ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ ويسٽ انڊيز کي ميزبان نيوزيلينڊ هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مارٽن گپٽل جي شاندار ڊبل سينچري سبب ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهندڙ نيوزيلينڊ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندي ويسٽ انڊيز کي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

    ويلنگٽن ۾ اڄ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڪپتان ميڪلم ۽ وليمز جي جلد آئوٽ ٿيڻ باوجود نيوزيلينڊ ورلڊ ڪلاس پرفارمنس پيش ڪئي. نيوزيلينڊ جي بيٽنگ صرف مارٽن گپٽل جي چوڌاري ڦرندي رهي، جنهن ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اننگز کيڏندي 11 ڇڪن ۽ 24 چوڪن جي مدد سان 163 بالن تي 237 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ٽيلر 41 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 393 رنسون اسڪور ڪيون. ويسٽ انڊيز پاران ٽيلر 71 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

    جواب ۾ وڏي اسڪور جي تعاقب ۾ ڪرس گيل ڌونوان ڌار شروعات ڪئي پر ٻي طرف وڪيٽون ڪرنديون رهيون. ڪرس گيل صرف 33 بالن تي 8 ڇڪن جي مدد سان 61 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪرس گيل جي آئوٽ ٿيڻ سان ئي ڄڻ ويسٽ انڊيز جون اميدون دم ٽوڙي ويون. پوري ٽيم صرف 31 اوورن ۾ اٺ رنسن جي رن ريٽ سان 250 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ پاران بولٽ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

    مارٽن گپٽل کي 237 رنسن جي شاندار اننگز عيوض مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو.

    مڪمل اسڪور لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.


    ان سان گڏ ئي ورلڊ ڪپ جو ٻيو مرحلو به مڪمل ٿيو. جنهن ۾ 4 ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهتيون آهن. ٻنهي گروپس مان ٽاپ ڪندڙ ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهتيون.

    پهريون سيمي فائنل 24 مارچ تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ 24 مارچ تي آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 26 مارچ تي سڊني ۾ کيڏيو ويندو.
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ڪجهه به آهي پر ويسٽ انديز جي هر هڪ رانديگر پنهنجي وسان ڪين گهٽايو..مڃو ٿا شڪست ملي آهي انهن کي پر انهن بيٽنگ ڪندي وڏي ويڙه ڪئي آهي ..هر رانديگر 4 ۽ 6 کانسوا ته رنز جوڙي ئي نه پيو..انهن جي همت کي مان سلام ڪيان ٿو ..باقي نيوزيلينڊ تمام وڏي داد جي حقدار آهي...جهڙي ريت رنسون ٺاهيائون، وري انهن جي فيلڊنگ، وري ان مٿان بالرز جا جارحانه حمله مڃڻ مراد آهي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو