ڌرتي ٽي. وي جي پيروڊي پروگرام (ٽپيڪل ٽاڪ) جي (ڊفر) شو جي جواب ۾ بطور ڪرٽسي هي آرٽيڪل لکيل آهي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڌرتي ٽي. وي جي پيروڊي پروگرام (ٽپيڪل ٽاڪ) جي (ڊفر) شو جي جواب ۾ بطور ڪرٽسي هي آرٽيڪل لکيل آهي ۽ ڀُلجي به ان کي سنڌ ٽي وي تي تنقيد يا ڪنهن فنڪار تي تنقيد نه سمجهڻ گهرجي. هي صرف زميني ۽ شروعاتي حقيقتون آهن جن کان شايد هرڪو (نئون اچڻ وارو) واقف نه هُجي.

    سنڌ ٽي.وي دعويٰ ڪئي هُئي ته هو پنهنجي اداري جي ٽيلنٽ جي ڏه ساله ڪارگردگي ڏسي ايوارڊ ڏيندي جڏنهن ته ڏهن ساله ڪارگرديءَ وارن کي لائيف اچيومينٽ ۽ اسپيشل ايوارڊس سان نوازيو ويو. سنڌ ٽي وي پنهنجا ايوارڊ گهڻي قدر سال 2014 ۽ 2015 جي ٽيلنٽس (سواءِ نيوز شعبي جي) ورهايا ۽ حيرت ته ايوارڊ ماڻيندڙ ٽيلنٽ سنڌ. ٽي. وي جا بُنيادي آرٽسٽ ئي نه هُئا ۽ ٻيل چئنلن جا ٿاٻا ۽ ڌڪا کائي ايندڙ ٽيلنٽ نامينيٽ ٿيا ۽ ايوارڊ به وصول ڪيائون جڏنهن ته سنڌ ٽي. وي جا اُهي اصل باني ٽيلنٽ ۽ فنڪار جن سنڌ ٽي. وي سان وفا ڪئي ۽ وفا سان گڏ سينيارٽي تي ۽ وقت جا بهترين ٽيلنٽ ۽ پرفارمر به هُئا ۽ پاسيرا ٿي ويا پر اڄ تائين ٻئي ڪنهن چينل تي نه ويا اُهي، اهي نه صرف نامينيشن بلڪه ايوارڊ وصول ڪرڻ کان به محروم رهجي ويا. حيرت ته سنڌ ٽي وي جي شروعاتي ٽن سالن جي دئور ۽ ان دئور جا ٺهيل سولو، لانگ ۽ سيريل پلي، ٽيلي فلمون وغيره بشمول ان وقت جي اداڪارن ۽ انتظاميا جا رڪن ۽ يا آرٽسٽ ايوارڊ نامينيشن يا وصوليءَ لاءِ زير غور ئي نه آيا يا جيوريءَ کي ان دئور تي ايڪسيس ئي نه ڏني وئي. جن ۾ حميد ڀُٽو، رحمت الله ماڃوٽي ۽ ٻيا گهڻائي ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽر اچن ٿا. ۽ سنڌ ٽي وي جو (ڌرتي ٽيليويزن چئنل وانگر) اڃان تائين اهو شاندار ۽ قابل تحسين ٽن سالن واو شروعاتي دئور وري واپس نه اچي سگهيو آهي. محسوس ٿيو ته هن ايوارڊ شو ۾ 50 سيڪڙو نامينيشن ۽ ايوارڊ وصول ڪرڻ وارا سنڌ ٽي وي جا ٽيلنٽ ته هرگز نه هُئا اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن اُڌاري ڊائريڪٽرن ٻئي چئنلن جي اُڌارن آرٽسٽ (يا پاڻ سان گروپ ۾ هلندڙ ٽيلنٽس) کي سنڌ ٽي. وي لاءِ ڪاسٽ ڪري سامهون آندو هُجي. ۽ اُهي ڪنهن چئن نه پر (ڊائريڪٽر جي پي رول تي هُجن) پر پوءِ به انصاف جي تقاضا موجب گهڻو ۽ 80 سيڪڙو حق سنڌ ٽي وي جي ئي پنهنجي گهڙت ۽ جوڙيل ٽيلنٽ جو هو. سنڌ ٽي وي ۾ هن وقت يعني ( 2013، 2014 ۽ 2015) جا ملٽي ٽيلينٽيڊ چار ڪاميڊي اداڪار موجود آهن. جن ۾ ٽي مشهور ۽ انتظاميا جا ملازم به آهن جن ۾ حيدر قادري، ظفر جسڪاڻي ۽ آصف آهن جنهن ۾ ظفر جسڪاڻي به اهو (ملٽي ٽيلينٽيڊ) اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي جنهن سنڌ ٽي ويءَ کي پنهنجي ملٽي پروگرامن وسيلي (منفراديت ۽ جدت ڏني )آهي ۽ اها جدت ڪنهن به سنڌي چئنل تي ڏسڻ ۾ نٿي اچي ڀلي اُتي ٻيا گهڻا ٽيلنٽ به هُجن. جڏنهن ته ٻيا ٽيلنٽ اڃا به پرفارمنگ آرٽ ۾ هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت جا شڪار آهن ۽ وقت سان مُنفرديت ڏئي نه پيا سگهن جيڪا ظفر جسڪاڻي ڏي پيو. هن جو هر ايڪٽ هر پروگرام ، هر گيٽ اپ مختلف آهي. جيڪڏنهن ڪن چواڻي ته آصف کي اوور ايڪٽنگ ۽ ملٽي گيٽ اپ ڪرڻ وارو سمجهي کيس جي ايوارڊ ڏنو ويو آهي ته (ظفر جسڪاڻي ) به انهن مان ئي هڪ آهي ۽ بهترين (ڊريس ڪوڊ، ملٽي گيٽ اپس ) سان پيش ٿيندڙ ، سڀني سنڌي ميڊيا جي ڪاميڊي اداڪارن ۾ سڀ کان شاندار اداڪار ي ڪندڙ ۽ منفرد ڊائريڪٽر آهي ۽ جي ، ان کي نامينيشن يا ايوارڊ وصوليءَ کان محروم ڪري ٻين چئنلن جي آرٽسٽ کي ايوارڊ ڏنو وڃي ٿو ته يقينن نه صرف اها ٻيائي آهي جيڪا هن ملٽي ٽيلينٽيڊ اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ڪاميڊي ۽ لاجواب (هارر اسڪرپٽ رائيٽر ، ڊائريڪٽر ۽ ايڪٽر سان) سراسر زيادتي ٿي آهي ۽ ڪنهن ڄاڻي ٻُجهي يا ڀُل چُڪ ۾ ٻيائي ڪئي آهي. هن جا پيش ٿيندڙ (هارر شو) جي باليووڊ يا هاليووڊ سان ڀيٽ ٿي پيش ٿيندڙ هجن ته ها اداري ۽ سنڌي ميڊيا جي ڪاميابي آهي اهڙي طرح جيئن چيو ويو ته سنڌ ٽي وي جو هي ايوارڊ شو هڪ بين القوامي معيار جو هوندو پر (ذري گهٽ نيوز شعبي نامينيٽيڊ ٽيم هن شاندار شو کي فلاپ ڪرڻ واري هُئي) ته رشيد خاصخيلي معرفت، اسلم ڀُٽو جي زور ڀرڻ تي ،رئوف ڪنڌر کي پيغام پُهچائي، مسرور راڄپر جي ڪمپيئرنگ سان شو سنڀالي ورتو. بحرحال ڏٺو ويو ته ڪريڪٽر ايڪٽر يا ولين پرفارمنس ڪندڙ اهڙن ايڪٽرن کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو هو جيڪي اڃان (پرفارمنگ آرٽ جي اي. بي. سي) سان کان به واقف ناهن ، بيشڪ ڪهن سفارش يا دوستيءَ جي بُنياد تي اُهي گهڻن سوپ يا سيريل ۾ نمودار ٿيندا هُجن. ٻي حيرت ته ڪن اهڙن ٽيلنٽس کي به ايوارڊ سان خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪي سنڌ ٽي وي کان موڪلائي هلايا ويا هُئا ۽ ڪن ته ڪرٽسيءَ ۾ نامينيٽ ٿيڻ باوجود ايوارڊ وصول نه ڪيو گهڻائي سنڌ ٽي ويءَ جا پُراڻا پنهنجا ٽيلنٽ۽ وفادار به ايوارڊ کان محروم ڪيا ويا ايستائين جو ڪي ته نامينيٽ به نه ٿيا. ڪن کي انتظاميا ٻه ٻه ايوارڊ ڏئي الائي ڇا ٿي ٻُڌائڻ چاهيو. اها الائي ڪهڙي جيوري هُئي جنهن کي سنڌ ٽي وي جي ڏهن سالن جي ڪارگردگي ڏيکاري ئي نه وئي. اڄ به سنڌ ٽي وي جي پهريئن ٽن سالن جي دئور جا سينيئر ٽيلنٽس، لانگ پي، سيريل موجود آهن پر هن اڄ جي منتظمن کي خبر ئي ناهي ته ڪي پُراڻآ لاجواب پروگرام يا ٽيلنٽ به هُئا جن سنڌ ٽي ويءَ کي (ڪي. ٽي. اين جي مقابلي ۾) آندو هو. تازو ڌرتي ٽيليويزن جي (ٽپيڪل ٽاپ) شو ۾ سنڌ جي مشهور ڪاميڊي جوڙي علي گُل ملاح ۽ سهراب سومري کي ظفر جسڪاڻيءَ جي پيروڊي ڪندي ڏٺو ويو ۽ پيروڊي اهڙن ٽيلنٽس جي ڪبي آهي جيڪي ذهنن ۾ ڇاپ ڇڏي ويندا آهن جهڙي طرح انهن فنڪارن (يار محمد شاه) جي پيروڊي ڪئي. ممڪن آهي ته انهن ظفر جسڪاڻي جيڪو سندن ڪاميڊي ۽ هم معيار پر ملٽي ٽيلينٽيڊ برادر آهي سان بيشڪ چٿر ڪري شعوري طور تي پيروڊي ڪئي هُجي پر سندن اندر جي لاشعور (جيڪو اندر جو سچ) هوندو آهي ٿابت ڪيو ته (ظفر جسڪاڻي) هڪ لاجواب ايڪٽر، ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر آهي جنهن پنهنجي وُجود سان سنڌ ميڊيا جي هن جوڙي کي مٿاهون ٿي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هُنن پنهنجي نفسيات تحت کيس پيروڊي ڪري اهو مان ڏنو آهي جنهن جو هو حقدار هو، بيشڪ سندس چئنل کيس نامينيشن جو مستحق نه سمجهيو هو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مارچ 2015
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو