ڏاهر ناول هڪ تاريخ جو اولڙو : محمد يوسف جويو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2015۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    محمد يوسف جويو

    ڏاهر ناول هڪ تاريخ جو اولڙو

    تاريخ هميشه قصن، ڪهاڻين، روايتن ۽ قديم آثارن مان ئي اسان کي معلوم ٿئي ٿي، ۽ خاص طور تي سنڌ جي سچي تاريخ ته ڪنهن به ڪتاب ۾ ملي ئي ڪونه ٿي، بس جيڪا به ملي ٿي سا ڪنهن نه ڪنهن درٻاريءَ جي ئي لکيل آهي. پر هي دور سجاڳيءَ جو آهي، تحقيق جو آهي ۽ اسان جو نوجوان ان کان باخبر آهي. ڇو جو اڄ جو لکيل پڙهيل ماڻهو سوچي ٿو ۽ ان تي وڏيءَ دليريءَ سان قلم کڻي ٿو. هي ناول به هڪ اهڙي ئي ڪوشش آهي. ڪليم ٻٽ اهو نوجوان ليکڪ آهي، جيڪو تاريخ کان واقف آهي ۽ ان تي قلم کڻي وڏي جرئت سان تاريخي حقيقت کي بيان ڪري ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ ڪنهن تقريب ۾ پنهنجي ڪتاب جو حوالو ڏيندي چيو هو ته “ اسان کي تاريخ ۾ اهو پڙهايو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي اچڻ سان هت سڀ کان پهرين اسلام آيو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان پهرين اسلام اچي چڪو هو، ۽ محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو صرف پنهنجي سلطنت کي وڌائڻ هو ۽ هتان جي دولت کي لٽڻ هو. بس ٻيو ڪجهه به نه هو. پر افسوس آهي جو اڄ تائين اسان کي تاريخ غلظ پڙهائي پئي وڃي.” ڪليم ٻٽ جو ناول “ڏاهر” به هڪ اهڙي حقيقت تان پردو کڻي ٿو، هي ناول هڪ منفرد انداز ۾ لکيل آهي. ناول 109 پيجن تي ڦهليل، هي جاسوسي اسٽائيل ۾ لکيل هڪ ننڍو ناوليٽ آهي. پر هن هڪ دور کي، هڪ تاريخ کي، پروفيسر جي ڪردار جي ذريعي جيڪو هڪ راز جي کوج ۾ هوندو آهي ته عرب دور ۾ سنڌ جي فتح ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ ۽ اهو سڀ راز هڪ عرب جي لکيل دستاويزن مان ان کي ملي ٿو. سو ليکڪ هن ناوليٽ اها سموري حقيقت اسان جي آڏو آڻي، اسان جي نئين نسل کي صحيح تاريخ کان واقف ڪري ٿو. راجه ڏاهر سنڌ جو اهو بادشاهه هو جنهن جي دور ۾ عربن سنڌ تي سترنهن حملا ڪيا، نيٺ هڪ حملو نوجوان عرب محمد بن قاسم جيڪو ڪوفي رياست جي گورنر حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو هو، تنهن آخري حملو ڪندي سنڌ تي قبضو ڪيو. راجه ڏاهر ان حملي ۾ مارجي ويو ۽ ان کان پوءِ عربن جو دور شروع ٿي ويو. چوندا آهن ته ليکڪ ڏاڍا حساس ٿيندا آهن ۽ هنن تي حالتن جو گهرو اثر ٿيندو آهي. جيئن هندستان جي وڏي ليکڪ ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ ورهاڱي جو گهڻو اثر محسوس ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ساحر لڌيانوي، مڪسيم گورڪي ۽ اهڙن ٻين کوڙ ليکڪ آهن جن تي اتان جي حالتن پنهنجا پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. ناوليٽ کي پڙهڻ سان اسان کي اهو صاف محسوس ٿيندو ته ڪليم ٻٽ تي پڻ تاريخ پنهنجا اثر ڇڏيا آهن ۽ ان جو نتيجو هي ناوليٽ آهي.

    ناول جي ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي مهان راجه ڏاهر جي رنگين تصوير ڇپيل آهي ۽ هي نئون نياپواڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ مان هن سال يعني 2015ع جي پهرئين مهيني ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. ناول جي ارپنا ۾ ليکڪ لکي ٿو“ پنهنجي ابي ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ ۽ وڏي ڀاءُ محمد عثمان ٻٽ جي نانءُ جن مون کي ڪجهه نه منجهان اهو ڪجهه بڻايو، جيڪو آئون اڄ آهيان.” ها هن ليکڪ جي ارپنا به پنهنجي ناول جيان هڪ حقيقت آهي، ڪليم جو والد هڪ سنڌ جو مڃيل ڏاهو ۽ وڏو اسڪالر آهي، جنهن جا سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي لائبريرين جي تاريخ تي بهترين ڪتاب لکيل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سٺي لِکاري اعجاز منگيءَ لکيو آهي. هن ناول جي پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نوجوان مان اميد ڪريون ٿا ته هاڻ اسان پنهنجي تاريخ صحيح پڙهنداسين.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا هن ناول کي پڙهڻ کان بعد ۾ ئي اسان اُنهي حقيقت کي سمجهي سگهنداسين جنهن تي پردو وڌو ويو آهي
    جيڪڏهن ٿي سگهي ته هن جي هڪ ڪاپي سنڌ سلامت تي شيئر ڪيو . مهرباني ٿيندي
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ا[​IMG]
    اسان جي پياري دوست ڪليم ٻٽ صاحب جو لکيل ڪتاب ناول ”ڏاهر“ جو ٽائيتل
     
  4. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ڪليم ٻٽ جو لکيل ناول ”ڏاهر“ ڇپائيندڙ: نئون نياپو ڪراچي.[​IMG]
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    چاچا سائين الهه رکيو ٻُٽ جا پُٽ سڀ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيئن سائين پاڻ مطالعي ۽ لکڻ جو ذوق رکيو تيئن ئي سندس پُٽن به انهيءَ سان لڳاءُ رکيو. ڪليم منهنجي ننڍن ڀائرن جيان رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ ٽاڪ منجهند جو گلين ۾ گڏ رُلندي وڏا ٿيا آهيون. پر جڏهن کان لکڻ لڳو آهي تڏهن کان الاءِ ڇو نه پاڻ مليو آهي نه سندس ڪتاب. چئي پيو ڪتاب جي ڪاپي ڏيندس. مون منع ڪئي ڇو ته جيڪڏهن دوست به ڪتاب خريد نه ڪن ته پوءِ ليکڪن کي ڪير اُتساهيندو ته هو لکن.
    منهنجو واعدو اٿس ته ڪتاب وٺي پڙهبو پر نئون نياپو تان به نه ملي سگهيو. اوهان جو تبصرو ونيو. وڌيڪ راءِ ڪتاب پڙهي پوءِ ڏبي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو