ياسر قاضي سنڌ جي سدا زرخيز سر زمين هميشه صوفي سالڪن جي آستان رهي آهي. ڪن صوفين ته هن ئي سهڻيءَ ڀونءِ مان جنم وٺي، هتي ئي محبت جا سبق ڏنا ۽ هتي ئي مٽيءَ ماءُ سان مليا. پر ڪي بزرگ ته ڪوهين ڏور کان پنڌ ڪري به سنڌ جي سڪ ۽ ڇڪ جي ڪري هتي آيا ۽ هميشه لاءِ هتان جا ٿي ويا. هونءَ ته سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين بزرگن جي آستانن جو ڇيهه ئي ناهي، پر ڪي بزرگ ۽ صوفي انهن سمورن گلن مان وڌيڪ مهڪار ڏيندڙ آهن. سنڌ جي مشهور صوفي شاعر غمدل فقير به سنڌ جي اهڙن سچن صوفين جي قطار جو اهو جرڪندڙ هيرو آهي، جن پنهنجي فعل توڙي شاعريءَ جي ذريعي انسانيت ۽ محبت جا پيغام سڄي لوڪ تائين پهچائڻ ۾ سموري زندگي صرف ڪئي. غمدل فقير جو جنم 1867ع ۾ ضلعي سکر جي شهر پني عاقل ۾ پير بخش دايي جي گھر م ٿيو. غمدل فقير جو مائٽاڻو نالو عبدالخالق هو، جڏهن ته سندس عقيدتي نانءُ صوفي سرمست حضرت عبدالخالق عرف گوهر غازي غمدل فقير آهي. سندس والد صاحب انگريزن جي دؤر ۾ پوليس جو صوبيدار هو. غمدل فقير جي والده جي وفات سندس پيدائش کانپوءِ ۽ ڇٺيءَ کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي، جنهن کانپوءِ کين پالي وڏو ڪرڻ ۾ سندس والد ۽ سندس ماٽيلي ماءُ اهم ڪردار ادا ڪيو. غمدل فقير کي زماني جي روايت موجب تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو ويو، جتي هن ظاهري تعليم جا صرف ڇهه درجا ۽ قرآن پاڪ جا صرف ڏهه سيپارا پڙهيا. چوندا آهن ته صوفي سالڪن کي ظاهري تعليم جي ڪا به ضرورت ناهي هوندي ۽ هو اندر جي نور سان ڀرپور هوندا آهن، جنهنڪري کين بغير تربيت جي هر اکر واضع طور تي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ ۾ ايندو آهي. غمدل فقير جو تعلق به انهن ئي صوفين سان هو، جنهنڪري کين ڇهن درجن کان وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت ئي ڪانه پئي. هُنن اها بنيادي تعليم پرائمري اسڪول ميرپور ماٿيلي، هاءِ اسڪول پني عاقل ۽ هڪ خانگي مدرسي ۾ احمد علي فقير، مولوي محمد عارف ۽ ديوان سنمکداس کان ورتي. پاڻ ننڍپڻ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ صوفي وريل فقير جي جي ڪلام جو توجهه سان مطالعو ڪندا هئا. ننڍپڻ جي حد ٽپي پاڻ اڃا جوانيءَ ۾ پير ئي نه پاتو هئائون ته يارهن سالن جي ڄمار ۾ کين والد جي وفات جو صدمو به سهڻو پيو ۽ پاڻ بنهه اڪيلا ٿي ويا. پر صوفيءَ کي زندگيءَ جي حقيقت سمجڻ لاءِ ڄمڻ کان وٺي ئي فطرت اهڙين حالتن سان موکا ميلو ڪرائيندي آهي، جنهن بٺيءَ ۾ پچي هڪ عام انسان مان هڪ سچو صوفي جنم وٺندو آهي. غمدل فقير جي هڪ عام سڃاڻپ هڪ صوفي شاعر جي آهي، پر سندس هڪ ٻي وڏي سڃاڻپ هڪ خدا ترس بزرگ جي به هئي، پر اها بزرگي ڪنهن به صوفيءَ کي گھر ويٺي ناهي ملندي. انهيءَ مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِ صوفيءَ کي پنهنجو من ماري، جھر جھنگ ۾ خدا جا مختلف عڪس ڳولهي، عشق حقيقيءَ م ٽمٽار ٿيڻو پوندو آهي، جنهن بعد وڃي اهو صوفيءَ انهيءَ قابل بڻبو آهي ته طريقت حاصل ڪري ۽ اهو فيض ٻين هزارن طالبن تائين به پهچائي. غمدل فقير به جوانيءَ ۾ پير پائڻ شرط انهيءَ کوريءَ ۾ پچڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيو. غمدل فقير کان اڳ سندن وڏن ۾ ڪوبه بزرگيءَ وارو سلسلو ڪونه هو. غمدل سائين جن جي خاندان ۾ اڳ ڪوبه اهڙو بزرگ پيدا ڪونه ٿيو، هونءَ به قدرت اهي درجا حسب نسب کي ڏسي عطا ڪونهي ڪندي.!! غمدل فقير کي خواب ۾ هڪ شبيهه نظر آئي ۽ کين سڏ ٿيو ته هو پنهنجي طريقت جي اڃ اجھائڻ لاءِ انهيءَ صورت کي تلاش ڪن ۽ پوءِ انهيءَ صورت جا طالب ٿين. اهو اشارو عجيب ۽ ايڏو مشڪل هو جو سچي صوفيءَ کان سواءِ انهيءَ منزل تي ڪير ٿي پهچي سگھيو؟؟ غمدل فقير پنهنجي جنم ڀومي، پنهنجو ڳوٺ پنو عاقل اڻ ڄاتل عرصي تائين وساريو ۽ صوفيءَ واري سچي منزل ماڻڻ لاءِ پني عاقل کان درياهه جو پريون پاسو وٺي، جھرجھنگ جھاڳيائون ۽ هر هڪ گاديءَ، هر هڪ درگاهه تي پهچي انهيءَ صورت جي تلاش ڪيائون. اهو سفر روهڙي، خيرپور، گنبٽ، راڻيپور، نوابشاهه، سانگھڙ، شهدادپور، ٽنڊي آدم، ڀلاري ڀٽائيءَ، هالا، حيدرآباد، ٺٽي، جھوڪ کان ٿيندو ڪراچيءَ تي ڇيهه ٿيو، پر ڪٿي به اها گھربل سونهاري صورت نظر نه آئي، جنهن صورت خوابن ۾ اچي، هن فقير جون ننڊون اڏائي ڇڏيون هيون. وري اهو سفر درياهه جي اورين ڪناري کان ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان……“ وارو لافاني الاپ ۽ من اندر جي ووڙ ساڻ ڪري ڪوٽڙيءَ، ڄامشوري، لڪي شاهه صدر، سيوهڻ، دادوءَ ۽ ميهڙ کان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتو، جتي گھاڙ ڀر ۾ وسيل صوفي وريل فقير ابڙي جهڙي پارکو پارس سان دل جو حال اورڻ بعد کيس اشارو مليو ۽ غمدل فقير رتيديري ڀرسان ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ (ضلعي شڪارپور) ۾ سندس وؤڙ پوري ٿي ۽ اچي انهيءَ شبيهه کي ڳولها لڌائين، جيڪا کيس خواب ۾ نظر آئي هئي. اُها صورت مبارڪ سيد قلندر شاهه جيلاني صوفي القادريءَ جي هئي، جنهن جي پيرن تي ڪري، سندس طالب بڻيا ۽ سڀئي منزلون هڪ لمحي ۾ طئي ڪري صوفياڻو معراج ماڻيائون. مطلوب ۽ طالب جي انهيءَ آفاقي رشتي ڪارڻ پاڻ پني عاقل کي خيرآباد چئي، مستقل طور تي رتيديري ۾ سڪونت پذير ٿيا، سندن رتيديري آمد جو سال 1948ع هو. غمدل فقير جو شاعراڻو پهلو به سندس طريقت واري پهلوءَ جيان شاهوڪار آهي، غمدل فقير جي شاعري ۾ نه صرف صوفياڻين منزلن جو تفصيل سان ذڪر آهي، بلڪه انسانيت جي عزم ۽ عظمت جو برمله اظهار ۽ عشق حقيقيءَ توڙي عشق مجازيءَ جون روحاني رمزون پڻ بيان ڪيل آهن. سندن شاعري پنجن اهم ٻولين سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي ۽ فارسيءَ ۾ موجود آهي. سندن شاعريءَ جي مجموعي جو نالو ’ديوان گلزار غمدل‘ آهي، جيڪو سندس فرزند ۽ سندس اڳوڻي گادي نشين فقير لطف علي دايو جو سهيڙيل آهي ۽ لڳ ڀڳ پنج سؤ صفحن تي مشتمل هڪ جامع بياض آهي. غمدل سائين جون ملاقاتون پنهنجي دؤر جي ٻين صوفي شاعرن سان عام جام ٿينديون هيون ته پنهنجن همعصر شاعرن سان به…… غمدل فقير جي همعصر شاعرن ۾ صوفي رکيل شاهه، فقير روشن ضمير، فقير محمد گھوٽيو، مولوي احمد، غلام محمد صديقي، اعظم شاهه، علامه هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، سيد مهدي شاهه، مرزا قليچ بيگ، ڇتل فقير سانگي، سيد فيض درياهه شاهه، سيد ولايت علي شاهه، سيد اظهر گيلاني ۽ ٻيا شامل آهن. غمدل فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون، جن مان کين ٻه پٽ فقير پير بخش، فقير لطف علي ۽ هڪ نياڻي عطا ٿي. غمدل فقير جي وفات 105 ورهين جي ڄمار ۾ 15 مئي 1972ع بمطابق پهرين ربيع الثاني 1392هجريءَ تي رتيديري ۾ ٿي، کين پنهنجي مرشد جي قدمن ۾ ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ضلعي شڪارپور ۾ دفنايو ويو. هن وقت سندس گادي نشين سندس پوٽو فقير منظور علي دايو آهي، غمدل فقير جو انسانيت ۽ محبت وارو پيغام ڪڏهن به پئي پراڻو ٿيڻ وارو ناهي، اهو آواز هر دؤر ۾ تازو رهندو. ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ هر سال اپريل مهيني جي سورهين تاريخ تي سندس عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ کوڙ اڃارا اچي حاضري ڀري پنهنجي اڃ اجھائيندا آهن. مؤت پڄاڻا ميلا تن تي، مردن ماڻيا اؤج اجل ۾ !!
صوفي غمدل فقير سارنگ علي سولنگي فقير عبدالخالق عرف “غمدل” فقير ڳوٺ پنو عاقل سکر جو رهندڙ هئو ۽ سن 1867 ۾ تولد ٿيو، سندس شجره نسب حضرت عليؓ سائين جن جي غلام قمبر جي اولاد سان ملي ٿو. پاڻ شاھ قلندر جيلاني جو طالب ٿيو ۽ انهيءَ جي حڪم تي شعر چوڻ لڳو. هڪ ئي وقت 100 کان 200 شعر چئي ڇڏيندو هئو. اهي سڀئي ته قلمبند ڪو نه ٿيندا هئا. البته جيڪي سندس طالبن محفوظ ڪيا تن کي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سال ۱۹۴۸ع کان جڏهن رتيديري ۾ سڪونت پذير ٿيو، تڏهن شعرن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين. جيڪي “گلزار غمدل” نالي رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. غمدل فقير اٽڪل ۱۲۰ ورهين جي وڏي ڄمار ۾ ۱ مئي ۱۹۷۲ع تي انتقال ڪيو. سندس مزار، درگاھ شاھ قلندر، ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ، تعلقه ڳڙهي ياسين، ضلع شڪارپور ۾ موجود آهي. ڪلام محبوب ناز پرور، رخسار تنهنجو ڪافي، دارون درد ڦٽي جو، ديدار تنهنجو ڪافي. هي دانهن مئي جي، دلبر سڻ دوست دلربا، دلگير کي دلاسو، دلدار تنهنجو ڪافي. رخ ماهتاب تنهنجو، نيڻن روشن نظارو، ابرو سندي عبتن مان، انوار تنهنجو ڪافي. هڪ خال مٽ ڀانيان- لک لعل بدخشان، يوسف سونهين نه ثاني، سينگار تنهنجو ڪافي. سڀ حال تو کي معلوم- ڇا بيان چوان درد جو، مشتاق ساڻ ميلو- منٺار تنهنجو ڪافي. حسن وارا هزاين- سهڻا سڪن ٿا تولئِه، هر دم درشن تن کي- درڪار تنهنجو ڪافي . “غمدل” سدا اداسي- گلزار تو چمن ۾، گلشن منجهان هڪ گل جو- خوش بهار تنهنجو ڪافي.