سنڌ جي سينڌ اڃا سائي آ (ميڊم ڊاڪٽر فهميده حسين)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2015۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    رات دير ساڻ اها خبر نيٺ مون تائين به پهتي ته ميڊم ڊاڪٽرفهميده حسين کي سندس عهدي تان ھٽايو ويو آهي. هڪ پل لاءِ لڳو ته ڄڻ ڪنهن ارد گرد جي هر شيءَ کي ساڪن ڪري ڇڏيو هجي پر يڪ دم هڪ مسڪراھٽ منهنجي چپن تي اُڀري ۽ ڏٺم ته هر شيءَ وري روان دوان ٿي هلي رهي آهي. انهي هڪ پل جي ٻڏ تر مونکي تاريخ جا ورڪ ورجائي ڇڏيا. آخر اهي ٻه پل ڇا هئا ؟ هڪ ساڪن ته هڪ روان دوان، هڪ اونداهو ته هڪ صفا چٽو ....

    اصل ۾ هڪ رات دير تائين ڪامپيوٽر پروگرامنگ ۽ سنڌي ٻولي جي تواريخ تي ڪم ڪندي ڪندي ننڊ ئي موڪلائي وئي ته پنهنجي ڪمري کان ٻاهراچي اڱڻ تي بيهي آسمان ڏانهن نيهارڻ لڳس. ربِ قُل جي ڪائنات جي نيراڻ ۽ ان ۾ موتيءَ داڻن جيان کُپيل تارن جو رقص ۽ رات ڪاريءَ جي پرسڪون خاموشيءَ جو مزو پي ورتم ته بابا سائين جي ڪمري جو دروازو کليو. ڏٺم تي بابا ڪمري کان ٻاهر اچي مونکي حيرت ساڻ ڏسي رهيو آهي. پڇيائين، بابا آصف خير ته آهي نه اتي بيٺو آهين. طبعيت ته ٺيڪ اٿئي نه ؟ وراڻيم، ها بابا ڪم پئي ڪيم سو وقت جي خبر ئي ڪانه پئي ۽ هاڻ ننڊ به ڪونه ٿي اچي. بابا لڳو کلڻ ۽ پوءِ چيائين، ڇو! خير ته آهي نه؟ اهڙو ڇا ئي پڙهئي بابا... وراڻيم ته بابا سائين سنڌي اسڪرپٽ بابت پي پڙهيم ۽ پڙهندي پڙهندي عجيب هڪ ڪيفيت اچي تاري ٿي ته سائين ابوالحسن سنڌي، سائين محمد صديق ميمڻ، يا وري سائين سراج ميمڻ جهڙا ماڻهون ته هليا ويا. ڪم به اهو ڪري ويا آهن جو ڇا لکي ڇا لکان... ڪيڏي نه تڪليف ٿي هوندي سائين ابوالحسن کي سنڌي اکر ٺاهڻ، سمجهائڻ، رائج ڪرڻ ۾، ڪيڏا نه ڪشالا ڪاٽيا هوندا سائين محمد صديق ۽ سائين سراج سنڌي کي سندس اصلي حالت ۾ آڻڻ لاءِ انهن سڀني سڄڻن جي سامهون به مذهب، معاشرو، سياست، گهر ٻار، دوست احباب جا مسئلا مشڪلاتون رهيون هونديون پوءِ به ٻولي کي جياري ويا آهن ۽ هاڻ ڏسان ٿو ته ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ ڪي اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٻوليءَ جا ماهر به ناهن رهيا ۽ جيڪي نوان نوان ماهر اچن ٿا پيا سي ماهر ته ڪونهن پر ”ماهرين“ آهن، ڏاها ناهن پر ”سياني“ آهن جن مان ڪن کي مذهب ملهائڻو آهي ته ڪن کي سياست چمڪائڻي آهي ته ڪن کي ڌارين سان ايترو پيار آهن جو پنهنجو وجود به انهن کي ارپي ڇڏيو اٿن. حت الامڪان ڪوشش اٿن ته ٻولي مان سنڌي اکرن کي لڏائي ڌاريا اکر ڀري پوءِ اهو نعرو هڻو ته ”ابا اسان ته ٻولي بچائي ورتي آهي“ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته جهڙي هندي(اڙدو) تهڙي سنڌي. موبائل ٽيڪنالاجي جو دور آهي، انٽرنيٽ جو دور آهي، سائبر اسپيس جو دور آهي. هڪ هڪ قدم ڦوڪي ڦوڪي رکڻو پوندو جو هڪ حرڪت تي سڄي دنيا جي گولي جي نظر آهي. آسڪو پرپولا ۽ راجيش رائو جهڙا ماهر ٻولي جو سڄو ڇيد ڪڍڻ تي اچي پهتا آهن ۽ آهن اهي ٻئي سڄڻ ڌاريا، مهاديو جهڙا سنڌي جو وجود ئي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڌاريا ته ٺهيو پر پنهنجو نئون نسل به ٻولي ڳالهائڻ بدران انگلش ٽيوشن سينٽر تي انگريزيءَ ۾ مهارتون وٺي رهيو آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته بوناوينچر، سٽي پبلڪ، آرمي پبلڪ جهڙن مهانگن اسڪولن جي ٻارن کي به سنڌي جي صورتخطي ياد ڪونهي. ماءُ هاڻ ماما چنڊ جي بدران ”مون“ ٿي سيکاري ته پيءُ پاڻ ٿو ٻارن کي چئي ته پاڻ گهر ۾ انگريزيءَ ۾ ڳالهايو ته جيئن انگريزيءَ ۾ رواني اچي. ڦِر ڦِر سوٽيءَ ۽ ونجھ وٽي توڙي ڏڪي/اٽي ڏڪر جي جاءِ موبائل گيمن اچي ورتي آهي جنهن جو حاصل اهو آهي ته ٻار جسماني طور ڪمزور ۽ لٻڙو رهجي وڃي ٿو ۽ جڏهن جسم ئي لٻڙو هوندو ته دماغ ڪهڙو ڀڙ هوندو؟ آخر اسانجو ۽ اسانجي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟ وري ڪو ابوالحسن، ڪو محمد صديق يا ڪو سراج ڪٿا ايندو؟ هي اوڏاهي صفت جيڪي ٻوليءَ جي پاڙُن ۾ ويهي ٻولي کي ڳڙڪائي رهيا آهن تن کي پورو ڪرڻ جي دارون دوا ڪهڙي ٿيندي؟ منهنجي ان سڄي داستان کي بابا غور ساڻ ٻڌو ۽ بي پرواھ ٿي منهنجي ڪلهي ته هٿ رکي چيائين ته ” بابا! جيسيتائين ڊاڪٽر فهميده حسين جهڙيون نياڻيون ۽ سائين سراج جهڙا پٽڙا مائرون ڄڻنديون پيون تيسيتائين سنڌي ٻولي جي سينڌ سائي رهندي“۔ ان رات کان پوءِ سدائين جهڙوڪ هڪ اٿٿ لڳي پئي هوندي هئي ته ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ لينگئيج اٿارٽي جهڙي اداري جي واڳ وني آهي ۽ هر اهو ماڻهون زهرِ قاتل لڳندو هئو جيڪو سنڌي ٻولي تي بي جا ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هجي. پاڻ کي سڏائيندو ته سنڌي هو پر ڪم ڌارين وارا ڪندو هجي. پنهنجي نالي جي مڃتا لاءِ ادارن تي پنهنجا نالا چٽڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. ٻيو ته ٺهيو پر ٻين جي ڪمن ۽ محنتن کي پنهنجا آئيڊيا پيو ٻڌائيندو آهي. اهڙا ٺهڙڪ ٺڳي جا ٺهڪا ٺائيندڙ هاڻ پرنٽ ميڊيا چڏي سوشل ميڊيا تي به ڪاهي پيا آهن ۽ پنهجون خبرون پنهنجي ٻوليءَ جي بدران ڌاري ٻولين ۾ پيا ڪندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر انهن کي ته رومن سنڌي لکڻ به ڄڻ ڪا گار لڳندي هجي.
    رات جڏهن ميڊم فهميده حسين کي سندس عهدي تان هٽائڻ جي ڳالھ ٻڌم ته هڪ پل لاءِ اهو سوچي هر شيءَ ساڪن ٿي لڳي ته هاڻ سنڌي ٻولي جي واڳ ڪٿي انهن ٽهڙڪ ٽهڳي وارن جي حصي ۾ ته ڪانه ايندي ؟ پر پوءِ بابا جي اها ڳالھ ياد اچي ويم ته سنڌ جي سينڌ (ڊاڪٽر فهميده حسين جهڙيون نياڻيون ۽ سراج الحق ميمڻ جهڙا پٽڙا جيستائين آهن تيستائين) سائي رهندي ۽ هڪ مسڪراهٽ منهنجي منهن تي اُڀري آئي. ڊاڪٽر صاحبه جو اهڙي اداري مٿان هجڻ مون جهڙي هر انهي نوجوان لاءِ نيڪ آسرو آهي جيڪو پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي تي ڪک به برداشت نه ڪندو هجي. الله رب سهڻو سندن هٿ اسان تي قائم ۽ دائم رکي...

    ٿورا مون تي ....
    ڊاڪٽر جمال چارڻ
    دادو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين سلام

    ميڊم فهميده جي ڪاوشن ۽ ڪمن تي کيس سلام هجي. ساڳي ڳالهه تي مونکي به حيرت ٿي هئي. پر پوء سوچيم ته ميڊم سدائين ته ڪانه هوندي ... تنهنڪري اهو ضروري آهي ته سينيئرز سان گڏ جونيئرز جي کيپ يا سيڪنڊ لائين تيار هجڻ گهرجي، پر افسوس جو ان تي گهٽ سوچيو ويندو آهي. شايد ميڊم فهميده کي خوشيء سان نه پر ڪن مجبورين سبب هٽايو ويو آهي جنهن مان هڪ آهي سپريم ڪورٽ جي رولنگ.

    ٻيو ته منهنجي نظر ۾ ايڪسٽينشن ڏئي وقت وڌائڻ ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ برابر آهي. ان سان اڳلي ايندڙ جو حق مري ٿو. ميڊم فهميده سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاء جاکوڙيندڙ آهي ۽ سندن سموري خاندان جا اسان تي ان حساب سان ٿورا آهن.

    جيڪڏهن ميڊم چاهي ته آنرري طور سنڌي ٻوليء لاء جاکوڙ جاري رکندي ٻولي اٿارٽي سان آنرري ڪم ڪندي رهي. ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

    اسان سڀني کي گهرجي ته حڪومت تي اهو دٻاء وجهون ته ڪو قابل ماڻهو چيئرپرسن ٿي اچي ۽ هلندڙ پروجيڪٽس خاص ڪري ڪمپيوٽنگ وارا پروجيڪٽس تڪميل طرف وڃن.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو