سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي کَٿِيَ وَٽيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻَي سَي مَڇُڻِ چُونِمِ ڪَي، لَڄَايَئِي ٿَرَ ڄَائِيُون سُرُ مَارُئِي سَيبَا = ٽوپا، ٽاڪا ڀَورِي = معصومڙي، اَبَهَمڙِي نِيهُ = نينهن، عشق، محبت ڪَچَوئَي = گهٽتائي ڪري، ڪمي ڪري کَٿِي = لوئي، رِلِي، ڪمبل وَٽيُون = ڪِنَارِيُون کُٿِيُون = ڳري ويون، پراڻيون ٿي ويون، ڦاٽي ويون، ليڙون ليڙون ٿي ويون سَتِي = سَتَ واري، ستياڻي، پاڪدامن سِيڻَي = سِبَي، ٽوپا ڏئي مَڇُڻِ = متان، مبادا چونِمِ = چَوَنِمِ، چون بيت جو پس منظر ~ هي ابهمڙي چولي کي ٽوپا ڏئي جسم ڍڪي ٿي پر مارن جي محبت ۾ ڪا ڪمي ٿيڻ نٿي ڏئي. ~ هي ستياڻي ليڙون ٿيل لوئيءَ جي ڪِنَاريُنِ کي ويٺي سبي. ~ متان ڪي ايئين چون تہ تو ٿريلين کي لڄايو آهي. سمجهاڻي عمر جي قيد ۾ گذاريندي مارئيءَ جو چولو ۽ لوئي پراڻا ٿي ويا هن، ڦاٽي ويا هن، ليڙون ليڙون ٿي ويا هن.هي معصومڙي ۽ پاڪدامن مارئي انهن کي ٽوپا ڏئي، چتيون هڻي پنهنجو جسمڍڪي ٿي. پر مارن سان محبت ۾ ڪا ڪمي ڪونہ آئي اٿس. مارئي عمر بادشاھ طرفان ڏنل ريشمي ۽ بخملي ويس وڳن کا نفرت ٿي ڪري ۽ پنهنجي مارن جَي سادڙن ليڙون ٿيل لٽن تي فخر محسوس ٿي ڪري. مارئي اهو سڀ ڪجھ ان لاءِ ٿي ڪري تہ متان ٿر ۾ سڀاڻي مون کي يا منهنجي مارن کي ڪو مهڻو ڏئي، تہ عمر جا ويس ڍڪي تو ٿر لڄايو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____