ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 : آسٽريليا جي ٽيم نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي شهنشاهيت حاصل ڪري ورتي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ورلڊ ڪپ 2015ع جي فائنل ۾ ٻنهي ميزبان ٽيمن ۾ ٿيندڙ فائنل ۾ آسٽريليا جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي کانپوء 7 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ناقابل شڪست نيوزيلينڊ کي روئاري ڇڏيو. آسٽريليا پنجون دفعو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو تاج مٿي تي سجايو آهي.

    اڄ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ٿيندڙ فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ميڪلم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ آستريليا جا بالر ڇانيا رهيا. پهرين ئي اوور ۾ مچل اسٽارڪ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ميڪلم کي بغير کاتو کولڻ جي بولڊ آئوٽ ڪري ڇڏيو. جلد ئي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان گهڻو اسڪور ڪندڙ مارٽن گپٽل به 15 رنسن تي ميڪسويل جي بالنگ تي بولڊ ٿي ويو ۽ اڳلي ئي اوور ۾ مچل جانسن به وڪيٽ ورتي جڏهن وليمسن 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. صرف 39 رنسن تي ٽي وڪيٽون ڪرڻ کانپوء ٽيلر ۽ ايليٽ راند کي سنڀاليو ۽ 111 رنسن جي پارٽنر شپ ڪئي. راند جڏهن 35 هين اوور ۾ بيٽنگ پاور پلي ۾ داخل ٿي ته فلڪنر پهرين ئي اوور ۾ ٽيلر ۽ ڪوري اينڊرسن جون وڪيٽون ورتيون. اڳلي ئي اوور ۾ مچل اسٽارڪ رونچي جي وڪيٽ به ورتي ۽ بس پوء ته نيوزيلينڊ جي بيٽنگ واري جي ديوار ثابت ٿي. پوري ٽيم 45 اوورن ۾ 183 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايليٽ 83 رنسن تي آئوٽ ٿيو. مچل جانسن ۽ جيمس فلڪنر ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽون ورتيون. آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي آخري ون ڊي ميچ ۾ ڪمال جي ڪپتاني ڪئي ۽ بالرن کي مٽائيندي نيوزيلينڊ جي تباهي ڪئي.

    جواب ۾ آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ به پهرين ئي اوور ۾ ڪري جڏهن فنچ صفر تي آئوٽ ٿيو، پر پوء اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر سنڀالي کيڏيا. اسڪور 63 رنسن تي پهتو ته وارنر به 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. انکانپوء آسٽريلين ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ۽ اسٽيو سمٿ شاندار راند کيڏي 112 رنسن جي پارٽنر شپ ڪئي. مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي آخري ون ڊي ميچ ۾ 72 بالن تي 74 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هيو. اسٽيو سمٿ 56 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
    جيمس فلڪنر کي مين آف دي ميچ ۽ مچل استارڪ کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جا اورڊ مليا.

    مڪمل اسڪور بورڊ هن لنڪ تي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    نيوزيلينڊ جي نصيب ۾ اهڙي خوشي آهي ئي نه .
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اهي سمورا خدشا بلڪل درست ثابت ٿيا جيڪي نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين ۽ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ کي ڏسندي ذهن ۾ آيا هئا.. ڇو ته آسٽريليا جي تباهي ڪندڙ بالنگ جي سامهون بليڪ ڪيپس اصل ٻوٽو ٻاري نه سگهي..
    فائنل جهڙي وڏي مقابلي ۾ آسٽريليا جي فتح جا موڙ سندن بالرن مٿان آهن جن رڳو 183 رنز تي نيوزيلينڊ کي محدود ڪري پنهنجي بيٽس مينن کي ڪو اضافي ٽينشن ئي نه آڻڻ ڏنو.. اهو ئي سبب هو جو آسٽريليا جو ڪپتان مائڪل ڪلارڪ پنهنجي آخري اننگ يادگار بنائڻ ۾ ڪامياب ويو... جنهن 72 بالن ۾ 74 رنز ٺاهيون.. سندس اننگ ۾ 7 خوبصورت چوڪا ۽ هڪ شاندار ڇڪو شامل هو...
    گروپ مرحلي ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ ۽ وري ڏکڻ آفريڪا جهڙي مضبوط ٽيم کي ڳوڙها ڳاڙائيندي وطن ڀيڙو ڪرڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ اوچي اڏام تي هو.. ايسيتائين جو ايشيائي ڪرڪيٽ شوقينن جي پڻ اها خواهش هئي ته نيوزيلينڊ آسٽريليا کي پنجون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن ٿيڻ کان روڪي ۽ هن دفعي اها خوبصورت ٽرافي ڪنهن نئين ملڪ ڏانهن وڃي.. پر ڪرڪيٽ اهڙي راند آهي جتي لمحن جي خطا، صدين جي سزا بڻجي ويندي آهي.. پوري ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي شاندار ڪارڪردگي هڪ پاسي ۽ آخري ۽ اهم مقابلي ۾ وڃايل لڄ ٻئي پاسي ... ڇو ته هڪ شڪست کين ايڏي وڏي اعزاز کان محروم ڪري وئي...
    اڄ جي فائنل اهو پڻ ثابت ڪيو ته چيمپيئن چورائڻ جو حقدار اصل ۾ اهو ئي هوندو آهي جيڪو آغاز کان انجام تائين اسقلال، دليري ۽ جرات مندي ڏيکاري... ۽ اهو صرف ۽ صرف آسٽريليا ئي ڏيکاريو ... کين هڪ مقابلي ۾ شڪست به ملي.. بنگلاديش جي خلاف هڪ آسان مقابلو برسات جي ور پڻ چڙهيو پر ٽيم همت نه هاري ۽ ناڪ آئوٽ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جهڙن مضبوط مخالفن کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي ۽ اهو حاصل ڪيو جنهن جي خواهش پوري آسٽريليا جي دل ۾ هئي..
    1999 ۾ آسٽريليا جيڪا دنيائي ڪرڪيٽ تي حڪمراني ورتي هئي سا 2011 ۾ ختم ٿيندي محسوس ٿي رهي هئي پر مائڪل ڪلارڪ ۽ نوجوان جارج بيلي جي اڳواڻي آسٽرليا کي هڪ دفعو وري ڳاٽ اوچو ڪندي نه رڳو رينڪنگ ۾ ٽاپ تي آندو پر ورلڊ چيمپيئن پڻ بڻايو.. هاڻي ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسٽيو واه، گلين ميڪ گرا ۽ شين وارن جي دور وارو آسٽريليا هڪ دفعو ٻيهر زنده ٿيو آهي.. ۽ هاڻي اهو ئي دور وري وريو آهي جڏهن باقي ٽيمون آسٽريليا کي شڪست ڏئي فخر محسوس ڪنديون...
    هاڻي ڪرڪيٽ جي دنيا تي آسٽريليا جي حڪمراني جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو آهي... جڏهن ته نيوزيلينڊ 1992 کان پوءِ کان 23 سال جيڪي زخم چٽيا هئا هڪ دفعو وري ساڳي حال ۾ رهندو... بحرحال سڀني کي 2019 ۾ ئي وري موقعو ملندو جڏهن سڀ هڪ دفعو وري ملاکڙو ڪندي انگلينڊ ۾ گڏ ٿيندا...
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ صبح چانهه پيئندي پري کان ٽي وي تي نظر پئي ته 34 اوور 3 وڪيٽون ۽ 143 اسڪور هو. پر رُڳو هڪ ڪلاڪ بعد ذيشان رشيد وٽ پُهتس ته ٻُڌايائين آسٽريليا ئي کٽيندي. حيرت ٿي ته ايئن ڪيئن. پر خبر پئي ته همراهه نه بيهي سگهيا.
    آسٽريليا جي بئٽنگ بهترين رهي. مائڪل ڪلارڪ پنهنجي ڪيريئر جي پُڄاڻي ڪمال سان ڪئي. ايئن هي ميلو پنهنجي پُڄاڻي تي پُهتو.

    سڀ کان پهرين ته هميشه جيان گوگلنگ ۾ ڪمال مهارت جو ثبوت پيش ڪندي اهڙي تصوير هٿ ڪرڻ تي جس مٿان وري اهڙو جامع تبصرو اصل واهه واهه.
    بيشڪ ڪرڪيٽ جتي هڪ هڪ لمحي جي اهميت جتائيندڙ راند آهي ته ساڳي وقت انهيءَ جو سڀني کان وڏو ميلو ورلڊ ڪپ اهڙي بهترين انداز سان ترتيب ڏنو ويندو آهي جو ڪوشش ڪري ڪڏهن به رُڳو قسمت جي آسري تي فائنل کٽڻ جو موقعو ڪنهن به نصيب ناهي ٿيندو. ڀلي کڻي 1992 جي فاتح کي بلڪل قسمت جو ساٿ هوندي کٽڻ جو چوجي ته به کين فتح لاءِ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻي پئي ۽ اهي ٻئي مئچون هڪ طرفه نه هُيون. ايئن ئي هن ورلڊ ڪپ ۾ اڄ جيڪڏهن آسٽريليا کٽيو ته هو حق تي به هُئا جو انهن ناقابل شڪست ٽيمن (انڊيا، نيوزيليڊ) کي شڪست ڏني. مطلب ته ورلڊ چئمپين ٿيڻ لاءِ وڏيون ملهون ضرور مارڻيون آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو