پَٽَولَا پَنهُوَارِيُون، مُورِ نَہ مَٿَي ڪَنِ جَي لَاکَ رَتَائُون لَوئِيُون، تَہ سَالُنِئَا سُونهَنِ اُنَ اَيلَاچِِنَئُون اَڳِرِي، بَخِمَلَ بَافِتَنِ سَکَرَ ڀَائِيَان، سُومِرَا ! کَٿِي کَان کُهِنبِنِ جَا ڏِنِيَمِ ڏَاڏَاڻَنِ، سَا لَاهِيندَي لَڄَ مَرَان سُرُ مَارُئِي پَٽَولَا = پَٽَ جو ڪپڙو، ريشمي ويس وڳا پَنهُوَارِيُون = ماروئڙيون مُورِ = اصل، بنهه، هرگز مَٿَي ڪَنِ = ڍڪين، پهرين، پائين لَاکَ = هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ، جنهن کي ڄؤ بہ چوندا آهن. هي وڻن مان حاصل ٿئي ٿي. سڻيءَ جو رڱيل سُٽُ جنهن سان لويُنِ تي ڀرت جا ٻوٽا هڻبا آهن. رَتَائُون = رڱيائون سَالُنِئَا = شالن کان بہ وڌيڪ سُونهَنِ = سهڻيون لڳن اُنَ = اُنَ جي لوئي اَيلَاچِنَئُون = ريشمي، پٽاپٽي ڪپڙو بَخِمَلَ = پشم جو ڪپڙو بَافِتَنِ = بافتو، ڪپڙي جو قِسِمُ سَکَرَ = سٺا، بهتر، سرس، ملهائتا کَٿِي = لوئي، رلي، ڪمبل کُهِنبِنِ = ڳاڙها وڳا ڏِنِيَمِ = ڏني اٿم بيت جو پس منظر ~ ماروئڙيون ريشمي ويس وڳا هرگز نٿيون ڍڪين. ~ هو جڏهن لويون لاک ۾ رڱين ٿيون تہ اُهي شالُنِ کان وڌيڪ سهڻيون ٿيون لڳن. ~ اُنَ مان ڪَتِيَلَ لوئي ريشمي ڪپڙن, بخمل ۽ بافتن کان وڌ بها واري ۽ زيبائتي آهي. ~ او عمر سومرا ! مان پنهنجي لوئي تنهنجن ڳاڙهن وڳن کان ويتر مهانگي ۽ سهڻي ٿي سمجهان. ~ جا لوئي اباڻن ڏني آهي ان کي لاهيندي لڄ ۾ ٿي مران. سمجهاڻي دنيا جي عظيم شاعر ۽ مفڪر شاھ لطيف جو هي بيت سنڌ جي روايتن، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو نهايت شاهڪار عڪس ۽ اهڃاڻ آهي.،مارئي عمر بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي: اسان جي ملڪ جون ماروئڙيون توهان جي شهزادين جيان ريشمي ويس وڳا ڪونہ پائينديون آهن. تنهنجي محلاتن جي راڻين کي جيڪي شالون اوڍيل آهن، انهن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ خوبصورت آهن اُهي لويون جيڪي ماروئڙيون لاک ۾ رڱينديون آهن. اسان جي ملڪ ملير ۾ اُنَ کي ڪَتَي جيڪا لوئي تيار ڪئي وڃي ٿي، سا تنهنجي بافتن، بخملن ۽ ريشمن کان وڌيڪ مهانگي، دلڪش ۽ حَسِينُ ٿيندي آهي. او عمر ! هي جيڪا منهنجي لوئي آهي ان کي تنهنجن ڳاڙهن وڳن کان وڌ ملهائتي ۽ زيبائتي ٿي سمجهان. ياد رک ! هي اباڻن جي ڏنل لوئي ڪڏهن بہ، ڪنهن بہ صورت لڱن تان نہ لاهينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____