ٿوري قُوت قراريَا، رَهن سَٻَرَ سَتِ کَٿَيَ ۾ کهُ ڀَڪُلئَا، ڀَوڻَن اهڙي ڀَتِ پَنهُوارڪي پَتِ، پَيهي پُڇُ مَليرَ ۾ سر مَارُئي قُوت = کاڄ، کاڌو پيتو قَرَاريَا = راضي آهن سَٻَرَ = مضبوط،سگهارا سَت = عزت، عصمت، پاڪدامني کَٿيَ = لوئيءَ، رليءَ، ڪمبل ۾ کهُ = مٽي، دز، ڌوڙ ڀَڪُلئَا = مٽيءَ هاڻا، ميرا ڀُوڻن = هلندا، ڦرندا، گهمندا وتن ڀَت = طرح، ريت، عادت پَنهُوارڪي = مارن جي پَت = آبرو، شان، مان، مرتبو پَيهي = وڃي بيت جو پس منظر ~ هو ٿورڙي کاڌي پيتي تي به راضي آهن پر پنهنجي آبرو ۽ عزت جي معاملي ۾ ڏاڍا سگهارا ۽ مضبوط آهن. ~ هو مٽيءَ ڀريل بت تي کٿي پايو پيا گهمن. ~ مارن جي عزت ۽ آبروءَ جي پرک ڪرڻي هجئي ته ملير وڃي پڇا ڪري ڏس. سمجهاڻي ٿر ملڪ جا ماڻهو انتهائي سادا ۽ مسڪين ماڻهون آهن. هو ڳاڙهي ٻوڙ، پلائن ۽ ٻين لذيذ طعامن جا هيراڪ ناهن. ڏٿ، للر، سائون، مانڌاڻون، مکڻي ۽ سايون ڀاڄيون کايو پيا گذران ڪن. سندن لباس ۽ ويس وڳا به ڪي خاص ناهن. سندن بدن مٽيءَ ۾ ڀريل رهي ٿو، ان جي مٿان کٿي اوڙهيو پيا هلندا وتن. هو سادڙا ۽ مسڪين برابر آهن پر پنهنجي عزت جو سودو ناهن ڪندا. سندن عزت، عظمت، شانَ، مانَ ۽ آبروءَ کي ڏسڻو هجئي ته ملير وڃي پڇائون ڪر. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____