1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

تيل، گئس توڙي ٻين ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڇو نٿيون ملن؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,407
    ورتل پسنديدگيون:
    26,882
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تيل، گئس توڙي ٻين ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڇو نٿيون ملن؟

    نور محمد سمون

    جڏهن کان سنڌ ۾ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جا اڻ کٽ ذخيرا دريافت ٿيا آهن تڏهن کان سنڌي اخبارن، اليڪٽرونڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ اهي خبرون عام ملن ٿيون ته انهن معدني وسيلن تي ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ملي، ساڳئي قسم جون خبرون حيدرآباد، ڪوٽڙي، نوري آباد ۽ ڪراچي جي صنعتن بابت به عام آهن ته اتي به مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند آهن ۽ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. روزگار نه ملڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان گڏ احتجاج به روزانو جو معمول بڻيل آهن، تازو سنڌ اسيمبلي ۾ به ان معاملي جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، لاڳاپيل وزير با تدبير ان ڳاله جو اعتراف ڪيو آهي ته ”انهن ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ڏنو وڃي سو هاڻ سرڪاري سطح تي وفاق آڏو ان معاملي تي آواز اٿاربو“
    گذريل ڪافي عرصي کان سنڌ توڙي پنجاب ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ مقامي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ ايڇ آر، آپريشنز توڙي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ دوران هزارين ماڻهن کي روزگار تي لڳندي ۽ روزگار وڃائيندي ڏسڻ سان حاصل ڪيل تجربي جي بنياد تي اها ڳاله دعويٰ سان چئي سگهجي ٿي ته مقامي ماڻهن ۾ بهترين صلاحيتون آهن پر ان جي باوجود رڳو ڪجه سببن جي ڪري سنڌ جي اندرين علائقن جي ليبر فورس کي هنن ادارن ۾ سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ انهن تي ٻاهرين ماڻهن کي ترجيح ڏئي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. ان ڳاله ۾ ڪو شق نه هجڻ کپي ته ڪنهن به ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپني جي سيٺ يا مئنيجر جو ڪو مذهب، عقيدو، رنگ، نسل يا ٻولي وغيره ناهي هوندي، اهي سڀ پاڻ واري ان سيٺ وانگر سوچيندا آهن جيڪو جڏهن مري ويو هو ته ملائڪن ان کان پڇيو ”توکي جنت ڏانهن اماڻيون يا دوزخ ڏانهن؟ تڏهن وراڻيائين ته جتي 2 پئسن جو فائدو هجي اوڏانهن اماڻيو“ هنن ڪمپنين جو به سڀ ڪجه رڳو 2 پئسي جو نفعو ئي هجي ٿو. اهو نفعو هنن کي سٺن ماڻهن هٿان ڪيل سٺي ڪم مان ئي ملي سگهي ٿو سو هنن کي عام سنڌي ڪهاوت وانگر رڳو ڪم وڻي ٿو، چمُ نٿو وڻي!
    سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زرعي ۽ چوپائي مال جي سار سنڀار وارا شعبا روزگار جا وڏي ۾ وڏا شعبا آهن پر اتي پورهيتن کي سندن پورهئي جي بدلي ۾ جيڪو اجورو ملي ٿو اهو صنعتي شعبي جي مقابلي ۾ صرف 20 سيڪڙو بيهي ٿو جو اتي پگهاردار کي 2 يا 3 هزار پگهار ۽ مڻ يا اڌ مڻ وِرو ملي ٿو، ڪم جي وقت جي حساب سان به حالتون خراب آهن، هاري هڪ هوندو آهي پر پورهيو پوري خاندان کي ڪرڻو پوندو آهي، زرعي زميندار پنهنجي هاري کي ڪمدار هٿان آڌيءَ رات جو به گهرائي وٺندو آهي، ڇيڙون، ونگارون به وهڻيون پونديون آهن، هاري جي زال ۽ ٻارڙا به زميندار کي بونس ۾ مليل هوندا آهن. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاران پنجاب ۽ ٻين رياستن ۾ تڏهن لاڳو ٽيننسي ايڪٽ سن 1949ع ۾ هتي لاڳو ڪرائڻ سان هتان جي زرعي پوهيت خاندانن کي وڏو فائدو رسي سگهيو ٿي پر اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻهن ان ۾ پنهنجي فائدي جون ترميمون آڻي ان کي پورهيت دشمن بڻائي ڇڏيو، ساڳئي طرح هي ڏيهي توڙي پرڏيهي صنعتڪار هلن پيا، هنن به انهن ئي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کان پورهيت دشمن قانون پاس ڪرائي ڇڏيا آهن، هاڻ صنعتن ۾ 8 جي جاءِ تي ڪو اوهان کان 12 ڪلاڪ ڪم وٺي ته به اوهان جي ڪٿي ڪا شنوائي نه ٿيندي. ٻهراڙين وارن ننڍن وڏن شهرن ۾ روزگار جو هڪ وڏو ذريعو حمالپو يعنيٰ گاڏين ۾ سامان سٿڻ ۽ لاهڻ به آهي، هن ڪم تي هر شهر ۾ سوين پورهيت لڳل آهن، هي ڪم ٻئي پورهئي جي نسبت وڌيڪ جان ٽوڙ ته آهي پر هتي سموري خاندان بدران پورهيت اڪيلو ڪم ڪري ٿو ۽ زرعي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾ هڪ پورهيت هڪ هزار روپين کان به وڌيڪ ڏهاڙي ڪمائي وٺي ٿو، هتي به پورهيتن جي جمعدار پاران پورهئي مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، ڪجه سال اڳ ڦُٽين جي آبادگارن ۽ ڪپه ٽاڻڻ وارن ڪارخانيدارن وچ ۾ اُٿيل باراداني جي ڪٽوتي واري معاملي کي حل ڪندي حڪومت ڳرا ۽ وڏي ڊيگه ويڪر وارا ڦُٽين جا نَنگ ختم ڪري ڇڏيا، هاڻ ڦُٽين جون 20 ڪلو واريون ڌَڙيون رائج ٿيون آهن جيڪي توري گاڏين تي سٿڻ پورهيتن لاءِ آسان ٿي ويو آهي پر پورهيت دشمن سوچ رکڻ ڪري صوبائي خوراڪ کاتن جا ڪامورا بين الاقوامي قانون جي لتاڙ ڪندي ڪڻڪ جي ٻوري کي 100 ڪلو مان گهٽائي 50 ڪلو ڪرڻ طرف اڃا تائين ڌيان نٿا ڏين.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تيل، گئس، ڪوئلي تي ڪم ڪرڻ واريون ڪمپنيون يا ٻين صنعتن جي رُوپ ۾ پنهنجي آس پاس نظر ايندڙ ۽ هڪ ئي هنڌ تي سوين غير مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار نٿيون ڏين پر انهن ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ جي سببن تي هتي ڪا به تحقيق ناهي ڪئي وئي. مقامي وسيلا سڄي دنيا ۾ سڀ کان سستا ۽ مددگار سمجهيا وڃن ٿا پر افسوس جو هتان جا ڪجه مقامي وسيلا به ڄاتل سببن جي ڪري اها آفاقي مڃتا نه ماڻي سگهيا آهن. ان ۾ بُکئي پيٽ وارن بيروزگارن جو به ڏوه هوندو آهي، ڇو جو انهن جي پرورش ئي اهڙي ٿيل هوندي آهي، اهي نوڪري ڏيڻ وقت ڪمپني پاران پنهنجي ملازمن تي لاڳو ڪيل ڪجه قائدن ۽ ضابطن تي بلڪل عمل ناهن ڪندا. مثال طور ڪمپني پنهنجي ڪنهن ملازم کي مهيني کان پوءِ 4 ڏينهن يا 2 مهينن کان پوءِ 8 ڏينهن موڪل ڏيندي هوندي پر مقامي ماڻهو پگهار ملڻ بعد ڇاهيندا آهن ته سمورن کي گڏ موڪل ملي، اها به 4 ڏينهن بدران هفتو يا اڃا به وڌيڪ ڏينهن هجي، ڪمپني عملدار موڪل نه ڏيندا ته گهر ۾ فوتگي ٿيڻ جو ڪوڙ ڪري به موڪل وٺندا. ڳوٺ ۾ شادي، ڪنهن درگاه تي ميلو ملاکڙو هوندو يا ڪو پير مريدن کي زيارت ڪرائڻ ايندو، ڳوٺ ۾ يارهِين يا عُرس جو لنگر نياز هوندو ته ان ڳوٺ جا سمورا ملازم چاهيندا آهن ته اهي ثواب لاءِ انهن موقعن تي موجود هجن. واقعي ڪا فوتگي ٿيندي آهي ته به سمورا وڃڻ چاهيندا آهن، ظاهر آهي ته ڪابه مئنيجمينٽ اهو نه چاهيندي ته ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ڪنهن ميلي ملاکڙي، شادي يا غمي جي ڪري سندن ڪم ته نه رُڪجڻ کپي. موڪل نه ملڻ تي بنا موڪل جي ٽوال ڇنڊي رکندا ڪُلهي تي ۽ سمورا گڏ هليا ويندا آهن، جڏهن اتان واندا ٿي پنهنجي مرضي سان واپس اچي ٻيهر ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن تيستائين پٺيان ڪمپني جا در سندن لاءِ بند ٿي چڪا هوندا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 12 سئو يا 2 هزار ڪلوميٽرن جي پنڌ تان اچي هتي ڪم ڪندڙ ماڻهو اهڙا ڪي به مسئلا نه ڏيندا آهن، پنهنجي ڳوٺ جو پنڌ پري ۽ ڀاڙو گهڻو هئڻ ڪري اهي 3 مهينن يا ڪڏهن ڪڏهن ته 6 مهينن کان پوءِ موڪل تي ويندا آهن، سندن خاندان ۾ ڪا فوتگي به ٿيندي آهي ته رڳو اطلاع ڏيندا ته ”آئون جنازي تي رسي نٿو سگهان سو هفتي کان پوءِ جڏهن منهنجا 3 مهينا پورا ٿيندا تڏهن ويندس“
    اهي ڪمپنيون جن علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون هونديون آهن، اهي سڀ کان پهرين پنهنجي اتي جياپي لاءِ اتان جي ڀوتارن جا پير جهلينديون آهن، انهن ڀوتارن ۾ قبائلي، سياسي، سماجي يا ٻئي هر قسم جي اثر رسوخ رکڻ واري کي سندس حيثيت جي حساب سان ورسايو ويندو آهي، انهن کي ماهوار ڪروڙن ۾ ڀتا، ٻاهرين دنيا جا دورا ۽ انهن جي ڪجه نااهل ماڻهن کي نوڪرين تي رکي انهن کي لکين روپيا ماهوار پگهارون ڏينديون آهن، اهڙي طرح اهي ڀوتار انهن جا ڳيجهو بڻجي ويندا آهن.

    فقير دين محمد ڪنڀار

    پورهيتن جي حقن لاءِ ڪيئي ورهيه اڻ ٿڪ جدوجهد ڪندڙ بزرگ ڪارڪن فقير دين محمد ڪنڀار جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته مقامي پورهيتن جي زندگي ڏينهو ڏينهن تنگ ٿيندي پئي وڃي، زرعي فصلن جا اگه مقرر ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ ۾ حڪومت جي ناڪامي زرعي پورهيتن جي زندگي تباه ڪري ڇڏي آهي، تيل، گئس توڙي ٻين صنعتي يونٽن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ جي سببن جي گهرائي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن کي دور ڪرڻ لاءِ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هتي بيروزگاري کان تنگ اڄي آپگهات ڪرڻ توڙي پنهنجا ٻچا کپائڻ اڳيئي عام آهي، مهنگائي اڃا به وڌي رهي آهي، روزگار جا نوان ذريعا پئدا ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اڳ ۾ موجود ذريعن تي ٻيهر غور ڪري، مقامي ماڻهن جي تربيت ڪري انهن کي اتي لڳائڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ آيل ڪمپنين ۾ اسان پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته خبر پئي ڀرتيون سڀ هڪ ڀوتار ذريعي ٿينديون، ڀوتار هٿان ڀرتي ٿيل ماڻهن بابت بعد ۾ پتو پيو ته اهي به رڳو 2 يا اڍائي سئو روپيا ڏهاڙي تي ڀرتي ڪيا پئي ويا، ڪوبه مقامي ماڻهو پڪي نوڪري تي رکيو ئي ڪونه ويو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    582
    ورتل پسنديدگيون:
    1,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
    الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو