هِي هَنڌَ، ڀَيڻِيُون هَاڻِ، سَاڙِيَان سَڀِ ڏَيهِيُنِ رِيَ ڪُلُ شَيءِِ يَرجِعُ اِلَي' اَصلِه، ٿِي جِهڄَان جَهانگِيُنِ ڪَاڻِ ڀِرِي پَهِجَي ڀَاڻِ، پَسَان مُلڪُ مَلِيرَ جَو سُرُ مَارُئِي هَنڌَ = جڳهون ڀَيڻِيُون = ماڳ، رهڻ جون جايون، عمر جا محل ماڙيون ڏَيهِيُنِ = پنهنجي وطن جي ماڻهن، ملير جي ملڪ جي ماڻهن رِيَ = کان سواءِ ڪُلُ شَيءِِ يَرجِعُ اِلَي' اَصلِه = سڀ شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي _ عربي چوڻي جِهڄَان = ڳران جَهانگِيُنِ = اباڻن، مارن ڀِرِي = موٽي، واپس ٿي پَهِجَي = پنهنجي ڀَاڻِ = وٿاڻ، ماڳ، وطن پَسَان = ڏسان بيت جو پس منظر ~ پنهنجي وطن جي ماڻهن کان سواءِ، هي سڀ ماڳ، مڪان باھ ڏئي ساڙي ڇڏيان. ~ جيئن هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽندي آهي، ايئين ئي آئون بہ پنهنجي اباڻن ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ ڳڻتين ۾ پئي ڳران. ~ شال موٽي پنهنجي گهر، پنهنجي اکين سان وڃي ملير جو ملڪ ڏسان. سمجهاڻي مارئي پنهنجي اباڻن ڪکن کي عمر جي محلن، ماڙين تي ترجيح ڏيندي ٿي چئي : عمر جا هي محل، ماڙيون ۽ بنگلا جيڪر باھ ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان. مارئي پنهنجي مارن جَي ڳڻتين ۾ پئي رات ڏينهن ڳري، کيس پڪ آهي تہ جيئن هر شئي پنهنجي اصلوڪي ماڳ ڏانهن ٿي موٽي وڃي ايئين ئي هوءَ بہ ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي مارن ڏانهن ويندي. هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽنديس ۽ اکين سان ملير ڏسنديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____