ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ ڪَوهِيَارَي جِي ڪَاءِ، ڳِنِيَو ڀُوڻَان ڳَالَڙِي سُرُ سَسُئِي حُسَينِي ڇِپُنِ = وڏن پهڻن ڇِنَا = ڦٽيا، زخمي ڪيا، رتو رت ڪيا مَاءِ = او جيجل ماءُ ڪَوهِيَارَي = جبل جي رهاڪوءَ، پنهونءَ ڪَاءِ = ڪائي ڳِنِيَو = وَٺِيُون، کنيون ڀُوڻَان = گهمان، هلان ڳَالَڙِي = ڳالهڙي، سَارَ، يادگيري بيت جو پس منظر ~ او جيجل ماءُ! هنن پهڻن تہ منهنجا پير رتو رت ڪري ڇڏيا آهن. ~ پوءِ بہ محبوب پنهونءَ جي ڪا ڳالھ سانڍيون اڳتي هلندي پئي وڃان. سمجهاڻي او منهنجي جيجل ماءُ! جبل جو پنڌ ڏاڍو ڏکيو، اذيت ۽ عذاب ڏيندڙ آهي. هنن اوچن پهاڙن ۽ پهڻن تہ منھنجا پير زخمي ڪري، ڦٽي ڇڏيا آهن. منهنجي رتو رت ٿيل پيرن مان رت ٽمي رهيو آهي، پر مان پنهنجي پرينءَ جي يادگيرين ۽ ساروڻين سهاري جبل جهاڳيندي اڳتي وڌندي پئي وڃان. ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوبَ ۽ منزلون ماڻڻ ڪو سولو ۽ آسان ڪم ناهي. هن راھ ۾ ڪيئي مصيبتون، مشڪلاتون، رنڊڪون، رڪاوٽون، اذيتون ۽ عذابڀوڳڻا پوندا آهن. پر سسئيءَ جيڏو عزم ۽ حوصلو پيدا ڪري، سڀ خطرا سر تي کڻبا تڏهن ئي ڪاميابيون ماڻبيون آهن. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل