سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! سِکَرِ جهڙي سونهن دل ۾ دُکَي دُونهَن، مُهِجَو مُنهُن مَيرو ٿِئو سُرُ مَارُئِي سِکَرِ = نهايت خوبصورت _ چون ٿا جڏهن ڄام تماچيءَ جي زال پنهنجي ڏير ڄام اوڍي تي منجهس بڇڙي اک رکڻ جو ڪوڙو الزام مڙهيو، تڏهن هو سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو. اُتي سندس بيحد حَسينُ عورت هوٿل پدمڻيءَ سان دل لڳي ويس، پوءِ ان سان شادي ڪيائين. کين هڪ ڌيُ ڄائي جا سونهن سندرتا ۾ بي نظير ۽ بي مثال هئي. سندس نالو ”سکَرِ“ هو، پيار مان کيس لعل سڏيندا هئا. ٻہ پٽ ڄاون جن مان هڪ جادم جکرو هو جنهن جو ڀٽائيءَ سر بلاول ۾ ذڪر ڪيو آهي. دُونهَن = دونهين، ڀنڀٽ، آڙاھ مُهِجو = منهنجو بيت جو پس منظر ~ اي سومرا ! منهنجي سونهن سِکَرِ شهزاديءَ جهڙي هئي، جيڪا هاڻي وڃائجي وئي آهي. ~ منهنجي دل ۾ جيڪا دردن جي دونهين دکي ٿي ان جي تاثير سبب منهنجو مُنهُن اُٻاٽجي ويو آهي. سمجهاڻي مارئي ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾ پالڻي نالي ڌنار جي گهر ڄائي، سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي هئو. هوءَ ڄمندي ئي حور جهڙي حَسِينُ هئي. جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن سندس سونهن سرس ٿيندي وئي. جڏهن ساماڻي تہ سندس حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلِي وئي. هن بيت ۾ ڀٽائيءَ مارئيءَ جي سونهن کي پنهنجي وقت جي حسين جميل شهزادي ”سِکَرِ“ سان تشبيھ ڏني آهي. مارئيءَ جي دل ۾ جيڪو آڙاھ هر وقت ٻرندو رهي ٿو، سو دراصل هن ڪُڌي ڪم جي خلاف عمر بادشاھ کان نفرت جو اظهار آهي. سنڌ جي پنج ڪروڙ ماڻهن جي دلين ۾ ننگن ۽ دنگن جي مالڪي نہ ڪرڻ جي خلاف وقت جي غدار حڪمرانن، ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي لاءِ جيڪا دلين ۾ باھ ٻري ٿي سا نيٺ ضرور ڪڏهن ڀنڀٽ بڻبي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____