وَرُ اُهائي وَيرَ، جِنءَ ڌَڻُ تَسَي تَڙ آئيَو سَرتيُن ڏُٿُ سَبيلَ ڪئَو، اَڱڻ ڍوئَي ڍَيرَ هيُون اُن جي هَيرَ، ٿو جهِڄَي جَهرَوڪَن ۾ سُرُ مَارُئي وَرُ = بهتر، ڀلو، نعمتَ وَيرَ = ويلَ، وقت، گهڙي، مهل، پَل جِنءَ = جيئن ڌَڻُ = مالَ جو وَلرُ، ٻڪرين، رڍن، ڇيلن ۽ ڇيلڙين جو ڌڻُ تَسَي تَڙ آئيَو = اُڃائجي تَڙ تي آئيو ڏُٿُ = جهنگلي گاهن جو اناج، ڀاڄيون، جهنگلي ميوا سَبيلَ = جهجهو، وڌيڪ، وڏي ۽ گهڻي مقدار ۾ ڪئَو = ڍَيرَ = ڍڳَ، کوڙَ، انبارَ هيُون = هنئون، دل، مَنُ هَيرَ = هينئر، عادت جهڄَي = ڳڻتين منجهه ڳري جَهرَوڪَن = محلاتن، ماڙين بيت جو پس منظر مارئي چئي ٿي : ~ اُهو وقت ڪيڏو نه ڀلو هو جڏهن ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ اڃائجي پاڻيءَ لاءِ تڙن تي ايندا هئا. ~ سرتيون سڄو ڏينهن گڏ ڪيل ڏٿ ڍوئي گهر جي اڱڻن تي ڍڳ ڪنديون هيون. ~ منهنجي مَنَ کي انهن ڳالهين جي هير پيل هئي سو هاڻي محلن ۾ پئي ڳڻتين ۾ ڳران. سمجهاڻي ماڻهون جڏهن اڪيلو ٿي پوندو آهي ۽ اُها اڪيلائپ وري جيڪڏهن قيد جي هجي ته ويتر جيءُ جهري پوندو آهي. پنهنجي پيارن کي ياد ڪري اکڙين جا بند ڀڄي پوندا آهن. ٿر جي سُونهَن مارئي به اڄ اڪيلي ٿي وئي آهي ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي محلاتن اندر باندي بڻايو ويو آهي. سندس هن بند ۾ ڪير به ته ڪونهي جنهن سان سورَ سَلَي، دل جو بارُ هلڪو ڪري. کيس شدت سان ياد پيو اچي ٿر، مارو ۽ سرتيون. مارئي ڪيئن وساري سگهندي اُهي گهڙيون جڏهن سرتين ساڻ جهنگ ۾ ٻڪريون چارڻ ويندي هئي. ٻڪريون جڏهن جهنگ چري ڍؤ ڪنديون هيون ته کين اڃ ستائيندي هئي، سو اڃ اجهائڻ لاءِ ڀڄنديون ڊڪنديون تڙ تي اينديون هيون. هوڏانهن سرتيون سڄو ڏينهن اناجَ، گاهه ۽ ڀاڄيون گڏ ڪري، ڍوئي گهر جي اڱڻن تي ڍڳ ڪري ڇڏينديون هيون. اڄ مارئي اڪيلي آهي سو اهي منظر ياد ڪري جيءُ جهري پيو اٿس ۽ اکڙين جا بند ٽٽي پيا اٿس. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____