻير جي قسمن جو هڪ ميوو آهي. هن جي سڪل ذائقو ۽ تاثير به ٻير سان ئي ملي ٿو پر جديد علم نباتيات وارا به صوف کي ٻير جي خاندان مان سمجھن ٿا. جيئن ته ٻير جو قرآن ۾ ذڪر آهي انهيءَ ڪري ان خاندان جي ميوي جي ڪري صوف جو ذڪر به ايئن سمجھجي. صوف پوري دنيا جو هڪ پسنديده ميوو سمجھيو وڃي ٿو پر ڪافي ملڪن جو سفر ڪندي رستي جي ٻنهي پاسن صوف جون نه ختم ٿيندڙ قطارون نظر اينديون. پاڪستان ۾ صوف جا باغ صوبي بلوچستان آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختون خواه جي علائقن ۾ عام جام موجود آهن. سوات دير چترال، هزاره ڊويزن ۾ ڪافي جڳهن تي نظارو پيش ڪن ٿا. انهن سڀني مان بهترين باغ ڪوهه مري ۾ آهن. ڪوهه مري ڏانهن سفر ڪندي ٿوريئي مفاصلي تي جبل جي پاسن ۾ نگاهه پوڻ تائين صوفن جا باغ موجود آهن. ڪوهه مري کان ڀوربن ڏانهن سفر ڪندا ته اڳيان هلي صوف جو هڪ خوبصورت باغ نظر اچي ٿو. اهو ايترو ته ڊگھو ۽ وڻندڙ آهي جو دل حيران ٿي وڃي ٿي. آزاد ڪشمير ۾ صوف جا باغ جام هجڻ کپن انهيءَ ڪري ته ڪشمير جو صوف بهتر سمجھيو وڃي ٿو پر افسو جي اها ڳالهه آهي ته آزاد ڪشمير ۾ صوف جا باغ تمام گھٽ آهن. حڪومت جي طرفان ڪجھ نرسريون آهن جن ۾ چڪار جي نرسري خاص خوبصورت آهي پر ننڍي آهي. پاڪستان ۾ اهڙا علائقا جام آهن جتي صوف تمام بهتر ٿين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رستا نه هئڻ ڪري اهي صوف پاڪستان جي ٻين علائقن ڏانهن موڪلي نٿا سگھجن. چترال ۾ تبليغي جماعت سان سفر دوران ننڊ جو غلبو تمام گهڻو رهيوجنهن سان تمام گھڻي پريشاني ٿي. آخر ۾ وڃي خبر پئي ته اتي ميون جي گھڻائي جي ڪري اتي هو ڍنڍ ۾ ميوا وجھي ڇڏيندا آهن جيڪا انتهائي ٿڌي منڊي آهي سياري ۾ ته ڄمي ويندي آهي . انهيءَ ڍنڍ جو پاڻي پيڻ ڪريئي ننڊ ايندي آهي. بلوچستان ۾ هڪ جڳهه آهي جنهن کي ڪوهلو چيو وڃي ٿو انهيءَ جي نسبت سان صوف جي هڪ قسم کي ڪوهلوي صوف چيو ويندو آهي. هي صوف وچولي سائز جو هيڊاڻ مائل سائو هوندو آهي. ذائقي ۾ چاشني دار کٽ مٺو هوندو آهي انهيءَ مان رس چـڱيءَ طرح نڪرندي آهي. الموڙ ا جي جڳهه تي هڪ انگري ويلر جا صوف جا باغ هئا جن ۾ نت نوان قسم دريافت ڪياويندا هئا. انهن مان 12 نمبر ۽ سائو صوف بهترين قسم تسليم ڪيو ويندو هو . سائو صوف مري جي ڪجهه باغن ۾ به موجود هو. هي سائز ۾ وچولو، کل تمام سنهي، اندران سبز هوندو آهي ۽ ذائقي ۾ انتهائي مٺو هوندو آهي، نرم ايترو جو چپن سان کائي سگھجي ٿو. صوف جو هڪ قسم مشهدي آهي انهيءَ کي ڪنگ اسٽار يا گولڊين ستار به چوندا آهن. اسان وٽ گھڻو ڪري اهوئي صوف پوکيو وڃي ٿو ۽ سندس وڪرو به مهناگي اگهه سان ٿئي ٿو. ڪشمير ۾ هڪ امبري قسم جو صوف پوکيو وڃي ٿو جنهن تي تمام گھڻي محنت به ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان ان جو رنگ ڪاراڻ مائل ڳاڙهو ٿئي، هي سائز ۾ به گولڊن صوف کان وڏو هوندو آهي. صوف جي ڳاڙهاڻ جي ڳالهه آئي ته مونکي افغانستان جي شهر غزني جي ياد اچي وئي. سلطان محمدو غزنوي جو مقبرو به غزني جي ميدان ۾ هڪ مٿاهين جڳهه تي آهي جنهن تي پهچڻ لاءِ انتهائي ويڪرا ۽ ڊگھا صوفن جا باغ لڳل هئا، جڏهن مٿي پهچي هيٺ نظر ڪيم ته ڄڻ هيڊي ميدان ۾ باهه لڳل هجي جتي ڪٿي ڳاڙها صوف وڻن ۾ ڪثرت سان لٽڪيل نظر اچي رهيا هئا.

    سڃاڻپ

    هي هڪ مشهور ميوو آهي. جنهن جووڻ 10 ميٽر تائين ڊگھو ٿئي ٿو پنن جو آخري حصو بجيارو هوندو آهي . هن کي موسم بهار جي شروع م سفيد رنگ جا گل لڳندا آهن جن تي ڳاڙهي رنگ جا نشان هوندا آهن ڦل جو رنگ سائو پوءِ هيڊو ڳاڙهو به هوندو آهي.

    مزاج : گرم تر، هي مزاج مٺي صوف جو آهي. جڏهن ته کٽي مٺي صوف جو مزاج سرد خشڪ آهي . جيئن ته هن ۾ فولاد آهي انهيءَ ڪري هن جو مزاج سرد خشڪ ئي تسليم ڪرڻ گھرجي.

    مضر: رياح پيدا ڪري ٿو خوني دستن ۾ استعمال نه ڪجي. طبيبن جو چوڻ آهي ته صوف سلهه پيدا ڪري ٿو . اها ڳالهه حڪيم نجم الغني خزائن الادويه ۾ لکي آهي، جيڪا مڃڻ جهڙي نه آهي. انهيءَ ڪري ته سلهه مائيڪو بيڪٽريم جي ڪري ٿئي ٿي . انهيءَ ڪري صوف سان سل ٿيڻ مضحڪه خيز ڳالهه آهي جديد دور ۾ ته مرڳو سلهه وارن کي صوف کارائيندا آهن

    مقدار و خوراڪ : هڪ صوف کان ٻه صوف تائين کائڻ گھرجن.

    مزاج: گرم خشڪ آهي

    فائدا

    هي دل ۽ دماغ کي قوت ڏي ٿو پر اڪثر ماڻهو صوف کي دل سان منسوب ڪندا آهن ۽ هن کي دل جي لاءِ بهترين لکندا آهن. جيئن ته هن ۾ فاسفورس هوندو آهي انهيءَ ڪري هي دماغي اعصاب ۽ هڏين کي طاقت ڏي ٿو مفرح قلب هئڻ سان گڏ روح کي تقويت ڏي ٿو. هن جو لاڳيتو استعمال جسم کي ٿلهو ڪري ٿو. مني پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي. آفيم يا شراب جو نشو ڇڏائڻ جي لاءِ هن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. هي ڀٽون يا وِڇونءَ جي ڏنگ ۾ به مفيد آهي. هي معدي کي ڦوڪي ٿو انهيءَ ڪري جن ماڻهن کي ڀرتي جي شڪايت هجي ته اهي استعمال نه ڪن. حڪيم الياس ته صوف جو شربت سل لاءِ مفيد لکيو آهي پر طبيبن ان جي انهيءَ تحقيق کي ان ڪري رد ڪيو ته پراڻن طبيبن جو ڪثرت سان لکيو هو ته صوف سلهه پيدا ڪري ٿو اها اڻ ڄاڻائي ڪري آهي . جيئن ته اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سلهه جراثيمي مرض آهي انهيءَ ڪري سلهه پيدا نه ٿيندي صوف هڪ بهترين غذا آهي ويدن جو چوڻ آهي ته گردي جي سور واري کي صوف فائدو ڏي ٿو.

    قول

    ڊاڪٽر ديپ جانس جو چوڻ آهي ته صوف بادام کجور انگور ۾ فاسفورس گھڻو هوندو آهي انهيءَ ڪري دماغي ڪم ڪرڻ وارن جي لاءِ انتهائي مفيد آهي.

    پروفيسر هيلس جو چوڻ آهي ته ڪمزور ۽ اڀرن ماڻهن کي ترو تازه ۽ ٿلهو ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي.

    صوف جو سرڪو ويري ڪوز وينز ۾ مفيد آهي. هن مرض ۾ گھڻو ڪري ٽنگن جون نسون سڄي پونديون آهن. انهن تي ڪپڙي جون پٽيون پسائي ليپ ڪرڻ سان ڪافي فائدو ٿي ويندو آهي.

    جديد ريسرچ

    صوف جي رس دمه ۾ انتهائي مفيد آهي. جديد طبي تحقيق مطابق صوف جي رس جو هڪ گلاس ٻارن جي دم جي بيماري بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏهن ته وڏا ماڻهو روز هڪ صوف کائڻ سان فائدو محسوس ڪندا آهن. صوف ۾ هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته ڦڦڙن مان بلغم خارج ڪرڻ ، ساهه جي نالين جي کولڻ ۽ ساهه کڻڻ ۾ فائدو ڪري ٿو. صوف جسم مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي. هي تحقيق امپيريل ڪاليج لنڊن جي شعبه نيشنل هارٽ اينڊ لنگو انسٽيٽيوٽ ۾ ٿي.

    مجربات

    صوف جي تازن گلن جون پتيون ٻيئي کنڊ ملائي 40 ڏينهن ڪاڙهي ۾ رکجي ٻي ٽي ڏينهن هلائو ضرور ڏجي.

    مقدار و خوراڪ 10 گرام روزانو استعمال ڪرايو.

    فائدا دل دماغ کي طاقت ڏي ٿو ضعف باه لاءِ مفيد آهي.


    مرڪبات

    جوارش عود شيرين ، خميره ابريشم حڪيم ارشد والا ، خميره مرواريد بنسخه ڪلان ، شربت صوف، مربه صوف
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 فيبروري 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,570
    ورتل پسنديدگيون:
    27,075
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب اوهان جا ک قرب جو اوهان هي سهڻو ليک اسان سان شيئر ڪيو.

    گهڻو ڄاڻ وارو، ساڻ ايترن سارن فائدن جي پڙهيم. اميد ته اوهان ان قسم جون لکڻيون شيئر ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهندا.

    اوهان سان مليي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن، جڏهن به ايڏانهن اچڻ ٿيو ته ملاقات ڪبي ... سدا سلام هجو
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    واه سائين تمام مفيد حڪمت شيئر ڪئي اٿو
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    529
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين ڄاڻ ادا
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب سائين سدا سلامت هجو
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,281
    ورتل پسنديدگيون:
    2,897
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    صوف جي متعلق محترم سائين حڪيم محمد يوسف کتري جن جو هي جامع مضمون تمام بهترين مضمون آهي. الله تعالي کين جزاء خير عطا فرمائي.
     
  7. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    112
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    صوف لاجواب ۽ صحت بخش ميوو

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    صوف هڪ لاجواب مزيدار ۽ قوت بخّش مشهور ميٺاج سان ڀرپور ميوو آهي هن ميوي لاءِ هڪ چوڻي به مشهو آهي ته ( هڪ صوف روزانو کائو ۽ ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ کان بچو)صوف منجهه اهڙا ته طاقت ور جزا آهن جيڪي انساني جسم جي طاقت کي تازگي بخشن ٿا صوف جي تاريخ متعلق نظر وجهبي ته پٿر جي قديم زماني جي جيڪا به چٽسالي مورخن تاريخدانن کي ملي آهي انهن پٿرن تي صوف جي تصوير (ڦوٽو ) چٽيل ملن ٿا اڳي زماني چيني بابلي ۽ مصري تحريرن منجهه به صوف جو تذڪرو ملي ٿو صوف جو (بائيبل) منجهه به ذڪر ملي ٿو هن نهايت ڪارائتي ميوي جو وڻ اسان جي ملڪ پياري پاڪستان کان علاوه آمريڪا انگلينڊ جرمني هندستان اٽلي شام فرانس لبنان افغانستان ۽ ڪشمير سميت دنيان جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو دنيا منجهه تقريبه اٺ هزار کن صوف جا قسم ملن ٿا مگر ڪشميري صوف سڀني قسمن کان بهتر ۽ لاجواب ذائيقيدار آهي هن جو مٽ ڪٿي به نه ٿو ملي صوف جو وڻ 25 کان 30 فوٽ جو ٿيندو آهي صون جو وڻ بهار جي مند ۾ اڇا (سفيد) رنگ جا گل جهليندو آهي صوف جڏهن ڪچو هوندو آهي ته سندس رنگ سائو هوندو اٿس مگر جڏهن پچي راس ٿيندو آهي ته سندس رنگ ڦڪو ۽ ڳاڙهو ٿيندو اٿس صوف کائڻ ۽ ان جو جوس الله تعالي طرفان هڪ زبردست انسان لاءِ نعمت آهي جيڪا قدرتي مٺاڻ سان مالامال آهي هڪ عام صوف ۾ طاقتور جزن جو تعدا 70 کان 80 هوندو آهي هي ميوو سوڊيم ۽ ڪوليسٽرول فري ٿئي ٿو صوف جيڪو غذائي جزن سان ڀرپور هوندو آهي انهن منجهه ڪيلويرز 58 وٽامن اي 900 يونٽ وٽامن بي 07 ملي گرام وٽامن سي 5ملي گرام رائبوفليون 03 ملي گرام پروٽين 03 ملي گرام ناياسين 02 ملي گرام نشاستو 9_14 ملي گرام فولاد 3_0 ملي گرام فاسفورس 10 ملي گرام پوٽاشيم 10 ملي گرام سان ڀرپور آهي

    صوف جا فائدا صوف دل ۽ دماغ کي فرحت ۽ معدي ۽ جگر کي قوت بخشي ٿو ۽ هڏين کي پڻ طاقت ڏئي ٿو مايوسي سوداوي بيمارين دائمي اداسي ڏک ۽ غم قبضي ختم ڪري ٿو خشڪ کنگهه ٽي بي ۽ تائيفائيڊ مدي جي بخار کي پڻ ختم ڪرڻ جي صلاحيت اٿس وهم به دور ڪري ٿو بدن کي سگهو پڻ ڪندو آهي انساني جسم جي سندن جوڙن جي سور کي پڻ ختم ڪرڻ لاءِ نهايت مفيد آهي صوف گردن جي مريضن لاءِ ته ڄڻ شفا جي حيثيت رکي ٿو دل جي مريضن لاءِ ته صوف ته قدرتي علاج سمجهو ويندو آهي صوف منجهه جيڪي پوٽاشيم ۽ فاسفورس غذائي جزا جهجهي مقدار ۾ ان اهي چڻ ته دل جي لاءِ شفا آهن اهڙي نموني هاءِ بلڊپريشر جي مريصن لاءِ به صوف واپرائڻ نهايت مفيد آهي صوف پيشاب به جالارو ڪندو آهي جنهن ڪري رت جو دٻاءِ به گهٽجي وڃي ٿو ۽ گردن لاءِ به صوف نهايت ڪارائتو پڻ آهي صوف ۾ اهيا به خاصيت پڻ آهي جو صوف يورڪ ايسڊ جا زهريلا اثرات به پڻ ختم ڪري ڇڏي ٿو جنهن سبب ڪري سندن جوڙن جو سور جلدي ختم پڻ ٿئي وڃي ٿو انساني صحت کي برقرار رکڻ خاطر ضعيف ۽ ڪمزور مريض صوف ۽ ماکي ملائي گڏ استعمال ڪري شفا پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا صوف کائڻ سان انساني جسم تندرست رهي ٿو ۽ جسم جي چمڙي خوشنما پڻ رهي ٿي صوف انساني جسم منجهه ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي صوف جا ٻج نقصانڪار هجن ٿا انهن جو ٻج نه کائڻ گهرجي ڇو جو سندس ٻج منجهه( سائيناڊ) هوندوآهي جيڪو هڪ زهريلي گئس کي جنم ڏيندو آهي صوف کي انهي جي کل سميت کائڻ گهرجي ڇو جو سندس کل نهايت مفيد هوندي آهي جيڪي به ماڻهوصوف جي کل لاهي کائيندا آهن سي ان جي کل منجهه موجود فائيبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ حاصل ناهن ڪري سگهندا جيڪا صوف جي کل منجهه جهجهي مقدار ۾ پڻ موجود هوندي آهي صوف جي کل ذذائيت سان مالامال هوندي آهي هن منجهه رشيردار جزا موجود هوندا آهن جيڪي انساني جسم ۾ پاڻي کي محفوظ پڻ رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن صوف جي کل آنڊن جي فعل کي پڻ درست ڪندي آهي ان کان علاوه صوف جي کل منجهان چانهه به تيار ڪئي ويندي آهي صوف هڪ قديم ميوو آهي هي ڪيترن ئي بيمارين منجهه ڪم اچي ٿو هن جا ڪيترائي قسم آهن صوف ٻن ذائقن جا ٿينداآهن هڪ مٺو ۽ ٻيو کٽو مگر مٺي قسم واري صوف کي هر هوئي پسند ڪندو آهي صوف جو وڻ چئن پنجن سالن کانپوءِ ميو ڏيندو آهي هن جي فصل جي پوک جي علم حاصل ڪرڻ واري سائنسي ڄاڻ کي (پومولاجي ) سڏبو آهي صوف کي عربي زبان منجهه (تفاح )فارسي زبان منجهه (سيب) انگريزي زبان منجهه( ايپل) پڻ سڏيو ويندو آهي قديم زماني منجهه حڪيم سڳورا صوف کي طب ۾ استعمال ڪندا هئا چار هزار قبل مسيح طبيب ثاوءُفر سطس صوف کي ذڪريا رازي ۽ ابن زهر وغيره به صوف کي بيان ڪيو آهي شيخ الرئيس بو علي سينا به صوف جو شمار ادويه قلبيه منجهه ڪيو آهي صوف آفيم ۽ شراب جي عادت پڻ ختم ڪري ٿو صوف کائڻ سان دائمي مٿي جو سور به ختم ٿئي ٿو وڃي صوف بک وڌائي ٿو هن جو مربو به ٺهي ٿو جيڪو نهايت طاقت واري شي آهي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو