سانگهڙ جا ڪتبخانا، سانگهڙ جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2015۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    سانگهڙ جا ڪتبخانا
    سانگهڙ جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر


    سنڌ جي نئين جوڙجڪ مطابق 23 ضلعن مان سسانگهڙ ضلعو به هڪ آهي، هي سڀ کان پهرين 1947ع ۾، ٻيو ڀيرو 1950ع ۾ ۽ ان کان پوءِ آخري ڀيرو سيپٽمبر 1953ع ۾ انتظامي طور وجود ۾ آيو. سانگهڙ ضلع جي پکيڙ 4142 چورس ميل آهي، جنهن ۾ 500 چورس ميل اڇڙي ٿر جو وارياسو برپٽ پڻ شامل آهي. جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ سان ◦24-68 ۽◦13-70ويڪرائي ڦاڪ ۽ جڏهن ته 30-21 ۽ 28 ۽ 26 ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ سنڌ ملڪ جو ڏاکڻو وچولو حصو آهي.

    سنڌ ملڪ جي آزاد حيثيت ختم ڪندي انگريزن 1843ع ۾ قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ پهرين مزاحمت جي شروعات ”حرن“ موجود ه ضلع سنگهڙ مان ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ اندر پهريون لوڙها جيل♦( Concentration Campus) 1895ع ۾ جانب جي ڍوري نالي هنڌ تي قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي انهن بهادر ماڻهن کي ٻارن ٻچن سميت قيد ڪيو ويندو هو جيڪي آزاديءَ لاءِ لڙندا هئا، اهڙيءَ طرح سنڌ اندر انگريزن طرفان پهرين مارشلا پڻ سانگهڙ ضلع ۾ لڳائي وئي.

    حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي گادي سيد محمد بقا شاهه ”پٽ ڌڻي“ لان شروع ٿئي ٿي ۽ موجودهه پير پاڳاري سيد سڪندر علي شاهه عرف علي مردان شاهه ”ڇٽ ڌڻي“ تائين اچي ٿي.پير پاڳارن جي مريديءَ ۾ تقريبن سنڌ جا سڀ قبيلا، ذاتيون ۽ گروهه اچي وڃن ٿا، جن کي ”حر“جي لقب سان سڏيو ويندو آهي.

    سانگهڙ نه رڳو حر تحريڪ جي ڪري مشهور آهي پر هن جي جاگرافي حدن جي اندر خوبصورت ۽ قدرتي ماحول جڙيل آهي، جنهن ۾ هڪ طرف کان اڇڙي ٿر جو وسيع برپٽ / بيابان عجب ڏيک ڏئي ٿو ته ٻئي طرف مکي ڍنڍ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون ڍنڍو آهن اهي مختلف آبي جيوت جا مرڪز آهن ۽ اتي ڀانت ڀانت جا ڏيهي توڙي پرڏيهي پکي اچي آساس وٺن ٿا، اهو علائقو سانگهڙ جو خوبصور ترين جاءِ آهي، جتي حڪومت چاهي ته ملڪ جا بهترين تفريح گاهه جوڙي سگهجن ٿا.


    ●سانگهڙ شهر ٽالپر حڪمرانن جي آخري دور ( 1840ع کان 1843ع ) ۾ هڪ ڳوٺ جي صورت م ظاهر ٿئي ٿو، جنهن تي اهو نالو اڀرندي ناري جي هڪ ننڍڙي اٿل واهه ” سنگهرا“ تان پيو. سانگهڙ ضلع جون جاگرافي حدون، تاريخي، سياسي، ثقافتي ۽ معاشي حولي سان تمام گهڻي اهميت جي حامل رهيون آهن، اهو سڀ ڪجهه ان جي قدرتي طور جاگرافي بيهڪ جي ڪري ئي آهي.جنهن جون ايراضيون يارهن سو سالن جي عرصي کان به وڌيڪ سنڌونديءَ جي اوڀارن ۽ اولاهين آبي نظام هيٺ پئي سيراب ٿيون آهن. اڄ تائين به هن ضلعي جو تعلقو شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ڄام نواز علي روهڙي ڪئنال جي پاڻيءَ سان ۽ سنجهورو، سانگهڙ ۽ کپرو تعلقا نارا ڪئنال جي پاڻي سان آباد ٿين ٿا.

    *هڪ ٻي روايت موجب موجوده سانگهڙ هڪ مٿاهون پٽ هيو جنهن کي سانگ وارو پٽ يا دڙو ڪري سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ان مٿاهين پٽ يا دڙي جي آس پاس وارا ڳوٺ مکي ٻيلي، مکي ڍنڍ ۽ ٻين ننڍين وڏين ڍنڍن جي ڪنارن سان آباد هئا جتي وڻڪاري گهڻي هئي، ان وڻڪاري ۽ ڍنڍن جي هئڻ ڪري اتي مڇر ۽ سنهي ڪت تمام گهڻي ٿيندي هئي، جنهن سبب جي ڪري انهن مالوندن ماڻهن جو چوپايو مال رات جي وقت سک سان رهي يا سمهي نه سگهندو هو تنهن ڪري اهي مارو مڻهو مڇرن واري موسم ۾ پنهنجو مال مويشي ڪاهي ان سانگ واري دڙي تي اچي رهائيندا هئا. مطلب ته مال جي عارضي طور رهائڻ يا بيهارڻ جي جاءِ کي سانگو چوندا آهن ۽ ان مان سانگ وارو يا سنگترا مان پوءِ سنگهڙا يا سانگهڙ سڏجڻ لڳو.

    ●بلوچ،ڊڪٽر نبي بخش: سانگهڙ ضلع جو تريخي پسمظر؛سانگهڙ صدين کان:مرتب؛عبداﷲورياهه،1992ع، ص 1

    * حر هسٽاريڪل سوسائٽي جي صدر ۽ تاريخ جي ڄاڻو مير محمد نظاماڻيءَ کان ٻڌل روايت

    ♦ حر تحريڪ دوران آزادي لاءِ وڙهندڙ ماڻهن کي باندي بنائڻ لاِ هڪ وڏي علاقي کي خاردار تارن يا ٻٻرن ۽ ڪنڊين، ڪانڊيرن کي وڍي انهن جي ٽارين ۽ ڪنڊن جا لوڙها ڏئي / ٺاهي جيل ٺاهيا ويا ۽ انهن ۾ ماڻهن کي قيد ڪيو ويندو هو.


    سانگهڙ جا ڪتبخانا:


    1. ميان مير محمد راڄڙ وٽ قلمي مخطوطه ( نسخه) جو ذخيرو / لائبريري

    چوندا آهن ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي. اهو سچ آهي ته علم پنهنجي چاهينسڙن وٽ سرحدون پار ڪري پهچي وڃي ٿو. سنڌ جي ٿر وارو علائقو جنهن م خصوصن اڇڙو ٿر اچي ٿو، جتي بک ۽ بدحالي هميشه پنهنجو دائمي گهر ڪيو پئي آهي تڏهن به اتي جا ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن آدم جي آڏو پنهنجو جهول نه جهليو آهي، بلڪه پنهنجي محنت ۾ ئي مان ۽ شان سمجهيو اٿن ۽ پنهنجي حياتيءَ کي سڦل ڪرڻ لاءِ سدائين جاکوڙ ڪندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح هنن علم جي واٽ تي پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي.

    سانگهڙ جي تعلقي کپري جي ديهه ساونهر جنهن کي ڪس1 جو علائقو پن چيو وڃي ٿو، جتان جو رهاسي ميان مير محمد راڄڙ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عالم آباد ۾ عربيءَ جو استاد آهي، پاڻ پڙهيو لکيو سگهڙ ماڻهو آهي، سندس خاندان ۾ وڏا عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. جن ۾ ميان خالد راڄڙ2 وڏو نالي وارو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن اڇڙي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ” تڙ پساريو “ ۾ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جو بنياد وڌو. ميان خالد 1165 هه ۾ ڄائو پاڻ حديث، فقه ۽ ٻين اسلامي علمن جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو.ميان خالد ۽ سندس خاندان وارا سيد محمد راشد روضي ڌڻي ( پهريون پير پاڳارو ) جا مريد هئا. ميان خالد راڄڙ جي وفات کان پوءِ خاندان ۾ ملڪيت جي ورهاست سان گڏ سندس ذاتي ڪتبخاني جي ڪتابن جي به ورهاست ٿي، جنهن جو ڳچ حصو ميان مير محمد راڄڙ جي وڏڙن کي پڻ مليو جنهن جي هو سنڀال اڄ تائين ڪندو ٿو اچي. هن ئي خاندان جو هڪ ٻيو فرد ميان حاجي عبداﷲ راڄڙ جنهن وڏڙن کي پڻ پنهنجي حصي ۾ ڪجهه ڪتاب مليا هئا، جيڪو ضعيف العمريءَ جي حالت ۾ هوندي به انهن قلمي مخطوطن ( هٿ جي لکيل ڪتابن ) کي سنڀاليندو ٿو اچي.

    حر تحريڪ دوران اڇڙي ٿر تي انگريز سرڪار طرفان بمباري ۾ هن ڪتابي ملڪيت جو ڪافي ذخيرو سڙي رک بنجي ويو، باقي جيڪو ڪجهه حصو بچيو انهن قلمي نسخن کي هي مجاهد اڄ به ساهه سان سانڍيو پيا ٿا اڇن.

    ميان مير محمد راڄڙ استاد هجڻ جي ناتي هن ڪتابي ذخيري کي لائبريريءَ ۾ تبديل ڪرڻ ٿو چاهي ۽ جڏهن هي لائبريري ترتيب ۾ اچي وئي ته ٻين لائبريرين کان مختلف ٿيندي ڇاڪاڻ ته هن جو ذخيرو زياده تر قلمي مخطوطن تي مشتمعل آهي، هي سڀ قلمي ڪتاب ڪپڙي جا رلين ونگر ٽڪ تي ٺهيل ٿيلها ( بجڪيون ) ٺاهي انهن ۾ رکيا ويا آهن، ائين جيئن مسلمان قرآن شريف سنڀالي رکندا آهن. ميان مير محمد وٽ قلمي نسخن جو ڪل تعداد 100 کن ٿيندو جن ۾ چند قديم ترين هي آهن؛ جيئن

    نمبر

    ڪتاب جو نالو

    ڪاتب جو نالو

    تاريخ

    ٻولي

    1

    حديث

    ميان حاجي يونس

    841 هه

    عربي

    2

    شمائل محمديه

    محمد حسن

    1192 هه

    عربي

    3

    جلال شريف

    عبدالملڪ بن دين محمد

    1191 هه

    عربي

    4

    فتوحته التورات

    فتح محمد

    1057 هه

    عربي


    انهن ڪتابن کان علاوه ڪجهه دستاويز جن ۾ لوڙها جيل ۾ مڻهن جي اچڻ وڃڻ لاءِ راهداري ۽ اهي خط جن ۾، محمد راشد روضي ڌڻي، پير حزب اﷲشاهه مسند ڌڻي،سيد شاهه مردان ڪوٽ ڌڻي ۽ سورهيه بادشاهه جا هٿ اکر لکيل خط موجود آهن، جن جو ٿعداد لڳ ڀڳ 50 ٿيندو اهو سڀ هن علم دوست استاد وٽ محفوظ پيل آهي. هن قلمي ڪتبخاني مان هڪ محقق استاد، تحقيق ڪري پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود اڃا به هي ڪتاب تحقيق لاءِ محققن کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا آهن.

    1.اها حد بندي ( ڪنڌي يا ڪنارو ) جنهن جي هڪ پاسي کان آبادي يا سرسبزي هجي ۽ ٻئي ڪناري کان ٿر يا بيابان شروع ٿئي، تنهن کي ڪس جو علائقو چئبو آهي.

    2.سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو خليفو ٿي گذريو آهي



    2. محمد احمد کرل جو ذاتي ڪتبخانو

    محمد احمد کرل جا وڏا اصل ته پنجاب صوبي جا ويٺل آهن،پوءِ هي روزگار سانگي سنڌ پرڳڻي جي ضلع سانگهڙ جي شهر سنجهوري ۾ اچي سڪون پذير ٿيا آهن. ويڪرين گهٽين ۽ رستن تي ٻڌل هي شهر هڪ زرخيز تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، شهر جي ٻاهران چوڌارين سرسبز کيت ۽ باغ موجود آهن، شهر توڙي آس پاس جي رهندڙ ماڻهو اسلامي صوف مزاج رکندڙ آهن.

    ايم اي سياست ۾ ڪيل هي نوجوان پيشي جي لحاظ کان پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ آهي، پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان ئي شوقين آهي، انهيءَ شوق جي نتيجي ۾ پاڻ 1980ع کان وٺي ڪتاب پڙهندو ۽ گڏ ڪندو رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت سندس گهر ۾ اسلام جي چونڊ موضوعن تي 400 ڪتابن جو ذخيرو وٽس موجود آهي، ان کان علاوه غير ڪتابي مواد ۾ قرآن پاڪ جي تفسير جون 25 آڊيو ڪيسٽ ۽ 40 وڊيو ڪيسٽ هن وٽ موجود آهن،جيڪي مختلف عالمن جي ليڪچرس ۽ تقريرن جي رڪارڊ تي آهن. هي پنهنجي لائبريريءَ جي ڪتابن تي سالانه 5000 رپيا خرچ ڪري ٿو.


    3.حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندريءَ جو ذاتي ڪتبخانو ( مڪتبه حزب الاحناف )

    حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندريءَ سانگهڙ شهر جي پوليس لائين ( پوليس ڊپارٽمينٽ جي ملازمن جي رهائش جي ڪالوني ) جي جامعه مسجد ۾ پيش امام طور ملازم آهي. هي بزرگ ٿر جي ڳوٺ واوڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جيئن ته هن کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ 7 پڙهڻ جو شوق هوندو هو تنهن ڪري هي علم جي ڳولا ۾ مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان پڙهندو پنجاب صوبي جي شهر لاهور مان ” اديب فاضل ۽ عالم فاضل “ جو سندون وٺي پنهنجي اباڻي ڳوٺ واوڙي ٿر ڏانهن واپس وريو.

    حفظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جا مختلف موضوعن لکيل ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه سندس مختلف رسالن ۾ بيشمار مضمون ڇپجي چڪا آهن.

    هن بزرگ سال 1983ع ۾ پنهنجي گڏ ڪيل ڪتابن کي هڪ لائبريريءَ جي شڪل صورت ڏئي ڪري سانڍڻ لڳو، ان لاءِ هن ڪتاب، مخطوطه يا اهڙي قسم جا ٻيا ناياب نسخه گڏ ڪيا ۽ اهو شوق اڃا جاري ساري آهي. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ 3000 کان به مٿي ڪتاب موجود آهن ۽ ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخه به آهن جيڪي فوٽواسٽيٽ ٿيل آهن. ڪتاب سٺي شڪل ۾ المارين ۽ ڪٻٽن ۾ بند رکيل آهن، ان کان علاوه گهر ۾ ٻين هنڌن تي پڻ ڪتاب رکي ڇڏيا اٿس ۽ سندس چوڻ مطابق ”ڪتابن جي رکڻ جي جاءِ ڪانهي، ڪٿي رکون! معاشي وسيلا گهٽ هجڻ جي ڪري، ايڏو خرچ ڪري ڪو ڌار ڪمرو نه ٿو جوڙائي سگهان ۽ ان ڪري کوڙ سارا ڪتاب ضايع پڻ ٿيندا رهيا آهن. “


    4.شهيد محمد علي کوسو لائبريري، ٽنڊو آدم

    شهيد محمد علي کوسو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اي ايس آءِ جي عهدي تي فائز هو، ڊيوٽيءَ دوران پنهنجو فرض نڀائيندي جهول شهر جي ڀرسان ڌاڙيلن جي مقابلي ۾ شهيد ٿيو. سندس والد محترم عبدالحڪيم کوسو وڪيل آهي سو پنهنجي پياري پٽ جي ياد ۾ هيءَ لائبريري 2002.8.3ع ۾ سندس نالي سان يادگار طور قائم ڪئي،جيڪا هڪ عاليشان عمارت جي هڪ وڏي هال ۾ قائم ڪئي وئي آهي. سندس مستقبل جو منصوبو آهي ( Plan ) آهي ته هن لائبريري سان گڏ هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ڪبو ۽ لوڪَ جي علمي ۽ ادبي خدمت ڪبي.

    لائبريري ۾ ادب،عام معلومات، قانون ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪل 1000 جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن ان کان علاوه سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارو پڻ روزانو اچن ٿيون. لائبريريءَ جو پرسڪون ماحول آهي اهڙي سٺي ماحول ۾ ويهي ڪنهن وڏي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان جي تياري ڪري سگهجي ٿي.


    5.شهيد عبدالرحيم گرهوڙِي پبلڪ لائبريري، سانگهڙ

    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي► ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم فاضل، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي، پاڻ 1739ع ۾ جنم ورتائون، چوٽياري جي مدرسي ۾ ميان مبين وٽ تعليم حاصل ڪيائون لنوري جي بزرگ خواجه محمد زمان جا مريد ٿيا. پاڻ سنڌي ڪلام کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ پڻ ڪتاب لکيا اٿن،سندن والد بزرگ جو نالو سعيد اﷲ ۽ ذات جو مڱريو هو. پاڻ ٿر ۾ پوڄارين سان جهاد ڪندي 1192هه بمطابق 1878ع ۾ شهادت جو جام پيتو.

    ”شهيد عبدالرحيم گرهوڙي اصول ۽ فقه جو عالم هو ۽ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندس تصنيفون فقه توڙي سلوڪ ۾ حد ۽ حصر کان ٻاهر آهن. سندن ڪيترائي ڪتاب مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه ۽ حملي وقت جا ڀاڄ / لڏ پلاڻ ٿي هئي تنهن ۾ ضايعه ٿي ويا، پر! انهن مان ڪجهه اڃان به موجود، مليا آهن.“◘

    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي نالي هي پبلڪ لائبريري گورنمينٽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي معرفت سانگهڙ شهر جي عوام لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي بنياد جو افتتاح سڀ کان پهرين سي ايس پي آفيسر ايس ايم اي اشرف 6 مئي 1961ع ۾ ڪيو، ان کان پوءِ جيئن بلڊنگ تيار ٿي ته ٻيو ڀيرو افتتاح سي ايس پي آفيسر مسٽر ولايت احمد خان 20 آڪٽوبر 1962ع تي ڪيو، وري ٽيون ۽ آخري ڀيرو افتتاح پي سي ايس آفيسر مسٽر امداد اﷲ انڙ 16 مئي 1972ع تي ڪيو. ان ما اهو ثابت ٿيو ته هن عوامي ڪتبخاني جو قيام 6 مئي 1961ع تي عمل ۾ آيو.

    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي لائبريري هيڏي وڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ به ڪا ترقي نه ڪري سگهي آهي!!!! سبب انتظاميه جي عدم دلچسپي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي هن لائبريريءَ کان لاتعلقي وارا رويه آهن. جڏهن ته ٻڌايو وڃي ٿو ته اڳ هن لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هوندو هو، اهي ڪتاب ڪيڏانهن ويا؟ ڪيئن ختم ٿيا؟ تنهن جو نه ڪو اتو نه پتو آهي! هن وقت لائبريري ۾ ڪل 500 ڪتاب موجود آهن تنهن ۾ ادب، تاريخ ۽ قانون تي ڪجهه چڱو مواد آهي. لائبريريءَ کي ساليانا 10000 هزار رپيا گرانٽ ملندي آهي،اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڪل اٺ اخبارون روزانو اينديون آهن.

    ►بهڻ، الهورايو؛ ايڊيٽر:سانگهڙ جي سرهاڻ: سانگهڙ ثقافتي ميلو آرگنائيزنگ ڪاميٽي، 1992ع

    ◘ورياهه،عبداﷲ : سانگهڙ صدين کان: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي، 1992ع؛ 116_117 ص


    6. شاهه عبداللطيف پبلڪ لائبريري، ٽنڊو آدم

    ٽنڊو آدم، تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۽ ضلع سانگهڙ جو وڏي ۾ وڏو صنعتي شهر آهي، هن شهر کي ضلع جو واپاري مرڪز پڻ چئجي ٿو. هي شهر ” آدم مري“ نالي شخص آباد ڪيوهو، جنهن جو مقبرو کپري شهر کان اٽڪل پنج ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ ”کاڻي راڄڙ“ ڏانهن ويندڙ رستي جي ڀر ۾ آهي.

    تعلقو ٽنڊو آدم ميڳنسول ڪاميٽيءَ جي طرفان هي لائبريري شاه عبداللطيف پبلڪ لائبريري جي نالي سان سال 1959ع ۾ قائم ڪئي وئي،جنهن ۾ ڪل ڪتاب 7267 موجود پيل آهن، جنهن ۾ انگريزي 1100، سنڌي 800، اردو 5267 ۽ عربي ٻولي ۾ 100 ڪتاب گڏ ڪيل آهن. انهيءَ کانسواءِ مختلف رسالن جو چڱو خاصو تعداد پڻ لائبريري ۾ موجود پيل آهي، هت روزانو سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديو آهن پر انهن جو ڪوبه رڪارڊ نه ٿو رکيو وڃي. لائبريريءَ هر سال 10000 هزار گرانٽ سرڪار طرفان ملي ٿي ۽ ان سان گڏو گڏ ” انجمن فلاح و بهبود،ٽنڊي آدم“ جي هڪ سماجي تنظيم پڻ سهڪار ڪري ٿي.


    1.شاهه عبداللطيف پبلڪ لائبريري، شهداد پور

    هي لائبريري 1936ع ۾قائم ٿي ۽ شهر جي قديم ترين لائبريري آهي، هن وقت ميونسپل ڪاميٽي جي انتظام هيٺ هلي رهي آهي. سندس پهريون نالو ميونسيپل لائبريري شهدادپور هو، ان کان پوءِ 1973ع ۾ هن جو نالو بدلائي ڪري شاه عبداللطيف لائبريري، شهدادپور رکيو ويو. سندس موجوده بلڊنگ مير محمد وساڻ پائيس چئيرمين بلديه شهدادپور جي طرفان عطيي طور پنهنجي ڀاءُ مرحوم محمد عيسيٰ وساڻ جي نالي لائبريري،ان جي ياد کي قائم رکڻ لاءِ بلديه شهدادپور کي ڏني وئي.

    شهدادپور تعلقو،ضلع سانگهڙ جو ٻيو نمبر وڏو تعلقو آهي، بلڪل وچ شهر ۾ قائم ٿيل هي لائبريري جي ڪتابي ذخيري ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪل 6500 ڪتاب موجود پيل آهن ان کان علاوه انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارون پڻ روزانو اچن ٿيون، ڪتابن ۽ اخبارن جي ڪا خاص ترتيب ڪانه آهي. سراسريءَ جي بنياد تي هن لائبريريءَ مان روزانو 50 پڙهندڙ فائدو وٺي رهيا آهن. لائبريريءَ کي مختلف ادارن کان ڪل 70000 رپيا ساليانه رقم گڏ ٿئي ٿي، هن جي مدد گارن ۾ ايشيا فائونڊيشن، تعليم کاتو ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ آهن.


    8.مدرسته الفيض جي لائبريري، ڳوٺ سومر فقير هنڱورو- شهدادپور

    هي مدرسو ۽ لائبريري مولانا محمد صالح صاحب 1962ع ۾ قائم ڪيا، هن مدرسي جي لائبريري ٿوري عرصي ۾ چڱي ڀلي ترقي ڪئي، پر هاڻ هي لائبريري هڪ هنڌ بيهجي وئي آهي، مطلب ته نوان ڪتاب اچڻ بند ٿي ويا آهن. لائبريريءَ ۾ مختلف علمن ۽ فنن تي 2400 ڪتاب موجود آهن. هن لائبريريءَ جي قلمي نسخن ۾ مشهور خطاط حفظ عثمان جي هٿ جو لکيل ناياب قرآن مجيد جو نسخو، جيڪو 1294هه ۾ لکيو ويو هو سو هت موجود آهي☻ان کان علاوه حديث، فقه، تصوف، صرف و نحو، ادب ۽ تاريخ تي ڪتاب موجود آهن، جن ۾ تيرهن صديءَ جا ڇپيل ناياب ڪتاب پڻ موجود آهن، ان کان علاوه ٻه سنڌي اخبارون روزانو لائبريريءَ ۾ اچن ٿيون

    مدرسته الفيض ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي پنهنجي بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ ” سڪندريه اورينٽل ڪاليج“ جو بنياد پڻ رکيو آهي، جنهن ۾ ديني تعليم سان گڏ سائنسي تعليم ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي.

    ☻ٻٽ،الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع


    9.چوٽيارين جي مدرسي جي لائبريري

    هي مدرسو ۽ لائبريري سنڌ جي قديم ترين تعليمي ادارن مان آهن. هن مدرسي جي باري ۾ اورنگزيب بادشاهه جي دور جي ۾شهور سياحالنگزينڊر هئملٽن لکيو آهي ته ” هي مدرسو علم ۽ فضل جو وڏو مرڪز هو. هن مدرسي ۾ ديني تعليم جو نهايت عاليشان بندوبست ٿيل هو ۽ ان مان سوين چوٽيءَ جا عالم ۽ اڪابر تعليم حاصل ڪري چڪا آهن“ هاڻ هن وقت مدرسي جو اهو عروج نه رهيو آهي.! هن درسگاهه جو بنياد ميان مبين ڪيرئي 1140هه ڌاري چوٽياري ۾ رکيو، ان ۾ ابتدائي تعليم کان سواءِ فقه، حدث، تفسير ۽ قرآن شريف جي اعليٰ تعليم تائين انتظام هو، اهي شاگرد عربي ۽ فارسي زبان ۾ تعليم حصال ڪندا هئا، ميان مبين ڪيريو 1194هه ۾ وفات ڪئي♠

    مدرسي جي قائم ٿيڻ سان گڏ هڪ عاليشان ڪتبخانو پڻ وجود ۾ آيو.مدرسي جي هن ڪتبخاني ۾ هزارين نصابي ۽ غير نصابي ڪتاب موجود هئا، هن لائبريريءَ جا پراڻا ڪتاب گهڻي قدر ضايع ٿي چڪا آهن، تڏهن به پراڻن ۽ اڻلڀ ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود آهي ، جڏهن ته ڪتاب ڪجهه ڪتاب مديني منور ۾ موجود آهن، جيڪي هن درسگاهه جي وسطيدار ميان حجي محمد پاڻ سان گڏ کڻي وڃي اتي محفوظ ڪيا آهن♥

    ♠ ورياهه،عبداﷲ (مرتب): سانگهڙ صدين کان: سانگهڙ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي. 1992ع.115-116 ۽174 ص

    ♥ ٻٽ،الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع، 75 ص


    10.قلندر شهباز پبلڪ لائبريري، شهدادپور1

    هي لائبريري شهيد ملت روڊ تي قائم آهي. هن لائبريري ءَ ۾ اٽڪل هڪ هزار کن ڪتاب موجود آهن، هيءَ لائبريري شهر جي نوجوانن جي توجهه جو مرڪز بڻيل هئي، مگر ان ۾ ڪتابن، فرنيچر ۽ عملي جي سخت کوٽ هجڻ ۽ اخبارون وغيره به نه اچڻ جي ڪري هيءَ لائبريري، بند ٿي وئي آهي.


    11.ميرمحمد هشم پبلڪ لائبريري، شهدادپور2

    *هن لائبريريءَ ۾ ڏيڍ هزار کن ڪتاب موجود آهن، ان کان علاوه سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ روزانون اخبارون به اچن رهيون آهن. هن لائبريري ۾ ڪتابن، فرنيچر ۽ عملي جي کوٽ آهي. ميونسپالٽي وارن کي گهرجي ته هنن عوامي ادارن کي سڌارڻ لاءِ ترت توجهه ڏيڻ گهرجي اه ميونسپالٽي جي قومي ذميواري آهي ته عوامي ماليت مان عوام کي ضروري سهولتون مهيا ڪري.

    هي لائبريري شهر جي نوجوانن گڏجي اتان جر هڪ مشهور شخصيت ۽ ميونسپالٽي جي اڳوڻي پريزيڊينٽ مرحوم مير محمد هاشم جي ياد ۾ قائم ڪئي هئي. لائبريري ڪجهه وقت کان پوءِ مينسپالتي جي اختياري ۾ اچي وئي، پر الائي ڇو هي لائبريري هلي نه سگهي.

    ½ شمشيرالحيدري (مرتب)؛سجاڳ سانگهڙ:سانگهڙ ڊولپمينٽ ايسوسيئشن. 1974ع،110-109 ص

    * ٻٽ،الهرکيو، سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ: حيدرآباد. سنڌ پبلشرس، 1980ع،155-156 ص




    12.مدرسه دارالعلوم الحسينيه جي لائبريري، شهدادپور1

    هي مدرسو 1951ع ۾ قائم ٿيو ۽ هن سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو ڪتبخانو پڻ قائم ٿيو. پوءِ هن لائبريريءَ کي باضبطه طور 1986ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ۾ تفسير، اصولِ حڪمت،اصولِ حديث، اصولِ فقه،منطق، فلسفو،صرف ونحو، عربي ادب، فارسي ادب ۽ فارسي گرامر تي اندازن 3000 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان جو ادب ۽ ڪجهه ڪتاب روسي زبان ۾ پڻ شامل آهي، لائبريريءَ جو موجوده انچارج مولانا محمد اسلم آهي.


    13.سلطانه المعروف دارالمطالعه مهدويه جي لائبريري، شهدادپور2

    هي لائبريري هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي وقت هڪ بزرگ نالي سلطان شهدادپور ۾ قام ڪئي، جيڪا اڄ به دائري وارن سيدن جي نالي سان مشهور آهي. هن وقت لائبريريءَ ۾ 500 کن ڪتاب موجود آهن، ڪتبخاني ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ 300 کن قديمي ڪتاب ۽ قلمي نسخه موجود آهن.


    14.دارالعلوم نعمانيه رضويه جي لائبريري، شهدادپور3

    دارالعلوم نعمانيه رضويه مرجز جامع مسجد لوهار گهٽي، شهدادپور ۾ 1983ع ۾ قائم ڪئي وئي، مطلب ته مدرسي جي شروع ٿيڻ سان ئي هي ڪتابن جوذخيرو جمع ٿيڻ لڳو، لائبريري ۾ قرآن مجيد جا ترجما، تفسير، فقه،حديث، فتوا، تاريخ ۽ تصوف کان علاوه ٻين به ڪيترن ڪوضوعن تي تقريبن 3000 کن ڪتاب موجود پيل آهن.

    1/2/3 نائچ،نياز اي.شهدادپور جون لائبريريون: نئين زندگي(ماهوار):جلد نمبر 57 شمارو نمبر(6-7)،2004ع



    15.مدرسو صبغته الاسلام، سانگهڙ

    سنڌ دور ماضي کان اڄ تائين علم و ادب جو مرڪز رهي آهي.هت وڏا وڏا عالم، اديب، شاعر،سياستدان، فلاسفر، درويش ۽ اولياءَ ٿي گذريا آهن، يقينن اهي سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن درسگاهه ۾ پڙهيا هوندا يا وري ڪنهن اهل علم يا اهل دل جي صحبت ۾ ضرور رهيا هوندا، سو اهو سلسلو جڳن کان اڄ تائين هلندو ٿو اچي، شايد جيسين دنيا آهي ايستائين هلندو رهندو. اهڙين عظيم شخصيتن يا انهن درسگاهن جي ڪري ئي دنيا جي ملڪن ۾ اقلاب ٿا ڪي ٻيون تبديليون اينديون رهيون آهن.

    ننڍي کنڊ( South Asia ) ۾ سنڌ ملڪ جي هڪ الڳ ٿلڳ تاريخي حيثيت رهي آهي، اهڙيءَ طرح سنڌ جي هر شهر جي هڪ الڳ نرالي ۽ منفرد تاريخ آهي . انهن شهرن مان هڪ شهر سانگهڙ به آهي سانگهڙ شهر جو تصور ڪرڻ سان ذهن جي دنيا ۾ هڪ جنگ جو منظر نامو اچي ٿو، جنهن جي اڳواڻي هڪ طرف خليفي نبي بخش جي آهي ته ٻئي طرف سادڙا، ڏٻرا هاري، پورهيت ۽ نوجوان پنهنجي روحاني ۽ انقلابي اڳواڻ سيد صبغت اﷲشاهه راشدي ” سورهيه بادشاهه“ جي اڳواڻيءَ ۾ حق سچ جا نعرا هڻي رهيا آهن، انهن وٽ عقيدو به آهي ته انقلابي واٽ تي پڻ نظر اچن ٿا.

    سانگهڙ شهر ۾ هڪ علمي درسگاهه مدرسو صبغته الاسلام جي نالي سان به آهي، ها جت ننڍا توڙي وڏا، سرڪاري توڙي غير سرڪاري درسگاهه پنهنجو علمي فيض پهچائي رهيا آهن، اتي هي به پنهنجي نرالي حيثيت سان علم و ادب ڦهلائي رهيو آهي. هي 1960ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ پنهنجي درس وتدريس جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين هلندو رهي ٿو. هي مدرسو” جامعه راشديه “جي هڪ شاخ آهي، هن جو انچارج حافظ رسول بخش وساڻ صاحب جن کان علاوه پنج استاد پڙهائي رهيا آهن. مدرسي ۾ خاص ترتيب ڏنل ڪورس مطابق تعليم ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ادب، فلسفه، نطق، صرف و نحو، اصول فقه، حديث، تفسير، عربي، فارسي ۽ فن ڪتابت وغيره اچي وڃن ٿا. انهن سڀني علمن جو امتحان ساليانو ورتو ويندو آهي، جيڪي استاد امتحان وٺڻ لاءِ ارندا آهن، اهي سڀ جامعه راشديه جي بورڊ جا ميمبر هوندا آهن. هن وقت مدرسي ۾ لڳ ڀڳ هڪ سو شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ گذريل سال يعني 2003ع ۾ هتان 46 کٿابي ( شاگرد ) پنهنجي علم جو سندو وٺي فارغ تحصيل ٿيا آهن. اهي هينئر مختلف درسگاهن ۽ مدرسن ۾ پنهنجو علمي سرگرميون جاري ڪيو پيا اچن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مدرسو ڪيترو نه تيزيءَ سان پنهنجي افاديت ظاهر ڪري رهيو آهي.

    مدرسه صبغته الاسلام جي هڪ بهترين لائبريري آهي جيڪا مدرسي جي ٺهڻ کان ٽي سال پوءِ قائم ڪئي وئي، هن وقت تائين ان ۾ 3500 ڪتاب موجود آهن، جن ۾ ادب، فلسفو، حديث،قرآن جا تفسير ۽ ان کان علاوه ڪجهه قلمي نسخا پڻ محفوظ آهن. انتظامي لحاظ کان لائبريريءَ جو ڪوبه لائبريرين ڪونه آهي ۽ ان مدرسي جي استادن مان ئي ڪو هڪ ان جو انتظام هلائيندو آهي. لائبريري جي ڪا به مخصوص بجيٽ ڪانهي، جيڪڏهن ڪي نوان ڪتاب گهرائڻا هوندا آهن ته مدرسي جي فنڊ مان ئي ڪتاب ورتا ويندا آهن.

    هي ڪتبخانو مدرسي جي جان آهي، جنهن مان استاد ۽ شاگرد علمي فائدو وٺن ٿا. هن مدرسي مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته هتان جيڪي عالم پڙهي نڪرن ٿا سي ڪنهن نه ڪنهن وقت جي تبديليءَ جو باعث بنجندا.


    16.مدرسه صبغته الهديٰ جي لائبريري، شاهپور چاڪر

    هي عاليشان مدرسو موجوده پير پڳاري جن 1967ع ۾ قائم ڪيو، هي جامعه راشديه پير ڳوٺ خيرپور جي شاخ آهي. هن مدرسي جو مدرس مفتي عبدالرحيم شر صاحب جن آهن، جيڪو سنڌ ۾ هڪ وڏي پايي جو عالم آهي. مدرسي جي لائبريري تمام بهتر نموني ۾ ترتيب ڏنل آهي، ڪتب صاف سٺا ڇنڊيل ڦوڪيل ۽ اسٽيل جي المارين ۾ رکيل آهن. لائبريري ۾ 3000 کن ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيل آهي جنهن جو گهڻي ۾ گهڻو حصو عربي ٻوليءَ ۾ آهي. لائبريريءَ ۾ ڪجهه قلمي نسخا پڻ موجود آهن، ان کان علاوه غير ڪتابي مواد ( آڊيو ڪيسٽ ) جو به هڪ الڳ ڪٻٽ ترتيب ڏنو ويو آهي، اخبارن ۽ رسالن جي لاءِ الڳ جاءِ ٺهيل آهي،لائبريريءَ جي ڪا الڳ بجيٽ نه آهي پر مدرسي جي خرچن مان هن لائبريريءَ کي ڪجهه فنڊ ملي ٿو.


    17.سيد صبغته اﷲ شاهه ثاني گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، سانگهڙ

    هي گورنمينٽ ڪاليج سنڌ جي بهادر، ارڏي ۽ سدا حيات ڪردار شهيد سيد صبغته اﷲ شاهه ثاني ” پير پاڳارو“ جي نالي تي 1962ع ۾ قائم ٿيو، نهايت وڏي ۽ وسيع ايرياضيءَ تي ڌار ڌار بلڊنگ تي مشتمل آهي . يعني سائنس جي لئبارٽريءَ ۽ ائڊمنسٽريشن جي لاء ڌار،ته پڙهندڙ ٻارن جي لاءِ الڳ بلڊنگ وري لائبريري جي لاءِ بلڪل الڳ بلڊنگ ٺاهيون ويون آهن. ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ هن وقت تائين 6200 ڪتاب ۽ ڪجهه تعداد ۾ رسالا ترتيب سان رکيل آهن،لائبريريءَ ۾ هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو اخبار روزانو اچي ٿي، هن ڪاليج جو لائبريرين محمد ايوب کيبر پنهنجي پروفيشن ۾ ايم ايل آءِ ايس پاس، گزيٽيڊ آفيسر آهي. لائبريريءَ مان استاد ۽ شاگرد فائدو وٺي رهيا آهن.






    18.گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، سانگهڙ

    سانگهڙ شهر ۾ هي هڪ ئي ڇوڪرين جو ڪاليج آهي، شهر توڙي آس پاس جي ٻهراڙيءَ جون ڇوڪريون هن ڪاليج ۾ پڙهڻ اچن ٿيون، هتي اچڻ وڃڻ جي تمام گهڻي تڪليف آهي. ڪاليج جي عمارت وسيع تر ميدان تي مشتمل آهي ، جنهن جي اندر سائنس لئبارٽيرز، ڪمپيوٽر لئب، ۽ ان سان گڏ هڪ شاندار لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي ان سان گڏوگڏ پري کان آيل پڙهندڙ ڇوڪرين جي سهولت لاءِ هڪ هاسٽل پڻ جوڙيل آهي جنهن ۾ استادياڻيون ۽ شاگردياڻين جي رهڻ لاءِ چڱو بندوبست ٿيل آهي. لائبريريءَ ۾ 6000 ڪتاب، هڪ عدد هٿ جو لکيل مخطوطو موجود آهن، هڪ اردو اخبار روزانو ايندي آهي. لائبريرين محترمه تسنيم اختر، ايم اي (اردو) ۽ ايم ايل آءِ ايس پاس، گزيٽيڊ آفيسر آهي. لائبريريءَ مان استاد ۽ شاگرد فائدو وٺي رهيا آهن.



    19. گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن( مين)، سانگهڙ

    هي ادارو 1964ع ۾ قائم ٿيو پهرين هن کي ٽيچرس ٽريننگ آف اسڪول جي نالي سان سڏيو ويندو هو، هن جي قائم ٿيڻ سان ئي لائبريري پڻ وجود ۾ آئي، پر جيئن ته ان وقت ۾ لائبريري جي اهميت کي محسوس نه ڪيو ويندو هو، پر جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي وئي ۽ علم و تحقيق جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي تيئن لائبريريءَ جي به اهميت وڌي وئي.1984ع ۾ هنن ٽريننگ اسڪولن کي ترقي ڏئي ڪري ڪاليجن جو درجو ڏنو ويو، تڏهن هن ڪاليج جو نالو گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن رکيو ويو. تڏهن لائبريريءَ کي اهميت ملي ۽ هن جي الڳ بلڊنگ ٺهي ملي. هن ڪاليج ۾ ضلع جي مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جي ستادن کي پي ٽي سي، سي ٽي جي تعليم ڏني ويندي آهي، شهر جي وڏن درسگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن کي اسپيشل لائبريري چئبو آهي، هينئر هن لائبريريءَ ۾ 4000 کن ڪتاب موجود آهن، هن ۾ ايجوڪيشن جي موضوع تي گهڻا ڪتاب پيل آهن.



    20.گونمينٽ ڊگري ڪاليج جي لائبريري، کپرو

    کپري تعلقي جو هي ڪاليج 1973ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪاليج سان گڏ هي لائبريري پڻ وجود ۾ آئي، هن لائبريريءَ ۾ اسلام، ادب ۽ ڪاليج جي نصاب جا ڪتاب گهڻي کان گهڻا موجود آهن جن جو تعداد 4000 کن آهي، ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد هن ما فائدو وٺي رهيا آهن.

    [​IMG]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب اوهانجا سهڻو معلوماتي ليڪ
     
    جو يو امين هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تمام بهترين مضمون آهي ۽ ڪافي محنت ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪيو ويو آهي، لکندڙ جا وڏا وڙ جو اهڙو ڪارڳر مضمون تحرير ڪيو اٿس.
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام سٺي شيئرنگ آهي.... جاري رکجو
     
  5. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    محمد يوسف جويو صاحب، زبردست، تمام گهڻيون شابسون.
     
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ادا منهنجي شهر سانگهڙ جي هتي ڄاڻ ونڊي بهترين ڪم ڪيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو