1843ع ۾ انگريزن جي غلاميءَ کا پوءِ هن وقت تائين سنڌي قوم کي محڪوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ صدين کان شاندار تهذيبي ورثي جي مالڪ ۽ قدرتي وسيلن ۾ انتهائي زرخيز رهي آهي . سنڌ دنيا جي اهم ملڪ ۽ قوم جي حيثيت ۾ آزاد رهي آهي. سنڌ جي وسيلن ۽ اختيار تي قبضي لا۽ ڌاري قوتن پاران هميشه قبضي جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي.سنڌ ڌرتي ماءُ جي حفاظت لا۽ سنڌي ڪونڌر لکن جي انگ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ هي سرفروشي جو سلسلو جاري آهي. جيستائين دنيا ۾ ڏاڍ ، ظلم ۽ جبر جي زور تي مظلوم قومن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ واري روش قائم آهي . تيسين حق ، سڄ ۽ پنهنجي وسيلن جي حفاظت واري جنگ ۽ جدوجھد به مسلسل جاري آهي.

    سنڌ جي سڀيتا پنج هزار سالن جو سفر طئي ڪري اڄ انتهائي ڏکي موڙ تي پهتي آهي ، اڄ هن جي وجود کي ڇيهو رسائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن ، آزادي ۽ مذهب جي نالي ۾ ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي سنڌين کي غلام ۽ انهن جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. سنت ۽ صوفي منش سنڌي خلق کي مذهب ، فرقن ، ذات پات ۽ ٻولي جي بنياد تي پاڻ ۾ وڙهايو ويو آهي. زندگي جي هر بنيادي سهولتين جھڙوڪ تعليم ،صحت ،امن ، روزگار کان محروم ڪيو ويو آهي.

    اڄ، سنڌ ۾ سنڌين جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي اتي سنڌين جي حقن جي حاصلات لا۽ جدوجھد به سالن کان جاري آهي. ميڊيا جي آواز اڄ جديد هٿيارن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. سنڌي ميڊيا پنهنجو ڪردار تاريخي طور نڀائي رهي آهي. سنڌي ميڊيا جي اهڙي ويڙه سنڌي ماڻهن ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو آهي. سنڌي قوم پنهنجي خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ لا۽ نروار ٿي نڪري پئي آهي. لکن جي انگ ۾ گڏجي اتحاد جو مظاهرو ڪري پنهنجي حقن جي ويڙه وڙهي رهي آهي.

    سنڌ کان سوا۽ دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ سنڌي آباد آهن.پنهنجي سڀيتا ، ٻولي ۽ وسيلن جي لٽ مار جي حوالي سان وڏي اونهي ۾ مبتلا آهن.

    ريڊيو وائيس آف سنڌ ، لنڊن جو مول مقصد سنڌ واسين کي هڪ لڙي ۾ پوئي ، انهن جي آواز کي موثر بنائي ۽ انهن جي واهر لا۽ پاڻ پتوڙڻ آهي. سنڌ جي وطن دوست ڌرين جي جدوجھد کي اثرائتي انداز ۾ دنيا جي مهذب قومن ۽ ادارن تائين پهچائڻ آهي.

    ريڊيو وائيس آف سنڌ ، لنڊن دنيا جي مختلف حصن ۾ آباد سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هڪ قوم هجڻ جو ذريعو آهي.

    اچو ته سنڌين جي آواز ريڊيو وائيس آف سنڌ، لنڊن کي هڙون ۽ وڙون من جي ويساه سان سهڪار ڪريون

    اچو ته پنهنجي قومي ۽ مڪاني مسئلن کي دنيا تائين پهچائڻ لا۽ ريڊيو وائيس آف سنڌ جو آواز بڻجون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو