سيد جو پيغام ۽ اڄ جون گهرجون – ڊاڪٽر ايوب شيخ

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيد جو پيغام ۽ اڄ جون گهرجون – ڊاڪٽر ايوب شيخ

    اڄ سنڌ ۽ هند جي مشهور سياستدان سيد غلام مرتضيٰ شاهه المعروف سائين جي ايم سيد جي 20هين ورسي آهي. هو 1904ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ ” سن“ ۾ پيدا ٿيو ۽ 91 رهين جي ڄمار ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو.

    انهن نون ڏهاڪن ۾ هن ڀرپور سماجي ۽ سياسي زندگي گذاري. ايئن چوڻ گهرجي ته زندگيءَ جا آخري ڏهه ورهيه پنهنجي ضعيف طبيعت ۾ باقي حياتي سرگرمي سان گذاري. انهن نون ڏهاڪن ۾ دنيا ٻه وڏيون جنگيون ڏٺيون. ڪروڙين ماڻهو جنگين جو کاڄ بڻيا. سنڌ خلافت تحريڪ ڏٺي. حرن سان زيادتيون ڏٺيون. سنڌ بمبئي جي چنبي ۾ آئي، وري آزاد ٿي. هندستان جو ورهاڱو ٿيو. سنڌ ۾ موجود زبردست مڊل ڪلاس عقيدي جي بنياد تي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. فوجي آمريتون آيون. ون يونٽ ٺهيا. قومن سان ويساهه گهاتي جي ڪري بنگالين گهرجون پوريون نه ٿيڻ تي الله واهي چئي ته وري پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو. بنگلاديش ٺهيو. سنڌ ۾ پير صبغت الله راشدي ( پير پاڳارو)، ڀڳت ڪنور، الله بخش سومرو، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو فيملي جا ڪيئي فرد، نذير عباسي، فاضل راهو سميت سنڌ ۾ ڪيئي سياسي ۽ قومپرست ڪارڪن قتل ڪيا ويا، ماريا ويا. ان کانسواءِ بيا ڪئين ننڍا وڏا اهم واقعا انهن نون ڏهاڪن ۾ سنڌ توڙي دنيا ڏٺا.

    آئون روزاني ”جاڳو“ اخبار ۾ رپورٽر ۽ هڪ صحافي جي حيثيت ۾ ۽ ان کان اول سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪئين ڀيرا مليس. اهي ملاقاتون سندس ڪراچي واري رهائش ”حيدر منزل“ تي ٿيون. مختلف موقعن ۽ وقتن تي ٿيندڙ انهن ملاقاتن ۾ جناب حفيظ قريشي مرحوم، محمد ابراهيم جويو، گل محمد جکراڻي، بشير خان قريشي ۽ عرفان مهدي (مرحوم) ۽ قمر ڀٽي ۽ شاگرد تحريڪ جا سليمان ڏاهري ۽ فدا لاکو پڻ موجود هيا. جڏهن ته صحافين ۾ رفيق ڀٽو (عبرت)، شاهد جتوئي (جنگ) مرحوم ظفرياب ( پنجاب جو سياسي ورڪر) ۽ قاضي شاهه محمد مرحوم (هلال پاڪستان) موجود هيا.

    سنڌ ۾ سياست توڙي ادب ۾ هڪ بيماري موجود رهي آهي. اها هيءَ آهي ته ڪنهن به نظرياتي مخالف يا مخالف ٽولي جي اديب کي اهو حق ئي نه هجڻ گهرجي ته ڪنهن ٻي پارٽي جي اڳواڻ يا اديب ۽ دانشور تي ڪا تنقيد ڪري، ڪا ساراهه ڪري يا ان جي سياست ۽ ادبي ڪاوشن جو ڇيد ڪري ۽ تجزيو ڪري. ان بيماريءَ سبب جڏهن به ڪنهن ٻي ڌر يا ٻئي گروپ پاران ڪابه ڳالهه لکي ويئي ته ان جا ٻه پاسا سامهون آندا ويا:

    الف) تنقيد ۽ تجزئي ۾ جيڪڏهن ساراهه لکيل هوندي ته اها قبول هوندي. جي اها مخالف ڪئي هوندي ته پوءِ ان کي دليل طور کڻي سڄي جڳ ۾ واهه… واهه ڪئي ويندي.

    ب) پر جيڪڏهن انتهائي تُز تنقيد ڪئي ويندي، پڙهندڙ کي ڪنهن به سياسي موقف يا ادبي ڪاوش جا بنياد لُڏندي نظر ايندا ته پوءِ بنا دير هڪ ئي ڳالهه ڪئي ويندي ته ” فلاڻو آهي ئي فلاڻي ڌر جو، ته اهو مخالفت نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو“.

    ان خطرناڪ ۽ بيمار روين جي ڪري اسان جي سماج کي نتيجي ۾ ڇا مليو؟ ڪابه سياسي پارٽي نه رڳو تنقيد برداشت نه ڪرڻ واري ”بند گهٽي“ ۾ ڦاسي پيئي، نه رڳو ان پارٽي جي سڌرڻ جا رستا بند ٿي ويا پر، ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ان پاسي کان ئي نه لنگهيو ۽ شيون ڌار ڌار ٿي ويون. ٻيو نقصان هي ٿيو ته اسان جي سياسي ۽ ادبي مورچن تي وڏن وڏن نقادن جي نه جاءِ بچي ۽ نه انهن کي اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نظر آيو. ڏسندي ڏسندي سڄو سماج شخصي ساراهه جي سلهه ۾ غرق ٿيندو ويو. حڪيم ۽ طبيب به موجود هيا ، پر ”ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي انهن کي“ وانگر ڪنهن کي سڌارڻ جي به اجازت مليل ڪانه هئي ۽ ڪنهن پنهنجي سڌاري جي راهه کي ڏسڻ به ڇڏي ڏنو هو. رڳو اهو سوال اڄ پُڇجي ته سنڌ ۾ ”سياسي نقاد“ ۽ ”ادبي نقاد“ گهڻا آهن، ڪيترا آهن ۽ ڇا پيا ڪن ۽ کين ڇا ڪرڻ جي اجازت آهي يا هو ڇا ڇا ڪري رهيا آهن؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي ڄڻ ته اسانجي سماج سان واسطو ئي نه ٿا رکن.

    ٻين سياسي اڳواڻن وانگر سائين جي ايم سيد سان به ايئن ٿيو آهي. سنڌ جي ڪنهن به ليڊر ۽ پڙهيل سياسي ڪارڪن سندي زندگي ۾ سيد کي ايئن نه چيو هوندو ته ” هندستان جي سياست ڪرڻ وارو جي ايم سيد جنهن جي ڪلهن سان خان غفار خان،گانڌي، ابوالڪلام آزاد ۽ ولڀ ڀائي پَٽيلَ جا ڪُلها گسندا هيا، تنهن جي سياست سُسندي سُسندي وڃي سنڌ ۾ يا ته ”حيدر منزل“ تي پهتي يا وري ”سن“ ۾ سندس مهمان خاني تي“. اڄ سوڌو سنڌ ۾ هڪ به ماڻهوءَ ان ايڏي وڏي لاٿ ۽ ايڏي وڏي نقصان جي باري ۾ ان ڪري نه سوچيو آهي ڇوته، ڪنهن به ٻئي لاءِ راءِ ڏيڻ اسان اول ئي ”ڏوهه“ جو ڪم ٺهرائي ڇڏيو هيو. ان ڪري ڪير تباهه ٿيو، ڪنهن جو نقصان ٿيو ته اسان رويو اهو ئي رکيو ” اسان جو ڇا وڃي“

    سائين جي ايم سيد 1919ع ۾ سماجي ڪم جي شروعات ڪندي سنڌ ۾ هڪ پاسي سيدن جي فلاح ۽ ڀلائي واسطي ڪم ڪيا ته ٻئي پاسي ”سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽي“ جي ڊائريڪٽر طور سنڌ ۾ ننڍن زميندارن واسطي ”سنڌ زميندار بئنڪ“ ٺاهرائي. 1936 ۾ سنڌ جڏهن بمبئي کان آزاد ٿي ته سيد 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت هو مسلم ليگ جو نائب صدر هيو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان ٺهراءُ“ پڻ سائين پيش ڪيو هيو. سندس اها پارٽي وابستگي 4 جنوري 1946ع تي ان وقت ختم ٿي، جڏهن سائين جي ايم سيد قائداعظم سان سنڌ ۾ اسيمبلي سيٽن جي ٽڪيٽن جي ورهاست تي اختلاف ڪيو. انهن اختلافن ۾ هڪ اختلاف سيد غلام حيدر شاهه ( والد سيد مظفر شاهه اڳوڻو وڏو وزير ۽ اسپيڪ سنڌ اسيمبلي) کي مسلم ليگ ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي ڪري پيدا ٿيو هيو.

    1938ع ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ ۾ شامل ٿيڻ کان وٺي جيستائين هندستان جي سياست پئي ڪئي، تيستائين هن جي سياست جو محور ۽ مرڪز سڄو هندستان هيا. پر سنڌ جي بمبئي کان آزادي کانپوءِ سيد جي سياست جو محور ۽ بحث ”سنڌ“ هيو.

    سيد جيئن ته مسلم ليگ جي سياست کان متاثر هيو ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به ليگ جا مخالف هيا، جيڪي به ڪانگريس جا حامي هيا سائين جي ايم سيد انهن جي باري ۾ هميشه اهو ئي رويو رکيو جيڪو ڪنهن به ليگ واري کي رکڻ گهرجي، پر ڪن هنڌن تي ان روئي ۾ اها سختي ”سياسي مخالفت“ بدران ”سياسي دشمني“ ۾ بدلائي ويئي ته سيد ان ميدان تي به سامهون رهيو ۽ جيڪي ڪجهه الله بخش سومرو سان ٿيو ان جي باري م سائين جي ايم سيد هڪ ڌر به هيو ۽ ان ڏوهه جو کيس بعد ۾ احساس به ٿيو هيو. سيد جي ان قسم جي عملن جي ڪري سندس ”رواداري“ جي تمام وڏي وڪالت تي هڪڙو سوال موجود آهي.

    سائين جي ايم سيد مسلم ليگ کان ٻاهر ٿيو ته هن سنڌ ۾ ماڻهن جي سياست شروع ڪئي. هن جي ڪابه سياسي پارٽي نه هئي پر سندس تمام وڏي سياسي پسمنظر هجڻ سبب هن جي حيثيت بنا ڪنهن وڌاءَ جي ڳاڻاٽي ۾ ايندي هئي. هو هڪ شخص هوندي به هڪ پارٽي هيو. هڪ سياسي پس منظر هيو. هن جو پاڪستان ۾ ”ون يونٽ“ جي خلاف موقف به اڇو اُجرو هيو ته سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ يا مختلف موقعن تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي اهم ڳالهيون ٻڌائڻ جهڙا ڪم ڪڏهن به ناڪاري کاتي ۾ نه ٿا رکي سگهجن. هن جي نگاهه بلند هئي. ان جي بلندين جو هڪڙو ڇهاءُ سندس ننڍڙي ڪتابچي ”پيغام لطيف“ سان نظر اچي سگهي ٿو. سندس ڪارنامن ۾ ٻيو وڏو ڪارنامو ”بزم صوفياءِ سنڌ“ آهي. ان ۾ هن سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان گڏجي سنڌ جي ناميارن ماڻهن ، فقيرن، اوليائن ۽ شاعرن جي مزارن تي وڃي انهن ۾ تبليغ جو هڪ وڏو سلسلو شروع ڪيو. اهو سلسلو ملڪ ۾ فوجي آمريتن ۽ ان جي مسلسل دٻاءَ سبب گهڻو وقت جالي نه سگهيو. پر ان بنياد سبب سنڌ ۾ ماڻهن جي سياست ڪرڻ جو رواج پيو. 1970ع کان ويندي سندس وفات تائين جا 25 ورهيه سائين جي ايم سيد ”سنڌو ديش“ جي ٺاهڻ جي سياست ڪئي. پر سندس سياست ۾ نه ماڻهن ۾ تبليغ ڪرڻ جو عنصر ظاهر ٿيو، نه وري ان موقف جي باري ۾ ڪي نظرياتي نقطا عوام جي سامهون آندا ويا. سيد جي سڄي فڪري سرگرمي جو وڏي ۾ وڏو اثاثو ”سنڌي شاگرد“ رهيا ۽ انهن هزارين شاگردن ۾ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاگرد سياسي طور پڙهيا، اڳتي وڌيا نه ته باقي سڀ جو سڀ ”نعري“ کان اڳيان نه وڌي سگهيا. رڳو شاگردن ۾ سياست ڪرڻ سبب سيد هندستان کان سنڌ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ کان شاگردن تائين پهتو. انهن ذڪر ڪيل 25 ورهين ۾ هن الاهي ڪتاب لکيا، لکڻ جو ڪم ڪيو، الاهي ماڻهن کان الاهي سياستون لکرايون پر اهي سڀ جو سڀ اهم ڪتاب رڳو ڪجهه ماڻهن پنهنجي ڪتب آندا. ڪن مٿس تنقيد ڪرڻ لاءِ ته ڪن سندس پوئلڳي واسطي. انهن پڙهندڙن ۾ هڪڙو بنهه ٿورڙو انگ انهن سياسي ڪارڪنن جو پڻ رهيو ۽ آهي جيڪي ڪتابن پڙهڻ جا شائق رهيا، علم کي اڳيان آڻيندا رهيا ۽ سندس تعليم کي وڌائڻ جا جتن ڪندا رهيا. پر فطري طور، جيئن ته سائين جي ايم سيد پنهنجي موقف کي ڪنهن به ”ڪميونسٽ“ يا ”جمهوري“ يا ”عقيدن“ تي هلندڙ تنظيمن تي هلندڙ پارٽين وانگر انهن جهڙي هڪ به پارٽي اسٽرڪچر ٺاهي نه سگهيو هو، جنهن ڪري سندس پيغام جي ڦهلاءَ جا مسئلا پيدا ٿيا ۽ انهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جا مسئلا سامهون آيا. اڄ سائين جي ايم سيد جي واٽ تي، سندس فڪر ۾ ڪجهه تبديليون آڻي تبديل ٿيل واٽ تي، يا سندس نالي جي روشني ۾ نئين ٺاهيل واٽ تي ڪيئي گروپ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪڙا اقتداري سياست ڪرڻ کي ڏوهه نه ٿا سمجهن، ٻين جي لاءِ ” اقتدار اسان جي منزل ناهي“ وارو اصول سامهون آهي. هڪڙا پرامن طريقن کي اهم سمجهن ٿا ۽ ٻيا هٿياربند جدوجهد کي لاثاني ڀانئين ٿا. جنهن ڪري اهي سمورا گروپ پنهنجي ٿوري ٿڪي طاقت ۽ حيثيت سان موجود آهن، پر پاڻ ۾ هڪ رنگ نه ٿا ٿي سگهن. ڇوته انهن جا رنگ مختلف آهن.

    وقت اچي ويو آهي ته سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ”پيغام لطيف“، ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي ميڙن ۾ ڪيل تقريرون ۽ سندس ڪورٽ ۾ بيان تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جو مطالعو ڪيو وڃي. اهو پڻ ضروري ٿي پيو آهي ته هڪ بحث شروع ڪجي ۽ سنڌ توڙي سيد جي سياست ۾ جيڪي جيڪي به نقص نظر اچن انهن جي باري ۾ کلي دل سان ڳالهيون سامهون رکجن. سندس سموري حياتي جي عمل ۾ جيڪي به ڀلايون موجود هجن، جيڪي به اهم انگ هجن سي ساڻ کڻجن. ان لاءِ ذهني پورهيو ۽ ذهني سخاوت گهربل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو