آکُون، ڊَاکُون، سِر کَنڊ شَاخُون، جِتِ چَوکَا چَندَنَ ڪؤنرَ مَيَي سَي ئِي مَاڻِيَا، جِتِ نَہ ڀِرَنَ ڀَؤنرَ ڪُنوَارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪَاھِ تَہ پَسُون ڪَاڪِ جَا سُرُ مُومَلَ رَاڻَو آکُون = اکروٽ ( ميوا) ڊَاکُون = ڊاک جو جمع _ ڊاک جو ميوو جيڪو ڪشمش کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي. سِر کَنڊَ = صندل شَاخُون = ٽاريون چَوکَا = سٺا، چڱا، عمده، قيمتي چَندَنَ = اوچي قسم جو سُرَهَو گاھ ڪؤنرَ = ڪنول مَيَي = اُٺ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ = ڀؤنر اڏامي ڦري اچن، لامارا ڏين بيت جو پس منظر ~ ڪاڪ محل جو دلڪش باغ اکروٽ، ڊاکن، چندن جي قيمتي وڻن ۽ گلن سان مهڪي پيو آهي. ~ رَاڻَي جي اٺ مومل جي باغ جا اُهي ميوا، گل ۽ قيمتي گل چنا جنهن جي طرف ڀؤنر کي بہ وڃڻ جي اجازت ناهي. ~ سو هلو تہ هلي ڪاڪ محل جون ڪنواريون ۽ ڪنول جا گل ماڻيون. سمجهاڻي اڄوڪي سمجهاڻي ڪتاب ”ڀٽائي “ تان ورتي وئي آهي. ليکڪ ؛ انور پيرزادو. حسن رڳو سُونهن جو ئي نالو ناهي هوندو ۽ سُونهن وڻندڙ جسماني بيهڪ کان ڪنهن مٿاهين ڳالھ جو نالو آهي. حسن جو ذڪر جيڪو اسان کي ڀٽائي صاحب وٽان ملي ٿو سو ڪو عام رواجي فلسفو ناهي. ڀٽائي جنهن حُسن، سُونهن ۽ جمال جو ذڪر ٿو ڪري سو رڳو انسان ۾ ئي ناهي هوندو پر ڪائنات جي ذري ذري ۾ تجلا ڏيندي نظر اچي ٿو. ڀٽائي جڏهن انساني حُسن جو عڪس ٿو ڏيکاري تہ هندي شاعريءَ جا سورنهن سينگار اوٻاٽجي ٿا وڃن.ڀٽائيءَ جي شاعراڻي فن ۾ جيڪا سونهن آهي ان تي بهار ۽ خزان جون ڪيئي موسمون قربان ڪجن. هن بيت ۾ حُسن، سُونهن يا جمال مان ڪو بہ لفظ استعمال ڪيل ناهي پوءِ بہ ايئن ٿو لڳي جيئن حُسن ماکيءَ جي لار جيان بيت مان وهي هليو هجي.لفظ، لفظن ۾ سمايل ترنم آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاخون، چندن، ڪؤنر ۽ ڪنواريون، وري اهڙو باغ جنهن ۾ ڀؤنر بہ داخل نٿا ٿين اُتي اٺ جهڙو جانور ڇيڪ چري رهيو آهي، ڇو تہ اُهو ميو راڻي کي کڻي هتي پهتو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل