اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ قَالُو بَلَي' قَلِبَ سِين، تَڏهِ تِتِ چَيَومِ تِهِين وَيرَ ڪِئَومِ، وَچَنُ وَيڙِيچَنِ سِين سُرُ مَارُئِي اَلَستُ بِرَبڪُم = ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟ ، قران جي آيتجڏهن خدا بني نوع انسان جا روح خلقيا تڏهن سڀني کي گڏ ڪري فرمايو :ڇا مان ناهيان توهان جو رب؟ان کي عهد الست يا ميثاق بہ چوندا آهن. جَڏهِ = جڏهن پِيَومِ = پيم قَالُو بَلَي' = چيو هائو ، قران جي آيت سڀني روحن اقرار ڪيو، ها مولا تون ئي اسان جو رب آهين. قَلِبَ = دل تَڏهِ = تڏهن تِتِ = اُتَي ، عالمِ ارواح ۾ ، هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ چَيَومِ = چيم ، اقرار ڪيم تِهِين = تَنهَن وَيرَ = ويل، وقت، ان گهڙي، ان مهل ڪِيَومِ = ڪيم وَچَنُ = واعدو، اقرار، قول وَيڙِيچَنِ = مارو ماڻهن، جهنگل، برپٽ، بيابان ۽ صحرا ۾ رهندڙ ماڻهو بيت جو پس منظر ~ جڏهن منهنجي ڪن تي اهو آواز پيو تہ ڇا مان ناهيان توهان جو رب؟ ~ تڏهن اُتي ئي مون دل سان اقرار ڪيو ؛ هائو. ~ ان ويل مون مارن سان وفاداريءَ جو واعدو ڪيو هو. سمجهاڻي هن ڪائنات جي تخليق کان اڳ ئي مولا پاڪ جي ذات سڀ کان پهرين بني آدم جي سڀني روحن کي خلقيو هو. پوءِ سڀني کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجي ذات اعلي' جي سڃاڻ ڪرائي ۽ فرمايو : ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟ سڀني روحن هڪ آواز ٿي چيو : هائو مولا تون ئي اسان جو رب آهين. هي عهد الست يا ميثاق جو واعدو ان لاءِ هو تہ متان دنيا جي لذتن ۾ ڦاسي اسان پنهنجي رب کي وساري نہ ويهون. مارئي چئي ٿي : عالمِ ارواح ۾ جڏهن ٻين روحن مولا پاڪ سان وافاداريءَ جو وچن پئي ڪيو.تنهن ويل منهنجي روح پنهنجي ماروئڙن سان گڏ رهڻ ۽ وفادار رهڻ جو واعدوڪيو هو.ان ويل ئي منهنجي دل ۽ مَنَ ۾ ماروئڙن جي سِڪَ ۽ اُڪِيرَ جاڳيل هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو مارئيءَ جَي ڪيل وچن کي نڀائيندي پنهنجي جيجل ماءُ، سنڌ وطن سان ازلي ۽ ابدي عشق ڪن ٿا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____
ڪُجهه بيت دل تي نقش ٿي ويندا آهن. هي به انهن مان آهي. مون کي الائي ڇو لاشعور ۾ سدائين اهو خيال ايندو آهي ته پنهنجي پهرين ۽ آخري پيار جو وچن مون به قالو بلى جي سڏ وقت ئي ڪيو هو.