ڪَو جَو اُٺُسِ مِيهُه، آرِيءَ جَي اُڪِيرَ جَو ٻَارَوچَاڻَو نِيهُه، مَنَاءَ مَاٺَو نَہ ٿِئَي سُرُ سَسُئِي حُسَينِي ڪَو = اهڙو اُٺُسِ = وَسِيُسِ مِيهُ = مِينهُن، برسات آرِيءَ = ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد _ پنهون اُڪِيرَ = سِڪَ، تانگھ ٻَارَوچَاڻَون = ٻروچڪو، ٻروچن جو نِيهُ = نِينهُن، عشق مَنَاءَ = دل تان، من تان مَاٺَو = ٿڌو، جَهڪَو بيت جو پس منظر ~ آري ڄام پنهونءَ جي ڪا اهڙي سسئيءَ کي سڪ لڳي آهي، جو اکڙين منجهان مينهن پيو وسيس. ~ هي جيڪو ٻروچ سان عشق لڳو ٿس سو من تان ماٺو ئي نٿو ٿئيس. سمجهاڻي جنهن سان روح جا رشتا هجن اُهو جڏهن بنا موڪلائڻ جي ڪنهن اڻ ڄاتل سفر تي هليو وڃي، تہ روح رهڙجي پئي ٿو، اکين مان لڙڪن لارون بس ئي ناهن ڪنديون. سسئيءَ کي بہ اڄ پنهونءَ جي سڪ ۽ اڪير بي حال ڪري ڇڏيو آهي. سندس اکڙين جا بند ڀڄي پيا آهن. لڙڪ لارون ڪري ڪنهن شديد برسات جيان وسي رهيا آهن. پنهونءَ سوا ڪير آهي جيڪو کيس آٿت ڏئي ۽ پرچائي. ٻروچ جي عشق اندر ۾ باھ لڳائي اٿس جيڪا ٿڌي ٿئي ئي نٿي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل