هَٿَين هَٿَڪڙَولَ، هيَڙَي پيَم هُن جَا سَانگِي سَاريَم، سُومرَا ! ڍَاٽي پاسَي ڍَولَ ٻَاٻَاڻَن سِين ٻَولَ، ڪئَم نه ڪَوٽَ وهَڻَ جَا سُرُ مَارُئي هَٿَين = هٿن ۾ هَٿڪَڙولَ = هٿڪڙيون هيَڙَي = هنئڙي ۾، مَنَ ۾، دل ۾ هُن جا = هنن جا يعني مارن جا ڍَاٽي = ڍٽ علائقي جا رهاڪو، مارئيءَ جي وطن جا - ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چوندا آهن ڍَولَ = محبوب، پرين ٻَاٻَاڻَن = اباڻن ٻَولَ = قول، اقرار، ڳالهيون، واعدا، وچن ڪئَم = ڪيم بيت جو پس منظر ~ هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳل اٿم پر دل ۾ مارن جون ميخون لڳل اٿم. ~ او سومرا ! آئون پنهنجي سانگين کي پئي ساريان جيڪي ڍٽ پاسي جا رهاڪو آهن. ~ مون پنهنجي اباڻن سان ڪوٽ ۾ قيد رهڻ جا واعدا ڪونه ڪيا ها. سمجهاڻي مارئي پنهنجي مارن کي ساريندي عمر سان مخاطب آهي : هتي تو منهنجي هٿن ۾ هٿڪڙيون پارايون آهن پر منهنجي مَنَ، دل ۽ روح ۾ مارن جي محبت جون ميخون جڙيل آهن. او عمر ! اڄ مون کي پنهنجا مارو ڏاڍو ياد ٿا اچن. جيڪي ڍٽ ۾ رهندڙ آهن ۽ منهنجي محبوب کيت جا هم وطن آهن. مون ڪڏهن به پنهنجي اباڻن سان تنهنجي بادشاهي محلن ۽ ماڙين ۾ راڻي ٿي رهڻ جا واعدا ڪونه ڪيا ها. مان ته مارن سان ئي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا وچن ڪيا ها جيڪي ضرورپاڙينديس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____