مَ سَپَني مارئي ! ، مُئي ! مَ ڄائي جنهن اچي امرَ ڪوٽَ ۾، لوئي لڄائي جا سانگين سَيڏائي، سا ڪينَ مَرڪَي ماڙيَين سر مارئي مَ = نه سَپَني = پيدا ٿي، سامائي مُئي = شل مري وڃي - لفظ مُئي پٽ َ۽ پاراتي طور چيو ويندو آهي. سانگين = مارن سَيڏائي = سڪائي مَرڪَي = فخر ڪري ماڙيَين = ماڙين ۾، محلن ۾ بيت جو پس منظر ~ مارئي پيدا ئي نه ٿئي ها، شل مري وڃي ها، جيڪر ڄمي ئي نه ها. ~ جنهن امرَ ڪوٽَ ۾ اچي لوئيءَ کي لڄايو. ~جنهن سانگين کي سڪايو سا وري ماڙين ۾ رهي ڪيئن فخر محسوس ڪندي. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر ته مارئيءَ کي پِٽَ ۽ پاراتو آهي، ته جيڪر هوءَ ڄمي ئي نه ها. جي ڄائي هئي ته مري وڃي ها، ڇوته هن نه رڳو پاڻ کي، ٿر، مارن ۽ لوئيءَ کي به لڄايو آهي. اها به حقيقت آهي ته مارئيءَ کي کوهه تان زبردستي کنڀيو ويو هو. هوءَ ڪو پنهنجي شوق، خوشي ۽ مرضيءَ سان عمر جَي ڪوٽ ۾ قيدياڻي نه بڻي هئي. ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو حامي ۽ علمبردار رهيو آهي. اسان سڀ به چاهيون ٿا ته عورت پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪري. پر اڄ جون نوجوان ڇوڪريون گهران نڪري جڏهن پيار جي شادي ڪن ٿيون ته والدين ڪنهنجي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نٿا رهن. سو اچو ته غور ڪيون ته تڪڙ ۽ عُجلَتَ ۾ ڪيل اڪثر شاديون ناڪام ڇوٿيون ٿين؟ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____