ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 : نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ٻئي ٽيمون سدائين سيمي فائنل ۾ هارائي وينديون هيون ۽ اڄ ٻنهي ٽيمن جو سيمي فائنل ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو هيو. ڊڪ ورٿ ليوس سسٽم سدائين وانگر هن دفعي به ڏکڻ آفريڪا جي شڪست جو هڪ اهم سبب بڻيو. ساڳي وقت نيوزيلينڊ جي بيٽسمينن ڪمال جي راند ڏيکاريندي نيوزيلينڊ جي بيڙي کي پهريون دفعو فائنل ۾ پهچايو.
    آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اٺين اوور ۾ صرف 32 رنسن تي ٻنهي اوپنرز هاشم آملا ۽ ڊي ڪاڪ جي آئوٽ ٿيڻ سبب ڏکڻ آفريڪي رانديگرن روسو ۽ ڊوپليسي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي اسڪور 26 اوورن ۾ 114 تي پهتو ته روسو به آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوء ڊيويليئر پنهنجي ساڳي جارحانه اننگز برقرار رکي ۽ اسڪور کي تيزي سان اڳتي وڌايو. 37 اوورن ۾ اسڪور 216 رنسن تي پڳو ته تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ راند لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين رڪيل رهي. ان کانپوء اوورن کي صرف 43 تائين محدود ڪري ڏکڻ آفريڪا جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. برسات کانپوء ڏکڻ آفريڪا 5 اوورن ۾ 70 رنسون ڪيون. ڊپليسي 82 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ملر صرف 18 بالن تي 49 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڊويليئر 45 بالن تي 65 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا 43 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون. ڪوري اينڊرسن 6 اوورن ۾ 72 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.
    ڊڪ ورٿ ۽ ليوس سسٽم تحت نيوزيلينڊ کي 43 اوورن ۾ ميچ کٽڻ لاء 298 رنسن جو ٽارگيٽ مليو. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ۽ اوپنرر ميڪيلم تيز کيڏيندي نيوزيلينڊ لاء عالمي رڪارڊ ٺاهيو. پهرين پنج اوورن ۾ نيوزيلينڊ 71 رنسون ڪيون. ڪپتان ميڪيلم صرف 26 بالن تي 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن ۾ 4 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هيا. ميلم جي آئوٽ ٿيڻ کانپوء ڏکڻ آفريڪا ڪجهه وڪيٽون وٺي نيزيلينڊ کي سوڙهو ڪري وڌو. 149 رنسن تي چار وڪيٽون ڪرڻ کانپوء نيوزيلينڊ پوئين قدم تي هلي وئي .... پر پوء ڪوري اينڊرسن ۽ ايليٽ جي شاندرا پارٽنرشپ سبب هو ميچ ۾ واپس آيا. ٻنهي جي وچ ۾ 103 رنسن جي پارٽنر شپ ٺهي. اينڊرسن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوء به ايليٽ ڪنهن به طرح گهٻراهٽ جو شڪار ڪونه ٿيو پر ڏکڻ آفريڪا فيلڊ ۾ ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن سبب هنن هار کاڌي. ايليٽ جو بائونڊري لائين تي ڪيچ ڇڏيو ويو ۽ هن جا ٻه يقيني رن آئوٽ به ڇڏيا ويا. آخري ٻن اوورن ۾ نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاء 21 رنسن جي جڏهن ته آخري اوور ۾ کٽڻ لاء 12 رنسن جي ضرورت هئي. ان وقت وڪيٽ ڪيپر ڊي ڪاڪ کان نه صرف ٻه دفعا باء جي رنس ورتي وئي پر هن ايليٽ جو ٻه دفعا رن آئوٽ مس ڪيو. آخري ٻن بالن تي 5 رنسن جي ضرورت هئي پر دنيا جي بهترين بالر اسٽين يارڪر يا بائونسر بجاءِ فل بال ڪيو جنهن تي ايليٽ ڇڪو هڻي ميچ 4 وڪيٽن تان کٽي ورتي. گرانٽ ايليٽ 3 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 73 بالن تي 84 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ کيس مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو. ڪوري اينڊرسن 58 رنسون ٺاهيون. موري مورڪل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

    هي ميڇ ناڪ آئوٽ مرحلي سان گڌ ٽورنامينٽ جي دلچسپ ترين ميچ رهي ۽ آخر تائين سسپينس برقرار رهيو.

    مڪمل اسڪور هن لنڪ تي

    نيوزيلينڊ سيميم فائنل کٽي پهريون دفعو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهتي آهي ۽ ٽورنامينٽ ۾ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي.

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڊڪ ورٿ لوئس جي ڪري سائوٿ آفريڪا کي اضافي رنسون مليون، ان ڪري فائدو سائوٿ آفريڪا جي حق ۾ چئجي ته بهتر آهي، باقي سائوٿ آفريڪا وارن ثابت ڪيو ته اهي پريشر وارن ميچن ۾ چوڪرز آهن..
    سندن فيلڊنگ ڏسي ڏاڍو عجب ٿيو...
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا هاڻي به ايئن ٿئي ها پر مقدر انهن ٻنهي جو سيمي فائنل گڏ ڪيو تنهن ڪري هڪ کي ته هارائڻو هيو . جيڪڏهن جدا جدا هجين ها ته ممڪن هيو ٻئي ٻاهر هجن ها !
    باقي ميچ واه جي هئي...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو