عمرَ ٻَن جيَو ! کُوء منهنجو سومرا جا پر نه پنهُوارن جي، مون سين تيئن ٿئو وٺي مُنهُن ڪهو؟ وڃان وطنَ سامُهين . سر مارئي ٻَن = باهه ۾ ساڙڻ، کڏ ۾ اڇلڻ جيَو = جيئڻ, زندگي، حياتي گهارڻ کُوء = کڏ ۾ اڇلڻ پَر = ريت، رسم، رواج، هلت، چال ڪهَو = ڪهڙو سَامُهين = جي اڳيان بيت جو پس منظر ~ اي عمر ! اهڙي حياتيءَ کي باهه ڏئي ساڙيانس، جيڪر کڏ ۾ اڇلي ڇڏيانس . ~ اسان مارو ماڻهن جي اها ريت ئي ناهي، جيئن مون سان هت ٿيو آهي. ~ هاڻي آئون ڪهڙو مُنهُن کڻي پنهنجي وطن وينديس؟ سمجهاڻي مارئي عمر جي ظلم کي ننديندي چئي ٿي : او عمر ! پنهنجي مڙس ۽ مارن کان سواء، تنهنجي محلاتن ۽ ڪوٽن ۾ قيد جي زندگي به ڪا زندگي آهي. آئون اهڙي حياتيءَ کي باهه ڏئي ساڙيانس، جيڪر کڏ ۾ اڇلي ڇڏيانس. اسان مارو ماڻهن ۾ اهو رواج ناهي ته ڪنهنجي خوبصورت، سهڻي زال ڏسي، ڏاڍ ۽ زبردستيءَ سان کنڀي وڃي ڪوٺين ۾ قيد ڪجي. مون سان سان هي ڪيسُ قهر تو ئي ڪيو آهي. هاڻي آئون ڪهڙي مُنهَن سان وطن وينديس؟ ۽ ڪنهن ڪنهن کي چپ ڪرائينديس ته ٻيلي آئون بي ڏوهي، بي قصور ۽ مظلوم آهيان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____