ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ سريلنڪا کي ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورلڊ ڪپ 2015 جي ٽاپ بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا جي وهم گمان ۾ به نه هيو ته ڪوارٽر فائنل ۾ اهڙي بري شڪست کائيندي سندس ون ڊي ڪيريئر جي پڄاڻي ٿيندي. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پهريون دفعو ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

    اڄ سڊني ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ سريلنڪا کي ڏکڻ آفريڪا هٿان 9 وڪيٽن تان بدترين شڪست ملي آهي. سريلنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر پوء هو شايد ٽاس کٽڻ تي رنو ضرور هوندو. صرف چئن رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪريون جنهن ۾ دلشان جي قيمتي وڪيٽ به شامل هئي پر پوء تجربيڪار سنگاڪارا دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪري ورتي، ٻئي پاسي کان ٿرماني تيز کيڏڻ شروع ڪيو پر پوء جڏهن اسڪور 69 رنسن تي پڳو ته آفريڪي اسپنر عمران طاهر اچڻ سان ئي پهريان ٿرماني۽ پوء جيورڌني کي آئوٽ ڪري ورتو. بس پوء ته سريلنڪا جي بيٽنگ لائن واري جي ديوار ثابت ٿي. ٻيو ته ٺهيو پر پارٽ ٽائم اسپنر جي پي ڊمني هيٽرڪ وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. سريلنڪا جا بيٽسمين ايڏو ته تڪڙ ۾ هيا جو 38هين اوور ۾ ئي سڄي ٽيم 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي. سنگاڪارا 45 ۽ ٿرماني 41 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا. سريلنڪا جا 8 رانديگر ته ٻٽي عدد ۾ داخل نه ٿيا. ڏکڻ آفريڪا پاران عمران طاهر4، ڊمني 3 وڪيٽون وٺي ٽاپ بالر رهيا.

    سولي حدف جي تعاقب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم تيز کيڏندي صرف 18 اوورن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. سڄي ٽورنامينٽ ۾ ناڪام رهندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڊي ڪاڪ 12 چوڪن جي مدد سان صرف 57 بالن تي 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هاشم آملا 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڊپليسي 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. عمران طاهر کي بهترين بالنگ جي بدلي ۾ مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو.

    مڪمل اسڪور لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    1996 جي ورلڊ ڪپ ۾ گذريل ٽورنامنٽ جو فاتح پاڪستان به اهڙي ئي شڪست کائي ورلڊ ڪپ منجهان ٻاهر ٿيو هو،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو