آخر اسان جي سماج ۾ ننڍڙي عمر ۾ شادي جي رسم ڪڏهن ختم ٿيندي...

'تعارف' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2015۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آخر اسان جي سماج ۾ ننڍڙي عمر ۾ شادي جي رسم ڪڏهن ختم ٿيندي...

    وحيد رزاق مستوئي

    ٻارڙا ۽ گل هن ڪائنات جي فطري سونهن آهن ۽ اسان جي هن سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ حقن جي پائمالي عورتن ۽ ٻارن جي ٿئي ٿي، جنهن جو تازو مثال ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ متارو شر ۾ پيش آيل انسانيت سوز واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو جتي ستين درجي جي شاگردياڻي 12 سالن جي گلن جهڙي نياڻي نگهت ڌيءُ نعمت شر کي والدين پاران زبردستي پيئسن عيوض پنجاب جي شخص سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي جنهن تي ان معصوم گلن جهڙي نياڻي ان پرڻي کان انڪار ڪندي وجھ وٺي ڏهرڪي شهر جي ٿاڻي تي پهچي وئي جتي نگهت ڏهرڪي ٿاڻي تي پوليس ۽ اتي پهتل صحافين کي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ والد منهنجي شادي پنهنجي ڀائٽي ڪاشف پٽ عبدالطيف جيڪو ذهني معذور هو ان سان ڪرڻ گهري جنهن خلاف مون بغاوت ڪئي جنهن تي منهنجي ماءُ ۽ چاچي منهنجي اها مڱڻي ختم ڪرائي ۽ بعد ۾ منهنجي لالچي ناني ٻڍو شر منهنجي شادي پنجاب واسي غلام ياسين پٽ کبڙ سان مونکان پڇڻ بجاءَ طئي ڪئي جنهن لاءِ هن کبڙ کان پئسا پڻ ورتا هاڻي منهنجو پيءُ ۽ نانو مون کي ان شخص سان زبردستي پرڻائڻ چاهين پيا آئون اتان نڪري پنهنجي زندگي بچائي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهتي آهيان نينگري صحافين کي ٻڌايو ته مان هن وقت ستين ڪلاس ۾ پڙهي رهي آهيان پنهنجي تعليم اڳتي جاري رکڻ چاهيان ٿي شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان پوليس مونکي تحفظ فراهم ڪري، جڏهن ته ايس ايڇ او ڏهرڪي اتان جي صحافين کي ٻڌايو ته وچ ۾ چڱا مڙس آيا آهن نينگري جي والدين ۽ سندس ويجهن عزيزن ۽ نينگري جي مسئلي تي ٺاهه ٿي ويو آهي هن چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان اڄ نينگري کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪنداسين. ٻئي طرف نينگري جي چاچي سليم شر الزام مڙهيندي چيو ته نينگري جو نانو ٻڍو شر لالچي قسم جو شخص آهي هن پهرين به پنهنجون 2 ڌيئرون شفيعه ۽ ماريه پئسن عيوض پنجاب وڪرو ڪيون آهن هو پنهنجي ڏوهٽي نگهت کي به ساڳين ماڻهن وٽ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو ٻئي طرف پوليس نينگري جي دانهن تي سندس پيءُ ۽ ناني کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي انهي انسانيت سوز واقعي کانپوءِ هتان جي ساڃاهه وندن ۽ علمي ادبي حلقي ۾ اها ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي ته ساهتي پرڳڻي جو درجو رکندڙ ضلعي ۾ ان قسم جو جاهلاڻو ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارو ڪم ٿئي ٿو ته پوءِ اسان جي سماج ۾ گلن جهڙن ٻارن خاص طور تي نياڻين جي زندگي ڪيتري محفوظ هوندي جڏهن هڪ 12 سالن جي ٻارڙي جنهن جي عمر اڃا پوپٽن جي پويان ڊوڙڻ ۽ گڏين سان راند ڪرڻ واري هجي انهي جي مرضي ۽ خواهشن کي ڪچليندي سندس والدين ئي ان کي جيئري جهنم حوالي ڪندا هجن ۽ نابالغي واري عمر ۾ کيس ڪنوار بڻائڻ جو زبردستي ڀوائتو خواب ڏيکارين تڏهن انساني ۽ ٻارڙن جي حقن وارين تنظيمن جون دعوائون ڌوڙ ٿيندي نظر اچن ٿيون اسان جي بي حس سماج اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن جنهن ڪري هاڻ ته ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون ڪيترين ئي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ڀوڳي رهيون آهن جن جا ڪيس ميڊيا تائين نٿا پهچي سگهن پر ڏهرڪي جي ڳوٺ متارو شر جي رهواسڻ معصوم گلن جهڙي سادي نياڻي نگهت يقينن خوش نصيب آهي جو سندس ڪيس ميڊيا تائين پهچي ويو ۽ غلط رسمن کان بچي وئي ان نياڻي کي ٻڌايو ويو ته تنهنجي شادي آهي پر ان کي اها به خبر نه آهي ته شادي ڇا آهي؟ سچ پڇو ته اکين مان ڏک جا ڳوڙها ڳاڙيندي اهي لفظ ذهن ۾ اچن پيا ته الائي ڪڏهن اسان ماڻهن جي هنن غلط ريتن رستمن مان جان ڇٽندي ۽ معصوم گلن جهڙيون نياڻيون پنهنجي خوش زندگي گذارينديون. معصوم نياڻين کي هن وقت به زبردستي پرڻائڻ وارو رواج ختم نه ٿي سگهيو اڃا به معصوم نياڻين مٿان ظلم ڏاڍ جبر جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ جي شادي هڪ اهڙو ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه صرف قانون ٺاهڻ پر ان تي عمل ڪرائڻ جي به ضرورت آهي هاڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو پيو وڃي ته شادي لاءِ ڇوڪري جي عمر به 18 سال ڪئي وڃي پر ان ڳالهه تي عمل تڏهن ممڪن آهي ته ان لاءِ اهو شرط لازمي رکيو وڃي ته ڇوڪرو يا ڇوڪري جي شادي لاءِ انهن جو شناختي ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ شادي لاءِ نڪاح نامو ضرور ڀريو وڃي ۽ ان ۾ شناختي ڪارڊ نمبر به هئڻ گهرجي ان سان گهڻو ئي بهتر نتيجو نڪرندو ۽ انهن شين تي عمل ڪرائيندڙن تي ڳرا ڏنڊ رکيا وڃن ۽ سزا به ڏني وڃي ته جيئن ان عمل کي روڪي سگهجي.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو