سنڌ جي نامياري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مشهور فارسي ڪتاب ”مدح نامه سنڌ “ جو سنڌي ترجمو پيش آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب ڪيو آهي ۽ 2011ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو آهي.
مخدوم صاحب جي حب الوطني ۽ سنڌ سان محبت جو مثال سندس هن ڪتاب مان واضح طرح ملي ٿو. مخدوم صاحب ان وقت جي هڪ پٺاڻ عبد الرعوف جو سنڌين بابت ڪريل قسم جو مضمون پڙهيو ته ان جي مختلف سوالن ۽ اعتراضن جي جواب ۾ پاڻ هي ڪتاب لکيائون. خاص طور جن سوالن ۽ اعتراضن جا جواب ڏنل آهن انهن ۾:
1. سنڌ ۾ عقل ناهي مڙئي بيوقوف آهن.
2. سنڌ ۾ علم گهٽ آهي
3. سنڌ ۾ دنيا ناهي، سڀ محتاج آهن
4. سنڌ ۾ ولي گهٽ آهن
5. سنڌ ۾ رافضي ۽ شيعا گهڻا آهن
ان کان علاوهه پاڻ شفاعت جو بيان ۽ مناجات به لکيا اٿن جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.