سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! ، عُمَرَ ! ٿِيَسِ اَسِيرَ مَارُو مَنجِھ مَلِيرَ، مُون سِين هِتِ هِنءَ ٿِئو سُرُ مَارُئِي اَسِيرَ = بندياڻي، قيدياڻي سِين = سان هِنءَ = هيئن ٿِئو = ٿيو بيت جو پس منظر ~ مون پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي، او سومرا عمر ! تنهنجي ڪوٽن ۾ قيدياڻي جو آهيان. ~ منهنجا مارو ملير ۾ ئي رهيا، تڏهن تہ تو مون سان هي ظلم ڪيو. سمجهاڻي مارئي پنهنجي مارن جي خاموشيءَ تي افسوس ڪندي چئي ٿي : او عمر سومرا ! تنهنجي ڪوٽ ۾ قيدياڻي هجڻ ڪري منهنجي عزت ۽ عصمت تي شڪ پئجي ويو آهي. هڪ نوجوان ۽ خوبصورت عورت کي زبردستي کنڀي جڏهن ڪوٽن ۾ قيد ڪيو وڃي تہ ماڻهون ان جي عزت ۽ عصمت کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندا ۽ آڱريون کڻندا. منهنجا مارو ملير ۾ خاموش ٿي ويهي رهيا ۽ تنهنجي هن ظلم خلاف ڪا مزاحمت نہ ڪئي، تڏهن ئي تہ تو مون سان هي قهر ڪيو. صديون اڳ عمر جي ڪوٽ مان مارو مارئيءَ کي آزاد نہ ڪرائي سگهيا. صديون پوءِ اڄ جڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ شعور ۽ سجاڳي وڌيڪ آهي پر پوءِ بہ اڄ جون ماريون عمر جي ڪوٽن ۾ اڃان بہ قيد ۾ آهن ڇو؟ اچو تہ پنهنجي هن قومي بي حسي ۽ ويڳاڻپ تي غور ڪيون. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترممظفر منگي صاحبجي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____