ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي ! آئُون اَڳَهِين آهِيَان، ٻَڌِي تُنهِنجِي ٻَولَ تَوکَي سَارَي سُپَرِين ! ، رُنَمِ مَنجِھ رَتَولَ ٽِڪَاڻَا ۽ ٽُولَ، وِسِهُ مُون وِھُ ٿِئَا سُرُ مُومَلَ رَاڻَو ڍَٽِ = ڍٽ ڏي، ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چوندا آهن.جنهن ۾ امرڪوٽ بہ شامل آهي جنهنجو همير سومرو حاڪم هو. امرڪوٽ لڊاڻي کان 150 ميل پري آهي. مَ = نہ وَڃِجُ = وڃجان ڍَولَ = محبوب، پرين، جانب ڪَاڻِيَارِي = عيبدار، بدنام، مهڻي هاب اَڳَهِين = اصل کان رَتَولَ = محل، محلاتون ٽِڪَاڻَا = ٽڪڻ جون جايون، ماڳ، مڪان، عمارتون، آستان ٽُولَ = شيون، مال متاع، اسباب، سامان سڙو وِسِهُ = اعتبار، ويساھ، يقين ڪر وِهُ = زهر بيت جو پس منظر ~ اي جانب ! تون هن مهڻي هاب مومل کي ڪاڪ ۾ اڪيلي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڍٽ نہ هليو وڃ. ~ آئون تہ اصل کان ئي ڪيل واعدي ۽ وچن مطابق توسان ٻڌل آهيان. ~ هنن محلاتن کان پڇي ڏس توکي ياد ڪري هنجون هاريندي آهيان. ~ او راڻا ! اعتبار ڪر هي مال متاع ۽ محل ماڙيون مون کي زهر ٿا لڳن. سمجهاڻي او محبوب ! هي ماڻهون مون کي ڏاڍا طعنا هڻندا، مهڻا ڏيندا جي تون اڪيلي ڇڏي پاڻ پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويندين. او راڻا ! مان تنهنجي نڪاح ٻڌي زال آهيان ۽ ڪيل وچن مطابق مرندي تائين تنهنجيئي رهنديس. او پرين ! هي محل ماڙيون ۽ بنگلا شاهد آهن تہ مان رات ڏينهن تولاءِ روئندي آهيان. هي محلاتون، هي بيڊ روم، نرم بسترا، طول وهاڻا، عطر عنبير جون خوشبووئون، هي رابيل، چنبيلي ۽ موتيي جون مهڪارون، طعام، عيش عشرتون ۽ هي مسرتون او راڻا! تو سوا سڀ زهر ٿا لڳن مونکي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل