مَارُئي پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ
    وِهَڻُ وَرَاڪَنِ ۾، اُنِ جِي اَجَوکِي اَوطَاقَ
    پَاڻُ نَہ پَسَنِ پَاڻَ کَي، وَيچَارَا بَي بَاڪَ
    عُمَرَ ! اُوءِ نَہ عَاقَ، ڏُکِيَا جِمَ ڏُکَوئِين


    سُرُ مَارُئِي

    پَلُرَ = مِينهَن جو پاڻي، برسات جو پاڻي
    اَوڇَڻُ = لباس، ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو
    اُنَ = رڍن جا ڪتريل وارَ يا ڏاسَ
    پَٽَ پَاڪَ = صاف ميدان، ٿر بر جا پٽ پاڪ آهن
    وَرَاڪَنِ = وڻن جا جهڳٽا، وڻن جي ڇانوَ ۾، ويڙهيون
    اَجَوکِي = بنا جوکي واري، سلامتيءَ واري، خطري کان خالي
    بَي بَاڪَ = بي فڪرا، بي خوف، بي ڊپا، البيلا، آزاد
    اُوءِ = اُهي، مارو ماڻهون
    عَاقَ = بي دخل، ڌڪار
    جِمَ = متان
    ڏُکَوئِين = آزارين، ظلم ڪرين

    بيت جو پس منظر

    ~ مارو مِينهَن جو پاڻي پيئن ٿا، رڍن جي ڏاسَ مان تيار ٿيل ڪپڙو اوڍين ٿا ۽ پير اگهاڙا ڪيو پيا پَٽنِ تي هلن.
    ~ هو وڻن جي ويڙهين، جهڳٽن ۽ ڇانئن ۾ رهن ٿا، اها سندن سلامتيءَ جي جاءِ آهي، جيڪا ڀڄڻ ۽ ڊهڻ جي ناهي.
    ~ منجهن خودي ۽ خود غرضي بنھ ناهي، هي مارو ويچارا بي فڪرا ۽ البيلا آهن.
    ~ او عمر ! هي اڳ ئي ڏکويل آهن، انهن کي بي دخل ڪري ويتر پنهنجا ظلم ۽ آزارمتان ڪرين.

    سمجهاڻي

    مارئي پنهنجي ملڪ ملير جي مارو ماڻهن جو عمر بادشاھ آڏو تعارف ڪرائينديچئي ٿي :
    هنن وٽ صاف پاڻي تہ آهي ڪونہ، تنهنڪري برساتن جو پاڻي گڏ ڪري پيئندا بہ آهن ۽ استعمال بہ ڪندا آهن. هي رڍن ۽ ٻڪرين جي ڏاسَ مان پنهنجو لباس کٿيون، کَيسَ، ڪمبل ۽ لويون تيار ڪري اوڍين ٿا.هنن کي جُتي خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي سو سدائين پير اگهاڙا ڪيو پيا هلن.
    هي گهاٽن وڻن جون ويڙهيون، جهڳٽا ۽ ڇانئون سندن اوطاقون آهن. جتي هڪٻئي سان حال اوريندا آهن.سندن هي جايون سلامتيءَ واريون آهن، جي ڪڏهن ڊهي، ڀڄي، ڀُرِي نه ٿيون سگهن. منهنجا مارو نہ ڪنهن جي هنئينءَ ۾ آهن نہ وري کنئينءَ ۾، هنن ۾ هٺ، وڏائي ۽غرور ناهي.
    او عمر ! هي مارو اڳي ئي ڏکويل آهن، تن کي پنهنجن ننگن ۽ دنگن تان بي دخل ڪري ويتر هنن تي ظلم ۽ آزار نہ ڪجان. منهنجي مارن جي توکي پارت هجي.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    محترم شهيد سنڌ بشير خان کي ڀيٽا
    ____________________________


    اڄ اسان وٽ ڪين خوشيون
    روئي روئي ٿڪيون اکيون

    هو اسان کان جيءُ جدا ٿيو
    جيءَ سان پو جهڙپ جهٽيون

    مان وارو مڙس هو ير
    جنهن لئه دليون درد بکيون

    او وڏا تنهنجي ساه سار
    روح تڙپي سکيون ڏکيون

    سال گذرياصديون ٿيندا
    تون امر آن واٽ تڪيون

    تو سوا ڌپ ڇانورا سڀ
    هاڻي هت سڀ ساه سٽيون


    رسول بخش دائودپوٽه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو