چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ گَڏُ جِتِ گُذِرَانُ هُئَو، جَڙَ لَڳِي تِهِ جَاءِ مُون تَوهِين سِين آهِ، اُهَا سَاڃَاءَ سُپَرِين سُرُ مَارُئِي چَئِي = امرُ ڪيائين ڪُن فَيَڪُونُ = ٿيءُ، تہ ٿي پئي _ قران جي آيت جڏِه = جڏهن خَلِقِيَا = پيدا ڪيا جَڙَ = ميخون، محبت جون، سٻنڌ تِهِ جَاءِ = تنهن جاءِ يعني عالمِ ارواح ۾ تَوهِين سِين = توساڻ ئي سَاڃَاءَ = معرفت، واقفيت، ڏيٺ ويٺ، سڃاڻپ سُپَرِين = محبوب يعني کيت سين، جو مارئيءَ جو مڱيندو هو بيت جو پس منظر ~ ٿيءُ، جو اَمُرُ ڪري مولا پاڪ جڏهن بني آدم جا رُوحَ پيدا ڪيا هئا. ~ اُتي عالمِ ارواح ۾ توسان محبت جون ميخون مليون جتي گڏ گذاريوهئوسين. ~ او پرين ! منهنجي اهيا سڃاڻپ رڳو توساڻ ئي آهي. سمجهاڻي هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳي جڏهن مولا پاڪ “ٿيءُ” جو اَمُرُ ڪري بني آدم جي سمورن انسانن جا رُوح خلقيا هئا اُتي عالمِ ارواح ۾ سڀئي روح پنهنجي پنهنجي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، گڏ رهايا ويا هئا. تنهن ويل توسان رهاڻيون ڪندي جيءَ اندر محبت جون ميخون جڙجي ۽ اڙجي ويون هون ۽ هڪ ٻئي جا ٿي ويا هئاسين. او محبوب ! هن سڄي سنسار ۾ منهنجو اهو پيار ۽ اقرار صرف تو هڪڙي سان ئي آهي، ڪنهن ٻئي کي آئون سڃاڻان ئي ڪونہ ٿي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____