ريڊيو جو اهو دور وسرڻو ناهي، اهو ريڊيو جو سونهري دور هو جڏهن ٻنين ۾ گاهه ڪندي، لابارو ڪندي، مال چاريندي، دڪانن تي ، گاڏين ۾ ريڊيو ٻڌو ويندو هو ۽ ان جو ڪريڊٽ پروڊيوسرن پر خاص ڪري پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪندڙن ڏانهن ويندو هو. اسحاق انصاري، مختيار ملڪ، شوڪت خاصخيلي، الهورايو انور ۽ اهڙائي ٻيا نالا ريڊيو خيرپور جي سونهن هوندا هيا.
الهورايو انور جو آواز به انهن ماڻهن مان هڪ آهي جن کي ماڻهن ڏٺو ته شايد ئي ڪڏهن هجي پر سندن آواز ماڻهن جي من تي ڇانيل رهي ٿو ۽ ياد رهي ٿو.
مون ريڊيو تي خط لکڻ جي شروعات ضيا
ئي جي مارشل لا لڳڻ کان پوء ڪئي . جو اهو گهٽ ٻوسٽ جو دور هو. ملڪ تي ڄڻ ته راڪاس جو واسو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد . آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ريڊيو پاڪستان ڪراچي . خيرپور وغيره. تي خط لکندا هئاسين. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ٽرانسميشن ٽنڊي الهيار م بهترين ڪوالٽي م ٻڌبي هئي. ان وقت شايد 1984-85 جو زمانو هو جو هڪ بهترين آواز ريڊيو خيرپور تي نمودار ٿيو. اهو آواز اله ورائي انور صاحب جو هو. اسان جي اها ڪوشش هوندي هئي ااسان لکيل خط الهورايو انور پڙهي. جڏهن اسان.جا خط الله ورايو انور صاحب جنهن محبت سان پڙهندو هو.ان تي بي حد خوشي ٿيندي هئي. سندس پروگرام اوهان جي سوچ ۽ لوچ گهڻا مشهور هئا. ساڻس روبرو ملاقات ته نه ٿي . پوء اهڙو واء وريو ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات اسان تائين پهچڻ بند ٿي وئي.
ايف ايم جو دور شروع ٿيو ته الله ورايو صاحب. ايف آايم ٽنڊو آدم تي ٻڌجڻ لڳو . بعد انڊس ايف ايم وغيره. تي ڪم ڪياؤن. ڪيترن نوجوان کي ڪمپيئرنگ تربيت ڏئي اڳيان انداؤن
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي ساريندي سڄڻين
شاه