سَونَ بَرَابَرِ سِڳِڙَا، مَارُوءَ سَندَا مُون پَٽَولَا پَنهُوَارِ کَي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون وَرُ لَوئيَ جِي لُون، ڏَاڏَاڻَنِ ڏِنِيَامِ جَا سُرُ مَارُئِي مَارُوءَ = کَيتَ جا _ کيتُ مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو سَڳِڙَا = ڌاڳا _ ٿر ۾ ڪنوار کي مڱڻي وقت گهوٽ جي طرفان ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا ڪاراين ۾ ٻڌا ويندا آهن. پَٽَولَا = پٽ ۽ ريشم جا ويس وڳا پَنهُوَارِ = پنهوارڻِ _ مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو آڇِ = لالچ مَ = نہ وَرُ = بهتر، سرس، نعمت لُون = تَندُ، تارَ، ڌاڳو ڏِنِيَامِ = ڏني اٿن، ڏني هُيَنِ بيت جو پس منظر ~ ماروءَ سان ٿيل مڱڻي جا هي ٻڌل ڌاڳا منهنجي لاءِ سون برابر آهن. ~ او عمر ! تون هن ملير ڄائيءَ کي ريشمي وڳن جي لالچ نہ ڏي. ~ جا لوئي مون کي پنهنجي اباڻن ڏني آهي سا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. سمجهاڻي منهنجي وَرَ ۽ محبوب کيتَ سان جڏهن مڱڻو ٿيو هو، ان ويل گهوٽ طرفان منهنجي ڪَرَايُنِ ۾ جيڪي ڳاڙهي رنگ جا ڳانا ٻڌا ويا هئا.اُهي مون لاءِ سونَ جي ڪنگڻن، برسليٽ ۽ ٻَانهِيُنِ جيان آهن. اي عمر ! هن ملير ملڪ جي مارئيءَ کي تون پنهنجَن پَٽَ، ريشم ۽ بخمل جي ويس وڳن جون لالچون نہ ڏي. هيءَ جيڪا منهنجي اباڻن لوئي ڍڪائي آهي، ان جي تَندُ تَندُ ۽ ڌاڳي ڌاڳي کي تنهنجن شاهي شالن کان وڌ پاڻ لاءِ نعمت، سوکڙي ۽ تحفو ٿي ڀائيان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____