جَهِڙي آيَسِ جِيئَن، تَهِڙي مِلان تن کي ڦِران ڦَرَ چارِيان، هِنئون چَئيم هِيئَن وَڃان ڪِيئَن وطن ڏي، ڪاڻِ لَهندَم ڪِيئن؟ مُدائِتَي مِينهَن، سُنهان سَرتِين وِچَ ۾ سر مارئي ڦران = گهمان ڦران ڦرَ = ڇيلا ۽ ڇيلڙيون ڪاڻ = عيب، چٽو، داغ سنهان = سونهان، ٺهان، ڀلي لڳان بيت جو پس منظر ~ آئون جهڙي معصوم ۽ پاڪدامن آئي هيس تهڙي ئي باعزت، باعصمت پنهنجي مارن کي وڃي ملنديس. ~ منهنجي دل ٿي چئي ته جيڪر ملير ۾ وڃي گهمان ڦران ۽ ٻڪرين جا ڦر چاريان. ~ ڳڻتي اٿم ته وطن ڪيئن وينديس ۽ هي جيڪو داغ لڳو اٿم سو ڪيئن لهندم. ~ آس اٿم ته هنن مندائتن مينهن ۾ سرتين ساڻ هجان. سمجهاڻي مارئي پنهنجي وطن، ٻڪرين جي ڦرڙن ۽ مندائتن مينهن کي ساريندي چئي ٿي : عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ کان اڳ جهڙي پاڪدامن هيس، اهڙي ئي باعصمت پنهنجي مارن کي وڃي ملنديس. ٿر جون ڀٽون، ٻنيون ٻارا، فصل، مال ۽ مارو ڏٺي ڏينهن ٿي ويا اٿم. انهن سڀني جي ڪيڏي سڪ لڳي اٿم.سو دل ٿي چئي اکئين ڏسان، ٻڪرين جا تازا ڄاول ڇيلا ۽ ڇيلڙيون هنجن کڻان ۽ جهنگ چاريان. سدائين جيءَ ۾ جهوري لڳل رهي ٿي ته وطن ڪيئن وينديس، هي لڳل داغ ڪيئن لاهينديس. آس اٿم ته جڏهن هيلوڪا مندائتا مينهن وسي ٿر جي اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪندا.گاه، گل، ٻوٽا، فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا پچندا تڏهن آئون پنهنجي سرتين ساڻ هونديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____