تَيلُ نَہ لَائِيَان تُنهِنجَو، مُون مَارُوءَ جَو مَنِ ڪَرِيَان ٻِي نَہ ڪَنِ، اَهَرَ اُنِهِين آهِيَان سُرُ مَارُئِي لَائِيَان = لڳايان، مکيان آهَرَ = آڌارَ، آسري، اميد، ڀروسي اُنِهِين = ان جي، انهن جي بيت جو پس منظر ~ منهنجي مَنَ کي ماروءَ جو تيل لڳل آهي تنهنڪري تنهنجا هي تيلَ نہ لڳائينديس. ~ مان جن جي آسري آهيان انهن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. سمجهاڻي مارئيءَ کي عمر جي قيد ۾ آئي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا هن پر اڃان تائين ڪپڙا تبديل نہ ڪيا اٿئين، وارن ۾ تيل لڳايو اٿئين نہ وري ڪي هار سينگار ڪيا اٿئين. عمر جڏهن بخملي ويس وڳا، مختلف قسم جا صابڻ، خوشبودار تيلَ ۽ خوشبووئون ڏانهُس آڻي ٿو تہ ٿڏي ڇڏي ٿي. مارئي چئي ٿي : منهنجي دل کي منهنجي محبوب جَي محبت جو مَکُ ۽ رنگ اڳ ئي لڳل آهي. تنهنجيون اهي پيار ۽ محبت سنديون ڳالهيون مون کي زهر لڳن ٿيون. منهنجا هي ڪَنَ تہ رڳو مارن ۽ محبوب جي مٺين ڳالهين ٻڌڻ جا هيراڪ ۽ آتا آهن، ڇو تہ آئون انهن جي آهيان. انهن جي ئي ڏڍ ۽ آسري جيئان ٿي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____