پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، وَرئَا وَاهُندا سَاريَم سَيڻَ سيَدُ چَي، گاڏيليُون گُندَا ڀِٽُن ڀَر هُندَا، ڀُنگَا ڀَڙَ ڀَتارَ جا سُرُ مَارُئي پَنهُوارَن = ڌنارن، ڌراڙن، ٻڪرارن، ماروئڙن پَاٻَوهيَو = مشڪيو، مرڪيو، کلي پيا، ٽڙي پيا وَرئَا = موٽي آئيون وَاهُندَا = بهار جون ٿڌيون هوائون سَيڻَ = مائٽ، عزيز، محبوب گاڏيليُون = چوپائي مال جي اچ وڃ جا رستا، چارا، گسَ گُندَا = گوندا - ننڍڙن ڦرڙن کي سوئرن جي کائڻ کان بچائڻ لاءِ ٺاهيل ننڍڙا واڙا ڀِٽُن = واريءَ جي دڙن، لاهين چاڙهين واري زمين ڀَر = پاسو، پاسي ۾ هُندَا = هوندا ڀُنگا = جهوپا، جهوپڙيون، ڪکاوان گهر ڀَڙَ = سگهارا، موچارا، تازا ٺهيل ڀَتَارَ = ڪانڌ، مڙس، ورُ بيت جو پس منظر ~ بهار جي مند موٽي آئي آهي ۽ ٿڌڙيون هوائون پيون لڳن. منهنجي مارن جي مُکَ تي خوشين جا آثار پيا ڏسجن. ~ مون کي ٿر، مارو، مال، گسَ ۽ ڦرڙن جي لڪَ جون جايون ياد پيون اچن. ~ پڪ سان منهنجي محبوب جا پکا ڀٽن جي ڀر ۾ اڏيلَ هوندا. سمجهاڻي بهار جي مند ايندي ئي فطرت جون حسناڪيون، دلڪشيون ۽ خوبصورتيون نکري پونديون آهن. وڻ، ٻنيون ۽ فصل سائي چادر اوڍين ٿا. گلابن ۽ رابيلن جون مکڙيون ٽڙي گل ٿي، هٻڪارون ۽ خوشبووئون هاري ماحول کي معطر ڪري ڇڏين ٿيون. تڏهن ئي ته مارئي چئي ٿي ته : بهار جي مند موٽي آئي آهي، ٿڌيون هوائون پيون گُهلن. منهنجي ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪُن ۽ خوشين جا آثار پيا ڏسجن. مون کي ياد آهن اُهي منظر جڏهن جهنگ مان مال چاري مارو گس ڏيئي واپس ٿيندا آهن سينڍون وڄائيندا ۽ بانسريءَ تي گيت ڳائيندا ايندا آهن. مون کي پڪ آهي ته ڀٽن جي پاسي ۾ منهنجي محبوب مون لاءِ ضرور ڪا نئين جهڳي ٺاهي هوندي ته جيئن ئي مارئي واپس ايندي اسان پنهنجي الڳ دنيا اڏينداسين. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____