وِندِيَسَ وَطَنَ سامُهِين، ملِيرُ مُهِجَو ماڳُ ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏَيهَ ۾، ساڻُ سَرِتِيُنِ ساڳُ تَہ مُون سَئَون سڀاڳُ، جَي وَيجِهي ٿِيان وَرَ کي سُرُ مَارُئِي وِندِيَسِ = وينديس وَطَنَ = مارئيءَ جو ملڪ ملير سامُهين = اڳيان مُهِجَو = منهنجو ماڳُ = گهر، مڪان ڏُٿُ = جهنگلي گاهن مان حاصل ٿيندڙ اَنُ. جهڙوڪ : سائون : برسات وسڻ کان پوءِ ڦٽندڙ هن گاھ جو سلو اٽڪل چيلھ جيڏو ٿيندو آهي. پن ٻاجهريءَ جيان، سنگ ڇھ انچ ٿئيس. ٿري ماني به پچائين ۽ ڀت به رڌين. مکڻي : هن گاھ جي ڪاني چار ڦاڪون ٿي پوندي آهي، جنهن ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا داڻا ٿين ٿا جيڪي ٿري شوق سان کائين ٿا. مانڌاڻون : ڊيگھ پنج انچ ٿئيس، سندس ڪاني چوٽيءَ وٽان ڦٽي ٽي ڦاڪون ٿيندي آهي. اڇي رنگ جا داڻا ٿر جا ماڻهون مزي سان کائين ٿا. کِھُ، ڀرٽ ۽ ٻيابه جن مان اناج حاصل ٿيندو آهي. ڏَيهُ = وطن، ملڪ ساڳُ = سائي ڀاڄي، ترڪاري _ ساڳ ٿلهن ۽ ڊگهن ساون پنن جي ڀاڄي لذيذٿيندي آهي. سَئَون سڀاڳُ = نيڪبختي، ڀلو ڀاڳ ويجهي ٿيان وَرَ کي = مڙس سان ملان بيت جو پس منظر ~ جيڪو ملير ۾ منهنجو گهر آهي، اوڏانهن هڪ ڏينهن ضرور وينديس. ~ سرتيون ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ جو ڏٿ، ساڳ ۽ ٻيون ڀاڄيون چونڊياينديس. ~ منهنجا ڀاڳ ڀلا ٿيندا جڏهن وڃي پنهنجي مڙس سان ملنديس. سمجهاڻي مارئي پنهنجي وطن، اناج، ڀاڄين، سهيلين ۽ مڙس کي ساريندي چئي ٿي : مون کي پڪو ۽ پختو يقين آهي تہ نيٺ هڪ ڏينهن ضرور عمر جي قيد جا زنجير ٽٽندا ۽ آزادي ماڻينديس ۽ پنهنجي ملڪ ملير وينديس. جن سهيلين جي سڪ ۽ اڪير اٿم تن سان ملي خوب رهاڻيون ڪنديس. منهنجي ٿر ۾ مِينهَن کان پوءِ ڦٽندڙ اناج سائون، مکڻي، مانڌاڻون ۽ ٻيا انَ گڏ ڪنديس.ساڳ ۽ ٻيون سايون ڀاڄيون چونڊي گهر آڻينديس. ان کان وڌيڪ مون لاءِ خوشي ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالھ ٿيندي جڏهن هن قيد مان آزادي ماڻي پنهنجي محبوب مڙس کيت سين وڃي ملنديس ۽ سڪ لاهينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____