سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سِگا) جي 36هين سالياني ڪنونشن جي تقريب

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سِگا) جي 36هين سالياني ڪنونشن جي تقريب 21 مارچ 2015ع تي صبح جو ڏهين وڳي پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ ٿي رهي آهي. جڏهن ته سِگا جي 42 هين سالگرهه 22 مارچ 2014ع تي شام جو ساڍي ستين وڳي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. جنهن ۾ اوارڊ ڏيڻ سان گڏ موسيقي جي محفل جو به بندوبست ڪيل آهي.

    دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

    سيڪريٽري جنرل
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ۾ سِگا جي 36 هين سالياني ڪنوينشن ۽ اوارڊ ورهائڻ واري تقريب جو احوال

    رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ ۽ وري بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سماجي ۽ تعليمي حوالي سان هڪ ماٺار ڇانيل هئي. ان دور ۾ سنڌ جو درد رکندڙ سڄاڻ شخصيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ جي جذبي سان لکيل پڙهيل ۽ گريجوئيٽ سنڌين جي هڪ تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 1972ع ۾ بنياد رکيو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اها تنظيم سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ سماجي ڪم ۾ پاڻ ملهائيندي ٻين تنظيمن لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي. سِگا جي هڏڏوکي ۽ جاکوڙي ڪارڪنن جي ڏينهن رات جي محنتن سبب هن تنظيم سنڌ ۾ وولنٽيئرزم جو نئون بنياد رکيو. ان دوران هن تنظيم کي ڪيترن ئي ڏکين ۽ سکين دورن مان گذرڻو پيو جن مان هڪ دور مارشلا وارو يعني جنرل ضياء الحق جو به هيو جنهن ۾ سنڌين جو آواز بڻيل هن تنظيم تي مڪمل پابندي لڳائي وئي. سگا سنڌ جي اها تنظيم آهي جيڪا سيڪيولر سوچ ۽ پر امن ۽ ترقي يافته سنڌ جي خواب کي اجاگر ڪرڻ لاء جاکوڙي پئي. توڙي جو اسان وٽ اهي روايتون آهن ته سنڌ جون تنظيمون ۽ ادارا مشڪل سان ڏهاڪو سال ئي گذاري سگهندا آهن پر سِگا اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي ڪم سبب سڃاڻ بڻيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي تنظيم ماڻهن جي سوچ مطابق اهي نتيجا ڏئي ڪانه سگهي آهي جنهن جي اميد ڪئي وئي هئي پر پوء به ڏيئو وساميو ناهي ۽ لاٽ ٻرندي رهي ٿي.

    گذريل 42 سالن کان سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ عملي طور سماجي ڪم ۾ پيش پيش سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 36 هون ساليانو ڪنوينشن 21 مارچ تي پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني سنڌ گريجوئيٽش ايسوسيئيشن گڏاپ شاخ ۽ سچل ڳوٺ شاخ ڪئي. رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام سچل ڳوٺ شاخ پاران روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ ڪيا ويا. صبح جو ڏهين بجي پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ شروع ٿيل تقريب ۾ افتتاحي اجلاس، ڪائونسل آف ميمبرس جو ساليانو اجلاس، ڪاروباري اجلاس ۽ ميمبرس جو عام اجلاس ٿيو. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري آيل سڀني ساٿين کي ڀليڪار ڪندي سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ورڪر ئي آهن جيڪي اسان جي سڃاڻ آهن. هن چيو ته سگا تنظيم جي اصولن جي پاسداري ڪندي سنڌ ۽ انسان ذات جي خدمتن لاءِ هن سفر کي سچائيءَ سان جاري رکندي. ان موقعي تي سگا جي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي تنظيم جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. بروهي صاحب ٻڌايو ته هن سال تعليم ۽ صحت سان گڏ ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن ۾ به سِگا پاڻ ملهايو آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود شاخن جي هڏڏوکي ۽ جفاڪشي ميمبرن رات ڏينهن محنت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته هن سال 2013- 2014 ۾ 24 روشن تارا اسڪولن ۾ 8563 شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم رهيون. ميٽرڪ جي امتحان ۾ 506 شاگردن مان 398 شاگردن اَي ۽ اَي ون گريڊ حاصل ڪيا، انٽر ۾ 208 شاگردن مان 181 شاگرد اَي ۽ اَي ون گريڊ ۾ پاس ٿيا. صحت جي ميدان ۾ ڪل 6 چمڙي جي بيمارين جون ڪيمپون لڳايون ويون جنهن ۾ 5668 مريضن جو علاج ڪيو ويو، اکين جون 16 ڪيمپون لڳايون ويون جن ۾ 13834 مريضن کي تپاسيو ويو ۽ علاج ڪيو ويو، 2439 آپريشن ڪيا ويا ۽ 796 مريضن کي لينس لڳايا ويا. 7 جنرل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 5123 مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ 251 طهر ڪرايا ويا. هيپاٽائيٽس جي ويڪسينيشن ڪيمپن ۾ 655، ارڙي جي ڪيمپن ۾ 4816 ٻارن کي ويڪسين ڪيا ويا ۽ ان کانسواء سڄي صوبي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ به شاخون اڳڀريون رهيون. سگا جي ماليات سيڪريٽري ابراهيم شيخ سال جي مالياتي رپورٽ پڻ پيش ڪئي.


    ان موقعي تي هر شاخ جي جنرل سيڪريٽري پنهنجي شاخ جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي جڏهن ته عام اجلاس ۾ مستقبل جي منصوبا بندي، مختلف مسئلن جي نشاندهي سان گڏ تنظيم جي ڪمزورين کي بهتر ڪرڻ لاءَ صلاح مشورا ۽ شڪايتون به پيش ٿيون. هن سال وڇڙي ويل ڪارڪنن ۽ ساٿين جن ۾ صادق فقير، عبد الخالق شيخ، غازي خان ڀٽو شامل آهن انهن جي خدمتن کي ساراهيندي سندن لاء هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان گڏ سندن مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي. اجلاس جي پڄاڻي تي مختلف ٺهراء پاس ڪيا ويا جن ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار کان مطالبا ڪيا ويا ته سنڌ ۾ امن امان جي بحالي يقيني بڻائي وڃي، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ ۾ زرعي سڌارا آڻي فصلن جا صحيح ملهه ڏنا وڃن، سنڌ ۾ ڪرپشن کي روڪيو وڃي، بند پيل اسڪولن کي کولي استادن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي، اها به گهر ڪئي وئي ته سنڌ جي تفريحي ۽ ثقافتي ماڳ مڪانن کي ترقي وٺرائي وڃي.


    ٻئي ڏينهن سِگا جو 42 هون ساليانو پروگرام ۽ اوارڊ ڊسٽريبيوشن تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي سنڌ جي ناڻي کاتي جي صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان ته وڏو مسئلو آهي ئي آهي پر تعليم جي صورتحال به خراب آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اسڪول بند پيل آهن،ٻهراڙين ۾ شڪايتون ملي رهيون آهن ته ٻار نه ٿا پڙهن. هن چيو ته استاد وڏيون پگهارون کڻڻ باوجود ڊيوٽيون ڪرڻ بدران ٻيو ڪاروبار ڪن ٿا يا وري صحافي بڻيل آهن، جڏهن انهن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ٿو ته استاد تنظميون اڳتي اچن ٿيون ۽ مسئلي کي قوميت ۽ سياست جو رنگ ڏئي رنڊڪ وڌي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو به وڏو مسئلو آهي ۽ 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ سان وڏي زيادتي ڪئي پئي وڃي ۽ جڏهن ان تي عمل جو وقت آيو ته ان دوران به مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي مڪمل اختيار سنڌين ۽ سنڌ سرڪار جو آهي، جنهن مان بجلي پيدا ڪري رائلٽي به سنڌين کي ڏني ويندي. ان کان اڳ سِگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ سگا جي مختصر ڪارڪردگي پيش ڪئي، ساڳي وقت هن سنڌ جي اهم مسئلن پاڻي کوٽ، تعليم جي تباهي، زراعت جي تباهي، سنڌي ٻولي جي ترقي ۾ رڪاوٽن، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي گهر، ڌارين جي آبادڪاري جا مسئلا اٿاريندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته انهن مسئلن تي ترت توجهه ڏئي سنڌين جي احساس محرومي گهٽائي وڃي جيئن اسان ترقي جي راهه تي بنا خوف وِک وڌايون. سگا چيئرمين سنڌ ۾ امن امان جي ڪرندڙ صورتحال، ٿر ۽ ڪاڇي ۾ ڏڪار سميت اهم مسئلن طرف وزير موصوف جو ڌيان ڇڪايو. ان موقعي تي سگا جو اڳوڻو چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر اسلم عقيلي، سگا جو وائيس چيئرمين عبد الرسول سومرو ۽ سيڪريٽري جنرل سِگا علي حسين بروهي پڻ اسٽيج تي موجود هئا. تقريب ۾ نامياري اسڪالر ۽ اديب محمد ابراهيم جويو صاحب جي ڪتاب جي مهورت به ڪئي وئي.

    ان موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن پاران تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ آسو ڪولهڻ کي صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه هٿان گولڊ ميڊل پارايو ويو ۽ 50 هزار روڪ رقم ڏني وئي، جنهن دوران اسٽيج تي ويٺل ماڻهن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي آسو ڪولهڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي ۽ سگا عورتاڻي ونگ جي اڳوڻي صدر مهتاب اڪبر راشدي، تاج محمد بلوچ، محترمه نذير ناز۽ ڊاڪٽر مظفر عقيلي صاحب کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنا ويا. سماجي ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتن عيوض محترم رفيق سرهيو، ڊاڪٽر دبير عالم، اعجاز احمد مهيسر، خالد حسين چنا کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا، مدد علي سنڌي کي صحافت جي ميدان ۾ خدمتن عيوض اوارڊ مليو. ان کانسواءِ سگا جي مختلف شاخن جي عهديدارن، مرڪزي اڳواڻن کي به ايوراڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون جن ۾ جاويد احمد انڙ، غلام رسول ٻٻر، ارباب خالد، پيرل خان کوسو، اسماعيل پهنور، گلزار ڪلهوڙو پاٽائي، غلام رسول سولنگي، نذير احمد ڀنڊ، عزيز احمد پهنور، محترمه شبنم موتي ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته سنڌ جي مختلف روشن تارا اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پوزيشن کڻڻ تي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا.

    هن تقريب ۾سگا مٺي شاخ جي اڳوڻي صدر ۽ نامياري راڳي مرحوم صادق فقير جي پُٽ راحت صادق فقير پنهنجي فن جي سفر جي شروعات پنهنجي والد جي ڳايل مشهور ڪلام توکان ٿيندي ڌار سان ڪئي. محفل موسيقي ۾ استاد امير علي، راحت صادق فقير، تعمير حسين ۽ شفيع فقير سميت ٻين راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ٻڌندڙ کي جهومايو. هن پروگرام ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان سنڌي ڪٽنبن شرڪت ڪئي ۽ رات دير سان روشنين جي شهر ڪراچي ۾ سنڌين جو هي ميڙ پنهنجي پڄاڻي تي رسيو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو