رِيَ اِعرَابِيُنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گَهارَڻُ مُون ٿِئَو بَڪَتِ الِعَينَانِ فِي هَوَاڪَ دَمَا، پُڄَان سَاڻُ پِرِتِ مَنُ، اَکِيُون، تَنُ تِتِ، جِتَي جَنَبُ جَيڏِيَين سُرُ مَارُئِي رِيَ = کان سواءِ اِعرَابِيُنِ = جهانگين، ماروئڙن _ اعرابين لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. عربستان جا اُهي بدوي جيڪي جبلن، جهنگلن، ريگستانن ۽ صحرائن ۾ رهن ٿا. ٿر بہ هڪ صحرا آهي تنهنڪري ڀٽائيءَ هي لفظ استعمال ڪيو آهي. گَهنگَهرُ = جنجال، مونجهارو، پريشاني، اذيت، عذاب بَڪَتِ الِعَينَانِ فِي هَوَاڪَ دَمَا = تنهنجي عشق ۾ منهنجي ٻنهي اکين رت رنو _ عربي ٻوليءَ جو شعر پِرِتِ = پريت، سڪ، اڪير مَنُ = دل تِتِ = تتي، اُتي جَنَبُ = جنم، حياتي جَيڏِيَين = هڪ جيڏين، سرتين، سهيلين بيت جو پس منظر ~ پنهنجي جهانگين کان سواءِ هن قيد ۾ آئون جنجال ۾ آهيان. ~ منهنجون ٻئي اکيون رت ٿيون روئن، شال محبت ساڻ مارن سان ملان. ~ منهنجي دل، اکيون ۽ جسم اُتي آهي جتي منهنجون سرتيون آهن. سمجهاڻي مارئي عمر بادشاھ جي قيد ۾ پنهنجي ماروئڙن لاءِ هنجون هاريندي چئي ٿي : پنهنجي جهانگين کان سواءِ جيئڻ مون لاءِ وڏي اذيت ۽ عذاب آهي. مارن جون ساروڻيون ساريندي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن ۽ هاڻي تہ نيڻن مان رت جا ڳوڙها پيا ٽمن، شال سڪ سان اُتي پهچان. منهنجو روح، بدن ۽ اکيون اُتي اٽڪيل آهن جتي آئون ڄائي، نپني ۽ وڏي ٿي آهيان. جتي منهنجون هڪ جيڏيون، سرتيون ۽ سهيليون آهن. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____