ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته امر جليل اسان جي دور جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس سچائين ۽ طنز ۽ تيز لکڻين سبب هڪ وڏو حلقو سندس مخالف به آهي، پر پوءِ به سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ڪتابن جا ڪيئي ايڊيشن ڇپجن ٿا. سندس مختلف لکڻين، ڏند ڪٿائن ۽ قصن تي مشتمل ڪتاب ”لهندڙ سج جي لام“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ٻيو ايديشن 2012ع ۾ ڇپيو جنهن جي اسڪين ٿيل ڪاپي ڪرزمه جي ٿورن سان وهان سان شيئر ڪجي ٿي. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو