مومل راڻو ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا! ڀَانءِ مَ رَتُ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا ! ڀَانءِ مَ رَتُ
    سَوڍَا ! اِيُ شَرِبَتُ، نِسَورَو ئِي نِينهَن جَو


    سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

    ڪَڪَورِي = ڳاڙهي، رت هاڻي
    ڪَاڪِ = ڪاڪ ندي، جنهن جي ڪپ تي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو.
    ڀَانءِ = متان سمجهين
    مَ = نَہ
    سَوڍَا = او راڻا_ راڻو ،حاڪم همير سومري جو وزير ۽ سندس سالو بہ هيو.
    اِيُ = هيءُ
    نِسَورَو = نجو، رڳو، خالص
    نِينهَن = عشق، محبت

    بيت جو پس منظر

    ~ ڪاڪ نديءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جو پاڻي ٿو وَهَي، او راڻا ! هن کي متان رتسمجهين.
    ~ سوڍا ! هيءُ تہ عشق جو شربت آهي.

    سمجهاڻي

    تاريخي حوالي سان اها ڳالھ چئي وڃي ٿي تہ ڪاڪ نديءَ جي آس پاس جَي مٽيءَ جو رنگ ڳاڙهسُرَو هيو، تنهنڪري پاڻيءَ جو رنگ بہ ڳاڙهو هيو. هڪ ڀيري جڏهن راڻي کي اُڃ لڳي تہ مومل هٿان مليل پاڻي کيس ڳاڙهي رنگ جو نظر آيو تہ راڻو سوچ ۾ پئجي ويو. مومل پنهنجا خماريل نيڻ کڻي پاٻوھ مان نهاريندي چيس ؛ او راڻا ! هي جيڪو توکي ڳاڙهو پاڻي نظر ٿو اچي، سو دراصل عشق جو شراب آهي.جنهن مان الائي ڪيترا عاشق پِڪُون پي، سُرِڪِيُون ڀري مدهوش ٿي چڪا آهن.
    ڀٽائي هن بيت ذريعي حق جي ذات، محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولائن کي خبردار ٿو ڪري تہ، شهادت جي جام کان سواءِ مشاهدو، محبوبَ ۽ منزلون ناهن ملنديون.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مارچ 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بهترين چونڊ شاعري ۽ بهترين سمجهاڻي، سلسلو جريي رکو.....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو