سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! مَيرَو مُنهُن ٿِئَومِ وَڃَڻُ تِتِ پِئَومِ، جِتِ هَلَڻُ نَاهِ حُسنَ رِي سُرُ مَارُئِي ٿِئَومِ = ٿِيُمِ تِتِ = اُتي پِئَومِ = پِيُمِ نَاهِ = ناهي بيت جو پس منظر ~ اي سومرا ! مون پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي، منهنجو منهن ميرو ٿي پيو آهي. ~ مون کي اُتي موٽي وڃڻو آهي، جتي ظاهري حُسن سان گڏ اخلاقي جمالَ کانسواءِ هلي نٿو سگهجي. سمجهاڻي ڀٽائي هن بيت ۾ جنهن سُونهَن جي ڳالھ ٿو ڪري سا هار سينگار ڪرڻ، ميڪ اپ، سرخيون، پرفيوم لڳائڻ ۽ قيمتي ويس وڳا ڍڪڻ سان ناهي. هونئن بہ ٿر ۽ بر ۾ رهندڙ هر مرد توڙي عورت جي منهن تي مٽيءَ جي ميراڻِ اتان جو اهڃاڻُ آهي. ٿري عورتون ڪو خاص فيشن، سينگار يا ميڪ اپ وغيره ناهن ڪنديون. تنهنڪري ”ميرو منهن ٿئوم“ لفظن ۾ جيڪا ميراڻِ لڪل آهي، ان جو دز، مٽي يا ڌوڙ سان ڪو تعلق ناهي. هتي ”ميرو منهن ٿئوم“ مان مراد مارئيءَ جي سَتُرَ ۽ مارن سان وفاداريءَ واري وچن تي شڪ پوڻ سان آهي. تنهنڪري تيستائين مارئي پنهنجو مُنهُن ميرو تصور ٿي ڪري، جيستائين مارن اڳيان پنهنجو سَتُ ۽ سَيلُ ثابت نٿي ڪري. مددي ڪتاب : شاھ لطيف جي مختلف رسالن کانسواءِ ڪتاب “ڀٽائي“ ليکڪ : انور پيرزادو چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترممظفر منگي صاحبجي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____