اَرَمَ هَڏِ مَ اَوڍِيَان، پَٽَولَا پَٽَ چِيرَ ٻَانڌَوڻَا ٻَنِ ڏِيَان، اَرِغَچَ ۽ عَبِيرَ مَارُوءَ سِين شَلَ مَاڻِيَان، کَٿِيُون جَهڙِيُون کِيرَ اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُنکَي پِرِيَ پَنهُوَارَ جِي سُرُ مَارُئِي اَرَمَ = اَرِمِڪَ، اعلي' اوني ڪپڙو هَڏِ = هرگز مَ = نہ پَٽَولَا = پٽ جو ڪپڙو، ريشمي ويس وڳا پَٽَ چِيرَ = ريشمي ڪپڙو ٻَانڌَوڻَا = پوتيون، چنيون ٻَنِ ڏِيَان = کڏ ۾ اڇليان اَرِغَچَ = بافتا، عمدو ڪپڙو عَبِيرَ = آسماني رنگ تي ڪپڙو مَارُوءَ سِين = کيت سين _ کيت مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو هو. کَٿِيُون = لويون، رليون، ڪمبل مُنکَي = مونکي پِرِيَ = پرينءَ ، محبوب بيت جو پس منظر ~ مارئي چئي ٿي : عمر تنهنجا اوني، ريشمي، پٽ جا بادشاهي ويس وڳا ڪونہ پهرينديسِ. ~ تنهنجي قيمتي پوتين ۽ آسماني رنگ جا نفيس لباس کڏ ۾ اڇليان. ~ شال پنهنجي محبوب وَرَ کيتَ سان ملان ۽ ٿر جون اڇيون اُجريون لويون وڃي اوڍيان. ~ مون کي تہ هر وقت پنهنجي محبوب جي اندر ۾ پياس رهي ٿي. سمجهاڻي مارئيءَ کي لالچائڻ، ڦاسائڻ لاءِ عمر بادشاھ هڙئي هربا، اٽڪلون ۽ لالچون ٿو آڇي پر مارئي چئي ٿي: تنهنجي سڀني قيمتي، بادشاهي، اوني ۽ ريشمي ويس وڳن ۽ پوتين، چُنِيُنِ کي کڏ ۾ اڇليان. شال اُهو ڏينهن جلد اچي جڏهن پنهنجي محبوب کيت سان ملي پيارَ، محبتون ماڻيان ۽ اڇيون اُجريون لويون اوڍي ٿر ۾ گهمان. مون کي اندر ۾ پنهنجي محبوب جي سدائين سڪ، اُڪير ۽ پياس رهي ٿي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____