”سنڌ جا ننڌڻڪا ۽ ختم ٿيندڙ ننڍا آبادگار“

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    آچر خاصخيلي

    دنيا ۾ هر ملڪ جي آمدني ذريعو هوندو آهي ڪٿي ڪهڙو ته ڪٿي ڪهڙو اهڙي طرح پاڪستان جو ۽ خاص ڪري سنڌ جو وسيلو زراعت رهي آهي ان ۾ سنڌ جي زراعت جيڪا سنڌ لاء ڪرنگهي جي هڏي سمجهي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪيلو، ڪمند، ڪڻڪ، ساريون، سرنهن، ڀاڄيون ۽ ميون سميت ڪيترائي فصل ٿين ٿا جنهن خلاف زراعت کي ختم ڪرڻ لاء ڪجھ سالن کان مختلف فصلن ڪمند،وونئڻ،ڪڻڪ ۽ سرنهن جي فصلن جا اگھ ڪيرائي هر طرح کان آبادگارن کي نپوڙيو پيو وڃي پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ هاري ۽ وچولو طبقو آبادگارن جو متاثر ٿي رهيو آهي جنهن ۾ وقتن بوقتن سازشون ڪيون ويون آهن جنهن ۾ گذريل وونئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسائيندي جتي پنجاب سميت دنيا جي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪپھ ۽ ڪڪڙي جو اگھ چوٽ هو ان جي باوجود سنڌ جي آبادگار کي پيڙهي اگھن ۾ رڪارڊ لاٿ ڪئي وئي گذريل سال جتي آخر ۾ هونئن ئي گھٽ هو جيڪو 22 سو جي لڳ ڀڳ پئي هليو وري ان مان گھٽ ڪري آخر ۾ 12 کان 15 سو ڪيو ويو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ٻج،ڀاڻ،ڊيزل يا هرن جو خرچ نه لاهي سگھيو هوجنهن ۾ ذميندار ۽ هاري لکين رپين جا قرضي ٿي ويا وري مٿان ڪمند جو فصل آيو جيڪو پڻ سڄي سيزن سياست جي ور چڙهيل رهيو جنهن ۾ ڪيترائي اجلاس ٿيا ڪورٽن نوٽيس ورتا ڪورٽن ۾ آبادگار ويا پر اسان جي حڪومت جي ڪن تي جونء به نه سري پر ڇو سري ڦري سري وري به اسان وٽ ئي زمين ايندي واري خيال شايد هنن کي ان تي عمل ڪرڻ جي سگھ ئي نه ڏني پر شايد پهريون ڀيرو هو جو ڪن اسيمبلي ميمبرن يا سياستدانن نيشنل هاء تي ڌرڻو هنيو جنهن تي آبادگارن هارين کي ڪجھ اتساھ پيدا ٿيو ته هاڻ وڏا نڪتا آهن ڪجھ نه ڪجھ ٿيندو ڪمند جو اگھ چڙهندو جنهن تي فرضي 172 رپين جو اعلان ته ٿيو پر ان تي عمل ڪير ڪرائي وري انهيء تي وٺ پڪڙ جاري رهي نيٺ ڪمند ته ڀوتار بليڪ ميل ڪري وٺي ويا ۽ پنهجون ملون هلائي پنهجو ڪم ڪڍي ويا ۽ احتجاجي وڃي گھر ستا ڪابه هڙ حاصل نه ٿي اتي به ڪروڙين رپياآبادگارن کي نقصان پيو جنهن کان پوء اها سگھ ئي ناهي رهي ته هو ڪو ٻيو فصل ڪاهي سگھن اڃا انهيء بحران مان زميندار۽ هاري نڪتا ئي ناهن ته مٿان وري چيٽ پيٽ سڏيو ويندڙ ڪڻڪ جو فصل جنهن جي لهڻ کي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن پر اسان جي سنڌ حڪومت اڃا آرام جي خمارن ۾ آهي نه بارداڻي جو مسئلو حل ٿيو آهي نه ئي خريداري مرڪز کليا آهن خوراڪ جا مرڪز نه کلڻ ڪري آبادگارن سان ٻيهر ٽيهر ته ڇا پر الائي ڪائون ويڌن شروع ٿي ويو آهي جو ڪڻڪ جي اگهه 13 سو جي جاءَ تي هڪ هزار پنجاهه رپيا في مڻ ۾ خريد ڪري اڍائي سو جو مڻ تي نقصان ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ان سان گڏ لهندڙ سرنهن جي فصل کي به ائين ڪيرايو ويو آهي جيئن ڪو وڏو فصل هجي پر شايد اهو خام تيلن ۾ شمار آهي پر ان جو به گذريل سال واري اگهه25 کان 27سو جي ڀيٽ ۾ هن سال وري مرڳو 13 سو کان 15 سو رپيا اگھ مقرر ڪري 12 سو جي رڪارڊ لاٿ به آبادگار يا هاري سان ڪنهن وڏي دشمني کان گھٽ ناهي آخرڪار اهي انياء سنڌ جي ننڍن آبادگارن سان ڇو آهن اهي دانهن ڏين ته ڪنهن کي ڏين؟ ڇا ذوالفقار علي ڀٽو اهو غلط ڪيو هو جو غريبن کي بلاڪ جي نالي سان زمينون ڏئي انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا جنهن جي دعائن سان ڀٽو خاندان اڄ به امر سڏيو وڃي ٿو جنهن پنهجي ملڪيت عوام کي قرار ڏئي هميشه عوام جي حمايت حاصل ڪئي جنهن جي بدولت اڄ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين بعد به ڀٽي صاحب جي انهن همدرد پاليسين جي ڪري ان جي نالي واري پارٽي کي سنڌ جي عوام ووٽ ڏيئي اقتدارن تائين پهچائيندي پئي اچي پر ان جو اهو مشن خيال يا همدرداڻه پاليسيون خاص ڪري ٻن پيرڊن کان گم رهيون آهن جن کي دٻي جي ٺڪري ۾ وجھي صرف اليڪشن جي ٽائيم تي انهن کي ڪڍي وڏن سازن سوزن سان ڏيکاريون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي جڏهن اسان جديد سائنسي دور جي ڳالھ ڪريون ٿا ته پوء ڇاء پنهجن حقن جي ڄاڻ وٺڻ يا ڪنهن سازش کي سمجهڻ لاء ڪا اسان کي پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي يا ٻيو ڪجهه جو اسان بلڪل اٻهرائپ کان ڪم وٺي خاموشي اختيار ڪري پنهجي ڀينگ ڪري رهيا آهيون ڇا اهو سمجهڻ لاء ڪافي ناهي ته سنڌ ۾ ڪير زراعت کي تباھ ڪري رهيو آهي هڪ ٻيو مسئلو جيڪو آبادگارن کي ويجھڙائي ۾ رهيو جيڪو خاص ڪري ڪڻڪ ۽ سرنهن تي نظر انداز ٿي رهيو آهي اهو هو بنديء کان پوء پاڻي کي دير سان شاخن ۾ ڇڏڻ جيڪو پاڻي ڪڻڪ لاء انتهائي اهم هو جنهن کي ڪيترن ئي علائقن خاص ڪري ٽنڊوالهيار۽ سانگھڙ جي شاخن ۾ پاڻي دير سان اچڻ ۽ ڪڻڪ پچي وڃڻ ڪري وڏو نقصان پيو جنهن ڪري جيڪا ڪڻڪ في ايڪڙ 50 مڻ اچڻي هئي اها هاڻ ويهه کان 25 مڻ في ايڪڙ اچڻ ڪري اهو ڪروڙين رپين جو نقصان پيو آخر ڪار انهيء بحران جو ڪير ذميوار آهي ۽ ڪير هئڻ گهرجي سنڌ حڪومت جي اها ذميداري آهي ته هو ڀٽي جي پاليسين تي حقيقي عمل ڪري انهيء رستي تي هلي ۽ نه صرف پارٽي کي نقصان کان بچائي پر هارين جي حقن کي محفوظ ڪرڻ هاڻوڪن حڪمرانن جي ذميداري آهي ان لاء به سڀني کي اکيون پٽڻيون پونديون اهڙين پاليسين کان ڪير انڪاري آهي جو بيراجي يا روينيو مختيارڪارن وٽان کڻت ڪري اصل ڌڻين کي هيسائي دٻائي کڻت ڪئي پئي وڃي آخرڪار اهي آهن ڪير؟ توهان کي ٽائيم تي ڪير بارداڻا نه ٿو پهچائڻ ڏئي ته جيئن توهان جي ڪڻڪ گھٽ اگهه تي وڃي،ڪير وڏي ذمينداري جي ڊوڙ ۾ پوڻ جو خواهشمند آهي توهان سان ترتيبوار سازشون آخر ٿين ڇو پيون اهو سمجھڻ کان ٻاهر ناهي دماغ ويڙهائڻ جي ضرورت آهي فرض ڪريو خدانخواسته توهان ڪنگال ٿي وڃو ته توهان کان زمينون ڪير وٺڻ جي سگھ رکي ٿو اهو ئي توهان وٽ پهچي ويندو ان لاء سياست کان ويندي ڪنهن به حد تائين پاڻ سوچيو ظاهر آهي توهان جڏهن سوچيندو ته هر طرف جھڳو ئي جھڻ آهي پر وري به اهو سوچي اڳتي وڌندو ته جيڪو گھٽ ناانصافي ڪري وري به بهتر آهي ان لاء سڀني هارين خاص ڪري وچولي طبقي جي آبادگارن کي پنهجن ٻچن ٻارن جو سوچي کوکلن نعرن کان هٽي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪري پنهجي حقن لاء ڪجھ قربانيون ڏيڻيون پوندن نه ته هي هٿرادو ڏڪار کين پنائڻ تي وڌيڪ مجبور ڪندو۽ توهان ئي پنهجا ٻنيون ٻارا سڀ وڃائي ويهندو جنهن مان هڪ طبقو جنهن کي وچولو چيو وڃي ٿو جيڪو بلڪل ختم ٿي ويندو جنهن جا ذميوار پاڻ هوندو وقت آهي ته پنهجي حفاظت پاڻ ڪريو ۽ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيو جيڪو توهان جي ڀلائي ۾ آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۽ پاڪ فوج کي به گهرجي ته ٻي دهشت گردي سان گڏ هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ هن انياء تي به نوٽيس وٺن ڇو ته هي به ڪنهن ايمرجنسي کان گھٽ ناهي ڪروڙين ماڻهن جي مستقبل جو مسئلو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو