* اديون عبد اللطيف چئي زيريَين ٻَيڙيَين لوهَ ۾، ڳَٽَن ڪيَس ڳاهُ سَنڪي سندَي سُومرَي، هَڏ نه چاڙهيَم ماهُ سرتيُون ! دعا ڪجَاهُ، ته ڀَرَمُ ڀَارَوڙيَ رهَي سُرُ مَارُئي زيريَين = ڏنڊا ٻيڙيون, پيرن جون ڪڙيون ٻيڙيَين = لوهه جون ڪڙيون جيڪي بانديءَ کي ٻنهي پيرن ۾ وجهندا آهن. ڳَٽَن = ڦاسين، طوقن - اُها زنجير جيڪا گول دائري واري آهي جيڪا ڳچيءَ ۾ پارائي ويندي آهي. ڳاهُ = چورو - سارين ياڪڻڪ جا تيلا ڳاهجي ڀڄي ڀري پوندا آهن. سَنڪي = فڪر، رنج، ڳڻتي، ڊپ، خوف هَڏ = هرگز ماهُ = ماسُ، گوشت ڪجاهُ = ڪجو ڀَرَمُ = پَت، اعتبار ڀاروڙيَ = اُنَ جي اڇي لوئيءَ، کٿيءَ بيت جو پس منظر ~ ڏنڊا ٻيڙين, پير ڪڙين ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل زنجيرن ته مون کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. ~ عمر سومري جي ڊپ کان جسم تي ماس ئي نه رهيو آهي. ~ اي سرتيون ! دعاڪجو ته شال هن لوئيءَ جي لڄ رهجي اچي. سمجهاڻي مارئي پاڻ مٿان عمر بادشاهه جا ظلم ڳڻائيندي چئي ٿي ته : منهنجي سڄي جسم کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي، نه رڳو هٿن ۽ پيرن ۾ زنجير پاتل آهن پر ڪنڌ ۾ به لوها پٽا پارايا ويا آهن. عمر بادشاهه جي خوف، ظلم، وحشت ۽ دهشت سبب جسم جو گوشت ئي روڙجي ويو آهي، ڳري ڪنڊا ٿي وئي آهيان. او سرتيون ! اوهين دعا ڪجو ته منهنجو هي اٽل ارادو، عزم، حوصلو قائم رهي. هن مارن جي لوئيءَ جي لڄ بچائي سگهان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____