سن لاءِ عالمن جي راءِ ۽ ساروڻيون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سن لاءِ عالمن جي راءِ ۽ ساروڻيون
    خدابخش جويو
    علامه آءِ آءِ قاضي سائين جي ايم سيد کي خط ۾ لکيو ته: ”سن شريف سنڌ جو مرڪز آهي. جي خدا گهريو ته هڪ ڏينهن پريان، پريان جا ماڻهو سن ۽ سنڌوءَ جي زيارت تي ايندا“

    علامه آءِ آءِ قاضي جا اهي لفظ به وڏي معنيٰ ۽ اهميت رکن ٿا ته: ”عالمگير مذهب ۽ ان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ سا ”سن“ مان جيڪڏهن ٻڌايون ته ڪيئن رهندو؟ ڇا لاءِ ته دنيا کي خبر نه آهي، پر جي ڪن کي آهي به صحيح، ته مفت ۾ ٿا ڳالهه لڪائين.“

    علامه آءِ آءِ قاضي اهو به فرمايو ته: ”سن شريف جي هڪڙي جاءِ ۾ مڪتبه حڪمت ۽ ٻيءَ جاءِ ۾ علمگير مذهب جو مرڪز ڏسڻ ۾ آيم.“

    15 جنوري 2003ع تي حيدرآباد ۾ ”جي ايم سيد سنڌ جا علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي بنياد“ جي عنوان سان ٿيل هڪ ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيو ته: ”آئون جڏهن پهرين، پهرين آمريڪا مان موٽي آيس ته سن ۾ سائين جي ايم سيد جن وٽ ويس ۽ اتي رهيس، جتي سائين جي ايم سيد سموري سنڌ مان سگهڙ ۽ ٻيا بزرگ گهرائي ڏنا، جن سان ڪچهريون ڪري، نقطا نوٽ ڪندو هئس. اهو لکپڙهه جو ڪم سن ۾ قائم سائين جي ايم سيد جي اوطاق ۾ وڇايل نک تي ويهي ڪيو ويو.“ هن پنهنجي تقرير ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ اها ڳالهه به ڪئي ته ”مون پنهنجي ڪنن سان ٻڌو، جيڪا ڳالهه مان اوهان جي آڏو ڪري ٿو ڇڏيان، ته مون سائين جي ايم سيد کي ايئن چوندي ٻڌو ته: ”هي پاڪستان نهايت ڏکيو قائم ٿيوآ، پر جيڪي پاليسيون هلن ٿيون سي ٺيڪ نه آهن. پاڪستان جو هن کي درد هو ۽ پاليسين تي هن جي تنقيد هوندي هئي. ٻڌايائين پئي ته هر ڳالهه غلط پئي ٿئي، هي ملڪ جيڪو ايڏي وڏي تڪليف سان اسان قائم ڪيو سو ڪهڙي طريقي سان ترقي ڪندو ڪيئن ڪندو!“

    سنڌ جي نامياري دانشور ۽ اديب محمد ابراهيم پنهنجي لکيل مضمون ”سندم ساٿ ڏڻي“ ۾ سن متعلق ساروڻيون بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”آئون جڏهن يارهن سالن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏاو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي معلوم ٿئي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو ۽ سن مان نئين جنم جي ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان.

    ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد، ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۾ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. آئون ڏاڍو هڪ ماٺيڻو ۽ لڄارو ڇوڪرو هوس. پاڻ کي بنهه اڪيلو سمجهندو هوس. سنڌي پنجين ڪتاب ۾ هڪ آکاڻي ”قرب ۽ همدردي“ هوندي هئي جنهن ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ پنهنجي ماءُ جي قبر تي هڪ ٻئي کي آٿٿ ڏيندي ۽ روئندي ڏيکاريل هئا. اها آکاڻي مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. ۽ جڏهن پڙهندو هوس تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيندو هوس. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. ۽ هونئن جو ڏاڏي کان ڊڄندو هئس، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌو مانس، ڏاڏو ۽ ڏاڏي ۽ ٻيا سڀ گهر جا ڀاتي حيرت ۾ پئجي ويا. ڏاڏو مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي هڪدم اٿي بيٺو، ۽ کيس ڳچيءَ ۾ جو منهنجو ڀاڪر پيل هو، سو آئون به لٽڪي پيس! مون کي ياد آهي ته ڏاڏي مون کي پوءِ نرڙ تي مٺيون ڏنيون ۽ منهنجو ڀاڪر آهستي ڪري ڇڏائي، پنهنجي ڀاڪر ۾ مون کي جهلي، هيٺ لاٿائين. ۽ پوءِ مون کي انهيءَ مهل پاڻ سان لڪيءَ وٺي ويو، جتي مون کي ڪپڙن جا به وڳا وٺي ڏنائين. درزي کي هيءَ تاڪيد ڪيائين ته قميصون ”انگريزي ڪٽ“ جون هجن ۽ سٿڻ جا پانچا ”شهري سلائي“ وارا تيار ٿين!

    هي سال 1927ع جو هو پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو. تڏهن مون کي ڏسي، سائين ڏاڏي کي چيو ته ”هن کي بورڊنگ هائوس ۾ نه پر شهر ۾ پنهنجي ڪنهن واقف ڪار جي گهر ۾ رهايو“ اها صلاح شايد ان ڪري سائين مناسب سمجهي جو مون سان ٻه اکر جو ڳالهايائين ته منهنجي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون. بنهه روئڻهارڪو ٿي ويس، ڳالهائڻ ئي نه اڪلي. مرڳو سرت کان ئي نڪري ويس، سو سمجهيائون ته هن ”ڇوڪرين جهڙي ڇوڪري“ لاءِ اڃا گهر جي سلامتي ۽ سک ۽ وڏن جو اجهو ۽ ڏڍ ضروري آهي. آئون سندن انهيءَ خيال ۽ انهيءَ فيصلي لاءِ سندن ٻين هزارين مهربانين سان گڏ، سڄي عمر ٿورائتو رهيو آهيان. ڏاڏي مرحوم پوءِ مون کي پنهنجي سينڌ ساڃهه واري سخي مرد، جمعدار اسماعيل خاصخيليءَ جي گهر ۾ رهايو. ۽ سڄا ٽي سال، جيسين ٽي درجا انگريزيءَ جا پڙهي پورا ڪيم، ان گهر ۾ رهيس. سندس گهرواريءَ کي ڏاڏي، پٽن کي ماما، ۽ سڄي انهن جي ويڙهي ۾ ڪنهن کي چاچو، ڪنهن کي ادا، ڪنهن کي ماسي، چاچي ۽ نانو چوندو هوس. ڄڻ آئون پنهنجي ڳوٺ ”آباد“ ۽ پنهنجي مائٽن جي ويڙهي مان الڳ ئي ڪونه هوس. ايتري قدر پنهنجائپ ۽ پيار اتي مون کي مليو. اهي ٽي سال ڄڻ منهنجي تربيت جا مکيه سال هئا. جن ۾ آئون پنهنجن پيرن تي بيهي ڪجهه اڪيلي سر ٻاهرينءَ دنيا کي منهن ڏيئي هلڻ جهڙو ٿيس.

    سائين جي ايم سيد، ان دور ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ جو ميمبر يا چيئرمين هوندو هو، ۽ پوءِ ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ به ٿيو. پاڻ ان سلسلي م وقت به وقت ڪراچيءَ ويندو هو. جڏهن موٽندو هو، تڏهن گهڻو ڪري پاڻ سان اسان انگريزي پڙهندڙ ڇوڪرن خاص طرح جيڪي مدرسي جي بورڊنگ هائوس ۾ رهندا هئا، تن لاءِ ڪراچيءَ مان ترڪي ٽوپيون، گرم ٽوپ، ۽ ڪتاب، نوٽ بوڪ، پينسلون ۽ انڊ پينون وٺي ايندو هو ۽ اچي اسان کي پنهنجن هٿن سان ورهائي ڏيندو هو. مون کي پاڻ هميشه محمد ابراهيم ڪري سڏيندا هئا. ۽ اڄ ڏينهن تائين ان پوري نالي سان مون کي سڏيندا آهن. اسڪول ۾ آئون هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر بيهندو هوس. ۽ مدرسي جي فارسي جي تحصيل ۾ مولوي صاحب منهنجي محنت ۽ هوشياري جي ساراهه ڪندو هو. سائين نه رڳو منهنجي پڙهائيءَ بابت پڇندو هو ۽ هر ڪلاس مان جنهن جنهن شاگرد جي هوشياري ۽ سٺي نتيجي جي رپورٽ کين ملندي هئي،تنهن کي سڏي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندا هئا. اهڙيءَ ريت گهڻو ڪري پنهنجي ڪلاس مان سدائين آئون سندن انهيءَ مهربانيءَ جو حقدار بنبو هوس. مدرسي جي بورڊنگ هائوس ۾ ويهي سندن مجلس هر انهيءَ جمعي نماز کان پوءِ ٿيندي هئي. جڏهن پاڻ سن ۾ موجود هوندا هئا. مدرسي سان گڏ جامع مسجد هئي، ۽ پاڻ جمعي نمازکان پوءِ عام جماعتين جي اڳيان تقرير ڪندا هئا، ۽ پوءِ بورڊنگ هائوس جي هال ۾ اسان شاگردن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪندا هئا. پهرين اسان کان سوال ڪندا هئا ۽ پوءِ پاڻ اسان کي ڪراچيءَ جي، اخبارن ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ۽ انهن بابت پنهنجا خيال ۽ رايا ٻڌائيندا هئا.“

    محمد امين خان کوسو وڏو محب وطن، جنگ آزاديءَ جو پروانو ۽ بي پاڪ سياستدان هئڻ سان گڏ ڪيترين ئي صفتن جو مالڪ هو. سندس خيال ۽ ارادا بلند هئا. انهن ئي خيالن جي روشني ۾ محمد امين خان کوسو سائين جي ايم سيد کي نصيحت ڀريا خط لکندو رهندو هو. جن لا ءِ سندس چوڻ هو ته ”اهي لکيا نه پر لکايا وڃن ٿا. مرحوم محمد امين خان کوسي سائين جي ايم سيد ڏانهن 1938ع کان 1973ع تائين 6567 صفحن تي مشتمل ساڍا پنج سئو خط لکيا. هو سن کي سياسي ڪعبو چوندو هو انڪري هن خاص قسم جو لفافو ڇپرايو هو جنهن تي ”سن سنڌ جو سياسي ڪعبو“ لکايو هئائين .

    جي ايم سيد فائونڊيشن طرفان سائين جي ايم سيد جي حوالي سان سالياني ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جيڪا سائين جي ايم سيد جي سالگره جي نسبت سان سال جي پهرين مهيني جي 15 جنوري تي ٿيندي آهي ان سلسلي ۾ 2006 ۾ ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري 15 جنوري تي ادبي ڪانفرنس نه ٿي سگهي پر پوءِ اهو پروگرام 26 فيبروري 2006 تي رني ڪوٽ جي اندر ميري ڪوٽ کان ٻاهر ميدان تي ٿيو. ان ڪانفرنس جو عنوان ”سنڌ جو قديم قومي ورثو“ هو. ان ڪانفرنس ۾ صدارتي خطاب ۾ ايم ايڇ پنهور ”سن“ متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار هن طرح ڪيو ته: ”هيءَ جيڪا سن نئين آهي، ان جو اهو ڪمال آهي ته اها تمام زور سان وهندي آهي. وهي رڳو 5_6 ڪلاڪ ٿي يا 8 ڪلاڪ. وڌيڪ نه ٿي هلي، اها وڃي سنڌو درياءَ جي پرئين ڀر ڌڪ هڻي ٿي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سن شهر اڄ تائين سلامت پئي رهيو آهي. اسان کي سن جي جنهن تاريخ جي خبر پوي ته اهو 1450کان پوءِ ته سلامت رهيو ئي رهيو آهي، پر ممڪن آهي ته اهو اڳ ۾ هجي.

    سن کي سنڌو درياءَ نه پاتو آهي. جيتوڻيڪ درياءَ اولهه طرف وڌندو رهيو آهي، جنهن ڪري آمري پنهنجي جاءَ مٽائي آهي. مانجهند ٽي چار دفعا مٽيو آهي. ٻڍاپور مٽيو آهي. انڙپور مٽيو آهي، کاڻوٺ مٽيو آهي پر سن پوزيشن نه مٽائي آهي. سن جي اوهان هڪڙي هڪڙي گهٽي کوٽيو، اٺ ڏهه فوٽ کوٽيو ته توهان کي سن منجهان 8 سئو سالن جي تاريخ ملندي. رڳو کوٽائي ڪري ڏسو. اها به اسان لاءِ هڪ آرڪيالاجيڪل سائيٽ به آهي.

    هاڻ سن کي سنڌو کائي پيو، ان جو سبب اهو آهي ته هي جيڪو روڊ ٺاهيائون ان لاءِ جيڪا سن نئين تي پل ٻڌائون، ان جي بيهڪ اهڙي رکي اٿن جو درياءُ سن کي کائي ويندو. ان ڪري منهنجي صلاح اها آهي ته اهو جيڪو R.B.O.D نالو ٺاهين ٿا انهيءَ لاءِ کين صلاح ڏجي ته ان کي ٿورو ٽيڏو رکن ۽ ان کي موڙ ڏين ته اهو اڳتي وهڪري ۾ وڃي پوي.

    رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ پنهنجي لکيل ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ سن متعلق ساروڻين ۾ سماجي۽ ثقافتي رهاڻين جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”جي ايم سيد سان ٿيل گڏجاڻين ۾ راڳ رنگ جون ڪي ثقافتي رهاڻيون، پيش ڪجن ٿيون،جن مان هڪڙي سن جي درياءَ جي ڪناري پاڻيءَ جي تغياني ۽ جذبات جي فروانيءَ ۾ ٿيل هئي، ۽ ٻي محفل ڦليلي ندي منجهه، ٻيڙين جي رواني، ڪنارن، نظارن ۽ سبززارن مان ٿيندي ماتليءَ واري. ‘ماءِ نيسٽ‘ جي اڳڻ ۽ ايوانن کي اجاري منور ۽ روشن ڪندي هئي.......“

    سنڌ صادقن جي آهي، اهو سڀئي تسليم ڪن ٿا. اهو به مڃين ٿا ته، سنڌ سوا لک اوليائن جو آهي. سنڌ ۾ ڪيئي پير، فقير، سيد، امير، پاڳارا، مجزوب، مخدومزاده ۽ پيرزاده آهن. پر سنڌ جو سائين فقط هڪڙي غلام مرتضيٰ شاهه، سيد کي سڏيو وڃي ٿو. جنهن کي سڄي سنڌ ... سن ۾ سمائي کيس سن جو سائين به چوندي آهي. شاگردن کان پروفيسرن تائين، هارين کان مزدورن تائين، بي علمن کان عالمن تائين، بيوقوفن کان دانشورن تائين، عابدن کان عارفن تائين، سڀئي کيس تسليم ڪن ٿا. ملان، مولوي، عالم، اديب، شاعر ۽ موسيقار به سندس ذڪر ۽ فڪر کان واقف آهن. پوءِ اهو ذڪر خواهه تعريفي هجي، خواهه تنقيدي، گهڻو ڪري ملان ۽ مولي جي ذهن ۾ چڀيندڙ آهي. عابدن ۽ عارفن کي وڻندڙ آهي.

    عالم، عابد ۽ دانشور سندس انڪار کي تسليم ڪن ٿا، نيم ملان خطره ايمان جن جي رسائي سندن فڪر تائين پهچي نه ٿي سگهي. سي مٿس ڪفر جون فتوائون ڏيئي، نڪته چينيون ڪندا رهن ٿا. پر پاڻ سدائين سنجيدگيءَ ۽ مسڪراهٽن سان انهن نڪته چينين ۽ تنقيدن کي هضم ڪري ڇڏي ٿو. بهرحال ٻنهي طبقن ۾ يڪسان اهميت جو مالڪ آهي. پوءِ چاهي ثنا خواه هجن چاهي گلا خور، چاهي رحماني هجن چاهي شيطاني، هر حال ۾ کيس مڃيندا رهن ٿا.

    اڳتي لکن ٿا ته: ڦليلي جي ڪناري آئون پنهنجي تفريحي چبوتري نماءُ ڪٽهڙي تي ويٺو هوس جنهن کي انقلابي شاعر ”تنوير نقوي“ ’عدالت ڪا ڪٽهڙا ‘ چوندو هو، ته اوچتو غيبي عنايت ٿي آيل سنڌ جي سائين جو سن مان موڪليل خط پهتو. کولي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته پراڻين يادن کي ياد ڏياريندي، جيڪي روبرو يا خط و ڪتابت ذريعي ٿيل هيون ”سن” اچڻ جي دعوت ڏني هئائون. مزيد اهو به لکيائون ته توهان جي ثقافتي رهاڻين ۽ محفلن جي شهرت فضائن ۽ هوائن رستي اسان تائين به پهچي چڪي آهي. تنهن ڪري چاهيون ٿا ته، انهيءَ راڳ رنگ جي محفل ۾ پهچي اسين به لطف اندوز ٿيون.

    انهيءَ خط پڙهڻ کان پوءِ گهڻي سوچ ويچار بعد، انهيءَ فيصلي تي پهتس ته، فضائن ۽ هوائن سان گڏ محمد ابراهيم جوئي، غلام رباني، ٻيا اديب ۽ ادب نواز دوست، انهيءَ شهرت يا بدنامي جو باعث بڻيا آهن. جن سائينءَ جي اڳيان ثقافتي پچار ۽ ذڪر اذڪار ڪري کين آمادهه ڪيو هوندو. جنهن ڪري ئي دعوت نامو موڪليو اٿن.

    ممڪن آهي ته (جوئي، رباني، ۽ اياز وارن سان رچايل) ”سنڌي ادبي بورڊ“ واري محفل ۽ منهنجين دارالامان وارين مجلسن جو چرچو به شهرت حاصل ڪري بامِ عروج تي پهچي، سيد تائين پهتو هجي. جنهن جي صلي ۾ ئي اها دعوت عمل ۾ آئي هجي...!

    آئون به سرخم ڪندي، بسر و چشم، پنهنجي فنڪارن سميت ”سن“ پهتس، منهنجي فنڪارن ۾ عثمان، مٺو هاشم ڪڇي، حسين بخش ميراڻي، ”جوڳي“ فقير کوسو سرندو نواز شامل هئا. اسان جي موٽرن جو آواز ٻڌي سيد سائين پيش قدمي ڪندي، خوش آمديد چئي آجيان ڪري پاڻ سان گڏ وٺي، هلي سندن خاص بنگلي اندر ويهاريو. جيڪو ”مهراڻ“ جي ڪناري هو. نوٽ بڪ ۽ پينسل سندن هٿ ۾ هئا. پڇڻ تي ٻڌايائون ته: ”عادي نشين، جوارين، چورن ۽ سياستدانن وانگر مون کي به ڪتاب لکڻ جي عادت نه بلڪهِ عشق آهي. ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿم. تنهن ڪري ئي نوٽ بڪ تي ياداشتون درج ڪري ڇڏيندو آهيان، اهڙيءَ طرح ڊائري به لکندو آهيان، جن تان نوٽ وٺي، ڪتاب لکڻ ۾ مدد ملندي اٿم“

    مون کي اتي جو ماحول ڏاڍو پسند آيو. سندس بنگلي ۾ رهڻ ڪرڻ وقت شعر شاعري، ادب ۽ فن موسيقي سان گڏ ٿيٽر تي به تبادله خيال ٿيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته مون سان گڏ ٿيئٽريڪل دنيا جو جديد ماهر عبدالغفور ”پروانو“ به هو . جنهن جي سڄي زندگي ٿئيريٽيڪل ڪمپنين ۾ ئي گذري هئي. جيڪو ڪڏهن مردانو پارٽ ته ڪڏهن زنانو پارٽ، ڪڏهن بدمعاش ولين جو ڪئريڪٽر ته ڪڏهن مسخرن جو سردار، ڪڏهن پيءَ جو پارٽ ته ڪڏهن ڊانسر، ڪڏهن مالڪ ته ڪڏهن وري ڊائريڪٽر بڻجي ڪم ڪندو رهيو. ”ڪتاڪلي“ ڊانس جو به وڏو ماهر هو. جنهن جي تتڪار توڙا ۽ پرتون به برزبان ياد هيس. ڪلاڪار هجڻ جي حيثيت ۾ اداڪاري سان گڏ وڏو نرتڪار به هو. ظرافت ۾ اچي بذله سنجي ۽ مزاحيه اداڪاري ۾، عوام کان دل کولي خوب داد حاصل ڪندو هو.

    جنهن وقت سيد سان تعارف ڪرايم....! بين الاقوامي ٿيٽر، اوپيرا ۽ ويرائٽي پروگرامن جا، ڪيئي ذهني ۽ زباني ڪتاب کولي ويهي رهيو. فن موسيقيءَ تي به دل کولي تبصرو ڪيائين. جيڪا اسان جي مشرقي موسيقيءَ سان ملندڙ جلندڙ ۽ تيز ردم ۾ جذباتي هوندي آهي. ۽ انهن دانهن چيخن پڪارن جي پڙلاءُ تي ئي ختم ٿيندي آهي. انهيءَ رهاڻ مان به، ڪافي لطف اندوز ٿياسين. جنهن ۾ موسيقيءَ بابت عالمانه بحث مباحثو ٿيو. ”پرواني“ لاءِ اها ڄاڻ پروڙ ۽ معلومات بلڪل نئين، جديد، انوکي ۽ نرالي هئي.

    تنهن کان پوءِ سيد سائين سندن بنگلي جي سامهون درياءَ واري ڪناري مٿي ٺهيل نهايت وسيع و عريض خطه زمين تي تعمير ڪيل وڏن شاندار ٿلهن ۽ چبوترن تي وٺي آيو. جتي سندن سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون. جن تي هزارين نه خير پر.... جيڪڏهن مبالغو نه سمجهيو وڃي ته لکين ماڻهن جي سمائجڻ جي گنجائش هئي، جنهن جي سامهون سنڌو درياءُ آهي،،،، اهو جون جولاءِ گرمين ءِ آب ڪلياڻي جو وقت هو. اتان واپس ٿي بنگلي تي پهتاسون ته ٻنپهرن جي مانيءَ ۾ اڃا به ڪجهه دير هئي. حالانڪه ٽي وڄي چڪا هئا. مون ڏٺو آهي ته اڪثر ڪري سيدن، پيرن ۽ ميرن جي ماني دير سان ٿيندي آهي. پوءِ بکايلن جا ڀلي لاهه ۽ ساهه ڇو نه نڪري وڃن.

    خدا خدا ڪندي ساڍي ٽين بجي ڌاري ماني ملي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڊشز هئا. ٻڪن جا ٻوڙ، پلاءَ قورما، روسٽ، زردا، روسٽ ٿيل ڪڪڙ، پڪل رانون، ڪباب، بلڪه ايتري قدر جو ويندي مٺي ڊش پڊنگ تائين موجود هئا. کائي پي دوءُ ڪري رڄ ٿي، ٿڪ پڃڻ خاطر سمهي آرام ڪيوسين. پر پاڻ دبلو پتلو، ضعيف ڪمزور، هڏن تي مٺ گهمندو ڦرندو هلندو چلندو، انتظامي نگراني پڻ ڪندو رهيو. تنهن کان اڳ کاڌي پيتي جا ايترا سارا طعام ڏسي مون کيس چيو ته ”ڇا اسان کي مهمان سمجهيو اٿو؟“ جنهن تي مسڪرائيندي پاڻ جواب ڏنائون ته ”اهي ساڳيا اکر مون فقير بخش ڪاڇيءَ جي اڳيان چيا هئا. جنهن اسان جي مهمانيءَ ۾ ٺينگو ڏيکاريندي چيائون ته، مهمان کائين اهو...! باقي سڀ ڪجهه پنهنجن لاءِ ئي ڪيو آهي. سو توهان کي به ساڳي ڳالهه دهرائي آهي. ..... تنهن لاءِ منهنجو به ساڳيو ئي جواب آهي....!“

    تنهن کان پوءِ آرام ڪري شام جو تر تازوه ۽ نو بنو ٿي درياءَ جي مٿان ٺاهيل وڏي ٿلهي ۽ چبوتري تي ثقافتي محفل ۾ پهتاسون. جيڪا سيد سائين گلم غاليچا وڇرائي، گائو تڪيه لڳرائي اڳيئي سينگاري سنواري سجائي ٺاهي تيار ڪرائي ڇڏي هئي. جتي پهچي پنهنجي فنڪارن کي سندن فن جي مظاهري پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنم. جن نغمه پيش ڪرڻ کان پوءِ راڳ رنگ شروع ڪري ڏنو. سڀ کان پهرين فقير حسين بخش ميراڻي وارو ورتو، جنهن کان پوءِ مٺو ڪڇي لوڪ رس ڪافيون ڪلام پيش ڪرڻ سان گڏ ”سن سيد ۽ درياه“ تي پنهنجو ذاتي ٺاهيل ڪلام ٻڌايو، جنهن جا ٻول هئا ته:

    واه واهه وڻن ٿا سن جا نظارا،

    سدائين سيد سائين جا وسن اوطارا.

    (1)

    هيڏانهن شاهه سيد، هوڏانهن شاهه دريا،

    آهن سرس سونهن ۾، ٻئي موجن ڀريا،

    هجن شال برحال، سنڌ جا سڌارا،

    واهه واهه وڻن ٿا...........

    (2)

    هڪ رات محفل ڪئي حاڪم حجازي،

    هئا عاشق، حقيقي مجازي،

    وٺو نور ڀريو،بادل بهارا،

    واهه واهه وڻن ٿا........

    (3)

    هتان هاڪ ٻڌندي ٿي هينئڙو ڏريو،

    گذرياسي، گوهر کي، جسم جان ٺريو،

    ملڻ سان ”مٺن“ جا ويا غم غبارا.

    واهه واهه وڻن ٿا ............

    مٺو ڪڇي کان پوءِ سندس ڀاءُ عثمان، يڪتارو سانڀاهي اڃان پنهنجو راڳ شروع ڪرڻ وارو هو، ته مون کي پنهنجي مستيءَ مجنون بڻايو، هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي ”مصري شاهه“ جو ڪلام موقعي جي مناسبت مطابق ”بهاڳ“ راڳ مان شروع ڪيم، جيڪا منهنجي پراڻي عادت آهي ته هميشه ٻين جي رنگ ۾ ڀنگ بڻجي ٽپي پوندو هوس. انهيءَ ڪافيءَ جا ٻول هيٺ پيش ڪجن ٿا.

    وائي

    جاني ڏسي تنهنجي جاءِ، تسالو ٿيون تسلاون،

    (1)

    جت نهايت ناه، حسن هدايت في هر شئين،

    سبب تنهنجي سائي، ملڪ فلڪ سڀ موجون لايون،

    جاني ڏسي ...........

    (2)

    لاهي حجابا حورون، پريون چاڪ چشمن سان ڪيئي چريون،

    الٽا ديد اڙائي،تجلي ڏيئي تو ترسايون،

    جاني ڏسي ................

    (3)

    جيئن لهي تيئن پرين ۾ ٺاهيو، ’مصري‘ کان پنهنجو منهن ۾ لڪايو،

    پاند پيارل لاءِ، سهڻا سائين ڇڏ سٻرايون،

    جاني ڏسي ...............

    مون مٿين ڪافي اڃا ختم ئي مس ڪئي هئي ته عثمان ڪچي پنهنجي گرجدار آواز ۾ ڍڍڪار ڪري ”تلنگ“ مان ڏوهيڙو ڏنو. تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ مٺو ڪڇي ۽ هاشم ڪڇي ڊولڪ نواز وري ساڳئي مضمون واري ميل جا ڏوهيڙا ڏنا. جنهن تي وري به عثمان ڏوهيڙو ڏيئي ڪلام پيش ڪيو جنهن جا ٻول هتي ڏجن ٿا.

    ڪلام

    ڏٺم ديد دلبر، الا قليلا،

    وري پيو وڇوڙو، هجرا جميلا.

    (1)

    پيو پسجي ساه، ارض وسما ۾،

    ڪيو دور دنيا جو ڪسيبم مهيلا،

    ڏٺم ديد ..............

    (2)

    حڪم سان هڻي يار هڪدم ڊيڄاريو،

    سنلڪي عليڪ قولن ثقيلا،

    ڏٺم ديد ..............

    (3)

    برهه باه ٻاري، جسم جي جلايو،

    ظلالي پياريو، پريزن جميلا،

    ڏٺم ديد ..............

    (4)

    رويو ”رشيد احمد“ ڪري درد دانهون،

    چڪي ويا غريب الوطن جا وسيلا،

    ڏٺم ديد ..............

    انهيءَ مٿئينءَ ڪافيءَ ڪلام، سامعين ۽ شائقين تي، پنهنجو ڏاڍو اثر ويهاريو. چئني طرفن کان واهه واهه جا داد ملڻ لڳا. آئون حسب معمول ڏهين ڏهين جا نوٽ اٿي گهورڻ لڳس ته سيد سائين پري کان هڪل ڪندي مون کي چيو ته، ”نه نه.... رئيس صاحب! نه هرگز نه... اسان وٽ هتي اهو رواج ناهي“ جنهن تي مون کيس جواب ڏيندي چيو ته، ”سائين اوهين ڀلي پنهنجي رواج تي ئي رهو، پر اسين پنهنجي روايت ۽ ريت موجب ئي رهنداسين، ڇاڪاڻ ته بغير ڏيتي ليتيءَ جي راڳ رنگ جي محفل مچي گرم ٿي ئي نٿي سگهي. تنهن کان سواءِ اسان جا جاهل فنڪار گُهر جي پيسي تي هريل آهن.“ جنهن تي وري به پاڻ وراڻي ڏنائين ته ”اسان اها ڏيتي ليتي بعد ۾ ڪندا آهيون.“

    عثمان ڪڇي پنهنجن ڀائرن جي مدد سان لاڳاتار ۽ مسلسل چار پنج ڪافيون ۽ ڪلام ٻيا به چئي ويو. جن هيڪاري وڌيڪ گرمي پيدا ڪئي. آخر ۾ ”ڀيروي“ راڳ منجهان هڪڙي ڪافي پيش ڪيائين، جنهن ۾ وري به آئون حسب معمول ساڳي راڳڻيءَ ۾ ٽپي پيس ۽ اردو ۾ هيٺيون گيت پيش ڪيم:

    عجب هي يه زندگي، عجب هي يه زندگي،

    ڪبهي هي غم ڪبهي خوشي،

    ڪبهي هي غم ڪبهي خوشي.

    (1)

    يه قفلا رڪي ڪهان،ڪه منزلين هين بي نشان،

    ڇپي هوئي هين راستي، يهان وهان دهوان دهوان،

    خطري هين ڪتني راه مين، سفر هي ڪتنا اجنبي.

    عجب هي يه زندگي ........

    (2)

    يه گال زرد زرد سي، اٺي هين غم ڪي گرد سي،

    ستم رسيد دل يهان، دهڙڪ رهين هين درد سي،

    يه صورتين ڪه جن په هي ستم کي داستان لکي

    عجب هي يه زندگي ........

    (3)

    هين بهتري ڪي واسطي، تو يه ستم بهي قبول هين،

    چنين گي پهول جان ڪر، جو راه مين ببول هين،

    خوشي سي غم سهين گي هم، جو غم ڪي بعد ملي خوشي.

    عجب هي يه زندگي ........

    انهيءَ گيت کي شروع ڪرڻ وقت مٺو ڪچي مون کي هڪل ڪري چيو ته: ”بابا سر مٿي آهي، نڀائي ڪو نه سگهندئو...! ترسو ته سر هيٺ ڪريون!“ مگر مون پنهنجي نستيءَ جي گرمي ۾، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، ساڳئي سر تي ڳائي پورو ڪيو. ڀري محفل ۾ ماڻهن واهه واهه ڪندي، تاڙيون وڄائيندي، نعرا هڻندي داد تحسين ڏنو. اهڙي طرح اها محفل پنهنجي اختتام تي پهتي، اسان به پنهنجي فنڪارن سميت رات واري ماني کائي آرام ڪيو.

    ٻئي ڏينهن علالصباح سيد سائين ڪتابن جا بنڊل کڻي اسان وٽ پهتو، جن مان ڪي فقط ڏيکاريائين، باقي ڪن تي وري پنهنجن هٿن سان پريزنٽ لکي پنهنجي صحيح ڪري تحفي طور منهنجي حوالي ڪيائين. اهڙيءَ طرح اها صبح واري ڪچهري ۽ رهاڻ به باوجود موڪلائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندي به ٻنپهرن تائين قائم رهي. جنهن ۾ عثمان ڪڇي مزيد جوڙو ڪافين جو ڳايو. مون وري ”دام و دانه“ جي عنوان سان “”شيطاني دربار“ وارو انقلابي نظم پيش ڪيو، جنهن سيد تي ڪافي گهرو اثر ڪيو. جنهن لاءِ شيخ اياز جي شاعري کي ڪابه اهميت نه ڏيندي منهنجي پيش ڪيل نظم لاءِ انتهائي عظيم بلند و بالا ۽ شاندار ريمارڪس ڏنائين.

    رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ سن ۾ ٿيل رهاڻ جي ساروڻي ۾ لکيو ته: ”هڪڙي ڀيري سنڌ جي سائينءَ غلام مرتضيٰ شاهه سيد کان خط پهتو ته ’پير حسام الدين شاهه راشديءَ سان فيصلو ٿيل آهي، جيڪو تازو سن ۾ آيل هو، ته ايندڙ چوڏهينءَ چنڊ واريءَ رات جيڪا 3 مئي تي ٿيندي، رئيس ڪريم بخش خان کي به گهرائيندا ته جيئن ساڻس ويهي ڪا روح رهاڻ ڪجي. ڇاڪاڻ ته ساڻس ڪچهري ڪندي، ڪافي عرصو گذري چڪو آهي. تنهن سان گڏ رئيس صاحب کي اهو پڻ چوندا ته عثمان ڪڇي راڳيءَ کي به پاڻ سان گڏ وٺيو اچي. جنهن جي ڳائڻ ٻڌڻ جو کيس به ڏاڍو شوق آهي.

    انهيءَ سان گڏ اهو پڻ چيو اٿائين ته رئيس صاحب لاءِ هڪڙي قسم جو خاص تحفو به آڻيندس، جيڪو نهايت قيمتي آهي. تنهن ڪري اوهان کي هڪ مهينو اڳواٽ اطلاع ڏيئي رهيو آهيان، ته جيئن وقت سر اوهان پهچي سگهو. ”تنهن کان پوءِ ساڳئي مضمون جو اهڙو اطلاعي خط محمد ابراهيم جوئي کان به مليو. تنهن ڪري آئون انهيءَ پروگرام تي پهچڻ خاطر، پاڻ کي تيار ڪري، هزارها بيچينين سان، انهيءَ تاريخ ۽ ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳس. تنهن سان گڏ اهڙو اطلاع ڪڇي برادران کي به موڪلي ڏنم.

    مٿئين فيصلي ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ تحفي متعلق سوچڻ لڳس، جيڪو پير حسام الدين راشدي کان تحفتن ”رشوت“ ۾ ملڻو هو! گهڻي دماغ سوزيءَ ۽ سوچ ويچار کان پوءِ ايئن محسوس ڪيم ته ”اهو تحفو يقينن شرابن طهورا ئي هوندو. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ۾ مون کي اها خبر هئي ته پير صاحب کي، غير ملڪي سفارتخانن مان اهڙا ڪيئي تحفا نذراني طور اڪثر و بيشتر ملندا ئي رهن ٿا. پر جيئن ته پاڻ اهي استعمال نه ڪندو هو، تنهن ڪري ٻين دوستن جو انتخاب ڪري، اهڙا تحفا کين پريزنٽ ڪندو هو.

    الله الله ڪندي آخر اها 3 مئي، جي چنڊ واري رات ويجهي آئي، آئون به ”عثمان ڪڇي برادران“ کي ساڻ ڪري سن پهتس، پر پاڻ ته آيو. باقي ٻيا آسي پاسي، درياءَ جي ڪنڌيءَ ڪناري ۽ جبلن تان هزارن جي تعداد ۾ سيد سائينءَ جا معتقد، پيروڪار ۽ تماشائي اتي اچي گڏ ٿيا هئا. درياءَ جي ڪناري مٿان، انتهائي وڏي ۽ ڪشادي سيمينٽ جي ٺهيل ٿلهي تي، راڳ رنگ جي محفل متي. جنهن ۾ حافظ فيض محمد نابينا، سڀ کان پهرين ”بهاڳ“ راڳ مان ڪلاسيڪل انگ ۾ ”خيال“ پيش ڪيو، جنهن جا ٻول هئا:

    يهي تو هي فقيرون ڪي پياري چال،

    کان کلانا،نه رکا، ڪل ڪو دينا ڌال

    يهي تو هي فقيرون ڪي پياري چال.

    تنهن کان پوءِ وري به حافظ فيض محمد نابينا، زمان شاهه جي ڪافي پيش ڪئي، جيڪا پڻ هيٺ ڏجي ٿي.

    ناهي رب عرب ۾ ڪو به فيق،

    مون کي عشق پڙهايو آهي سبق.

    ......تنهن کان پوءِ لوڪ ڪافين جي ڪلاڪار، سنڌي راڳين جي چنڊ عثمان ڪڇي هڪڙي ٻي به پراڻي ڪافي ڳايائين، جيڪا ڪنهن وقت ڀڳت ڳائيندا هئا. ۽ منهنجي امڙ به جهونگاريندي هئي. جنهن کان سندس عزيز، قريبن ۽ مٽن مائٽن جو وڳ وڇڙي ويو هو.

    عمر ياد آيا اڄ ڪي اباڻا،

    وهن نير جن لاءِ نيڻئون نماڻا.

    انهيءَ ڪلام جي جوڙ ۾ ”جيئي سنڌ“ وارو نظم ”ڀيروي“ ۾ پيش ڪيائين. جنهن جا بند هيٺ ڏجن ٿا.

    جيئي سنڌ، جيئن سنڌ وارا،

    چمڪن چوڌاري، جيئن چنڊ تارا،

    سنڌڙيءَ سان سيد، سدا آهي ساڻي،

    دريا گهاءَ ڪيو تاءَ، پلٽي روز پاڻي،

    وهن پيا ڏهاڙي، ننديون نير نارا،

    جيئي سنڌ جيئي سنڌ...............

    انهيءَ جيئي سنڌ واري نطم، سڄي محفل کي جهولائي، جهومائي، سرشار ڪري، مست بنائي، وجد ۾ آڻي، نچائي ڇڏيو. جن ۾ سنڌ جي سائين جا پيروڪار، ڪاليجي شاگرد، سيکڙاٽ ليڊر، اديب ۽ صحافي،جن ۾ ڪي تار مڪان ۽ لئه وارا هئا، ته ڪي، وري بي تارا ۽ بي ليا هئا. جن ايڏو ته کڻي اڌم مچايو جو آئون ۽ سيد سائين ته خير، پر حفيظ قريشي ايڊوڪيٽ جهڙو هيوي ويٽ، رڙهڻ، رسڪڻ، پويان هٽڻ ۽ پاڻ بچائڻ لڳو ته جيئن سندس مٿان ڇوڪرا نه ڪري پون. اها روئداد ڏسندي، سنڌ ۾ سمايل ”سن جي سائين“ انهيءَ ڪلام پوري ٿيڻ تي، بروقت محفل برخواست ڪري، رات جي ماني کارائڻ لاءِ انتظام ڪرايو. ورنه اها محفل به ڪافي وقت هلي ها. انهيءَ محفل کي جلدي بند ڪرائڻ جو ڪارڻ، اول ته پير حسام الدين راشدي جي غير موجودگي، ٻيو ڇوڪرن جي هلا گلا ۽ ٽيون ممڪن آهي ته سيد سائين کي انهيءَ ڪلام جي اثر ۾ ئي رهڻو هو.
     
  2. خدابخش جويو

    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو