ڊاڪٽر رام بخشاڻي جي مان ۾ آجياڻو ۽ سندس ڪتاب ”آکيرا آڪاس ۾” جي مهورت

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مٽي کي سون بنائڻ واري سنڌين مان هڪ ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ 6 سالن جي عمر ۾ سنڌ ڇڏي وڃي هندستان ۽ اتان دبئي ۾ رهندڙ ۽ ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر رام بخشاڻي چيو آهي ته 64 ورهين جي جدائي کانپوءِ سنڌ اچڻ تي خوشي ٿي آهي، سنڌي ٻولي عظيم ٻولي آهي، سنڌ جا دانشور ۽ اديب سنڌيت کي قائم رکڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکن.اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۽ سندس ڪتاب ”آکيرا آڪاس ۾“ جي مهورت واري رنگ برنگي تقريب ۾ ڪيو. هي ڪتاب جيڪو سندس آتم ڪٿا تي مشتمل آهي سو انگريزي ۾ ڇپيو هو ۽ ان جو سنڌي ترجمو مرحوم قمر شهباز پاران ڪيو ويو آهي. تقريب ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر رام بخشاڻي چيو ته هو ڇهن ورهين جي عمر ۾ سنڌ ڇڏي ويو هيو ۽ جواني پنهنجي جنم ڀومي کان پري رهي گذاري، پر 64 ورهين کانپوءِ ننڍپڻ جي دوستن سان اڄ گڏ ٿيو آهيان. هن چيو ته 1959ع ۾ سنڌ مان بحري جهاز جو گذر ضرور ٿيو هيو پر مون کي ٻاهر اچڻ جي اجازت مليل ڪانه هئي ۽ نه وري کيسي ۾ پيسا هيا، جنهن سبب افسوس ٿيو هيو. هن وڌيڪ چيو ته ورهين بعد سنڌ اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ اڄ جيڪي دوستن سندس مان اميدون رکيون آهن انهن تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سنڌ خوشي وچان ڇڏي نه ويو هئس پر روزگار سانگي ويو هئس، سنڌي ٻولي عظيم ٻولي آهي ۽ سنڌي اديبن، دانشورن کي گهرجي ته اهي هر حال ۾ پنهنجي لکڻين ۽ جدوجهد ذريعي سنڌيت کي قائم رکن. تقريب کي خطاب ڪندي نالي واري دانشور جامي چانڊئي چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي مثالي ۽ خودار ماڻهو آهي، جيڪو ڪيترائي سال سنڌ کان پري رهيو پر سندس ڌرتي هميشه دل ۾ ڌڙڪندي رهي ۽ هن زندگي جي سفر ۾ روح ناهي وڃايو ۽ اهڙو امتزاج رکندڙ ماڻهو گهٽ هجن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي هڪ رول ماڊل آهي ۽ سندس ڪتاب ۾ تحرڪ جي ضمانت ملي ٿي ۽ جيڪا ڪتاب ۾ ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي اها مهارتي ۽ ادبي ٻولي آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ مشاهدن جا به انبار آهن، اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي اهو ڪتاب پڙهايون. جامي چانديي چيو ته اهو پڙهي خوشي ٿي ته رام بخشاڻي کان اڃان تائين انهن بسڪيٽن جي خوشبو ناهي وسري جيڪا سندس گهر جي ڀرسان بسڪيٽ فيڪٽري مان بسڪيٽن مان ايندي هئي ۽ هن وٽ پيسا به هوندا هيا جو بسڪيٽ خريد ڪري سگهي. هن چيو ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ڊائنامڪ آهن، ڪي به مذهب قومن کان مٿي ناهن هوندا ۽ صرف ادب ۽ ڪلچر جو تحفظ ئي ڪافي ناهي تارخ جي حادثن ۽ المين کي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي باني چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي ڀلي دبئي ۾ رهي پر اسان کيس اڄ به سنڌ ۾ موجود سمجهون ٿا، ڇو جو هن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جيجل جو کير آهي، هن چيو ته قمر شهباز کي جس هجي جنهن اهڙو سهڻو ترجمو ڪيو آهي جو لڳي ٿو ته ڄڻ ڪتاب سنڌي ۾ لکيل آهي ۽ ان جو انگريزي ترجمو ٿيو آهي. نالي واري صحافي ۽ تاريخدان يوسف شاهين چيو ته 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي زمينون، معيشيت کسي دوکو ڪيو ويو اڄ سنڌ جا ٽي حصا فاقن ۾ گذاري رهيا آهن، اسان جا ڏک سور تمام گهڻا آهن. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جون سرحدون، فيڊريشن ۽ يونٽ ٽٽي رهيا آهن، هتي 50 ارب دالر جي معاهدن ۾ سنڌ جو 2 کان 3 سيڪڙو حصو آهي، اڄ سنڌ جي حالت اوڀر پاڪستان کان به وڌيڪ بدتر آهي ۽ ان کان وڌيڪ اسان کي ڦريو پيو وڃي.
    سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر امداد حسيني چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن جي جدائي باوجود ڊاڪٽر رام بخشاڻي کان سنڌ نه وسري آهي ۽ کيس راند واريون گهٽيون به ياد آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي جيڪو ڪتاب لکيو آهي اهو اثاثو آهي جيڪو سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ اهميت رکي ٿو.ڪامريڊ روچي رام چيو ته ورهاڱي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿيو آهي ۽ اڄڪلهه سنڌي هڪٻئي کان جدا ٿي ڪري مختلف ملڪن ۾ رهي رهيا آهن. هن ڊاڪٽر رام بخشاڻي کي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ دبئي ۾ سنڌي اسڪول کولڻ جي تجويز پڻ ڏني. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي جو ڪتاب اتساهيندڙ آهي ۽ سنڌين جي حوالي سان جيڪي ناڪاري ڏند ڪٿائون ڪيون ويون آهن، ڊاڪٽر رام بخشاڻي ڪتاب ۾ انهن سڀني ر د ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 1947ع ۾ ڪراچي 51 سيڪڙو هندو رهندا هئا ۽ هڪ سالن بعد رڳو 2سيڪڙو هندو وڃي بچيا، جيڪا هڪ بربادي جي علامت هئي. هن وڌيڪ چيو ته ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ لاءِ جيڪي اسڪميون جوڙيون پيون وڃن ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا . ايم پي اي ۽ مشهور شاعر سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ رول ماڊل ماڻهن جي کوٽ آهي ۽ سنڌ کي بدترين حڪمراني کائي رهي آهي، ڊاڪٽر رام بخشاڻي اسان کان ڪڏهن به پري ناهي رهيو کائنس گهڻيون اميدون رکون ٿا. هن چيو ته اسان وٽ جيڪي ”طرم خان “ آهن سي اصل ۾ ڄامڙا آهن. انهن کان ڪم نه هلندو. نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار شوڪت شوري چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي سنڌ جي ثقافت جو سفير آهي جنهن دبئي ۾ رهي ڪري سنڌ کي روشناس ڪرائڻ ۾ وسان نه گهٽايو. ناولسٽ ۽ ڪهاڻيڪار ۽ صحافي مدد علي سنڌي چيو ته ڊاڪٽر رام بخشاڻي اٽل ارادي وارو انسان آهي، سنڌ سان سندس جي محبت بي انتها آهي. ان موقعي تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل طرفان ڊاڪٽر رام بخشاڻي جي مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي حميد ڀٽي پڻ ڊاڪٽر رام بخشاڻي کي شيلڊ ڏني. ان کانسواءِ سگا پاران کيس مڃتا شيلڊ، زبيده ڀرواڻي پاران اجرڪ ۽ ٽوپي، سنڌ سلامت داٽ ڪام پاران محمد سليمان وساڻ گلدستو ۽ تمام گهڻن اديبن ۽ دانشورن کيس ڪتاب ۽ ٻيون سوکڙيون ڏنيون. سنڌ جي نالي واري شاعر آڪاش انصاري، ”جلاوطن“ ۽ ”اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا“ نظم ٻڌائي زبردست داد وصول ڪيو. جڏهن ته تقريب جي شروعات ناصر سومري ” سنڌ منهنجي مان“ گيت ٻڌائڻ سان ڪئي. تقريب جي ڪمپئرنگ جا فرض نالي واري ليکڪ ۽ صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ سرانجام ڏنا، جڏهن ته تقريب ۾ ناول نگار آغا سليم، شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر سحر امداد، امان الله شيخ، اڪبر لغاري، گل حسن ڪلمتي، سگا جي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر قادر سرڪي، ناز سهتو، سلطانا وقاصي، عبدالغفار تبسم، وجئي ڪمار آهوجا، سينئير صحافي قاسم راڄپر، فاطمه ڀرڳڙي، وحيده مهيسر، پروفيسر سليم ميمڻ، شبنم موتي، امان الله شيخ، هدايت بلوچ،هري موٽواڻي، تاج بلوچ، ولي محمد روشن، رخمان گُل پالاري، رکيل مورائي، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مسرور پيرزادي، آغا نور محمد پٺاڻ، نصير سومري، رحمت پيرزادي، ماڻڪ ڪنگراڻي، بي بي سي جي وسعت الله خان، ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

    عوامي آواز جي رپورٽ
    ___

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌين لاءِ ڇا ڪيائين؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو