سنڌ جي برک ليکڪ ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ٽيون وجود“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي دور جون لازوال ڪهاڻيون آهن جهڙوڪ، منهنجو پُٽ مهدي، پنجين موسم، ٽيون وجود ۽ ٻيون ڪهاڻيون. هن ڪتاب جي ثقافت کاتي پاران ڇپايل ايڊيشن اسڪين ڪري اوهان سان شيئر ڪجي ٿي. منهنجو پُٽ مهدي جي هڪ ڊائلاگ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکي ٿو: مهدي منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪيو، وسامندڙ اکيون منهنجي اکين ۾ وجهي ڇڏيائين. مون پنهنجو منهن سندس ننڍڙي سيني تي آهستي رکيو. سندس ساهه جو ابابيل هڏڙين جي قفس مان اڏامڻ لاءِ پرڙا هڻي رهيو هو. مهديءَ ٻڏندڙ آواز ۾ ڇيو، ”مون کي پگهر جو پورهيو کاراءِ. بابا، خيرات جو ڀَتُ کائيندس ته اڦٽ مري ويندس“. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
امرجليل جي تحريرن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. سندس جي تحريرن ۾ ڇا ته لفظن جو استعمال آهي. هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي “هڪ دل جي اڪيلائي” کي آ بار بار پڙهندو آهيان پر ڪجهه وقت اڳ اهو ڪتاب ڪو دوست کڻي ويو جنهن وري واپس ئي نه ڪيو ۽ اڄ وري سنڌ سلامت تان ملي ويو وڏي مهرباني..
تمام بهترين ڪتاب آهي ۽ سائين امر جليل هڪ نامور هستي آهي الله پاڪ سائيجن کي هميشه خوش ۽ آباد رکي.. آمين.
امرجليل صاحب اسانجو انمول سرمايو آهي سندس ڪهاڻين جا خيال ڊائيلاگ روح کي راحت بخشين ٿا سندس تحرير ڪيل ڪهاڻيون جن ۾ سنڌ جي حقيقي ڪردارن جي نشاندهي ٿيل اسان لا باعث فخر ادبي خزانو آهن مون سندس ڪهاڻيون " آدم جي ما " کان وٺي "ٽيون وجود تائين پڙهيون آهن جيڪي اڄ به هر لحاظ کان نڪور تحريرون لڳن ٿيون امر جليل صاحب جي ان ڏات کي اسين سلام پيش ڪندي سنڌ سلامت جي ساٿين جا انتهائي ٿورائتا آهيون جن جي محنت سان هن جديد دور ۾ جڏهن ڪتابن جو مطالعو نه ڪرڻ جي برابر آهي ان ڪمپييوٽر واري دور ۾ اسان جي عظيم شخصيتن جون تحريرون نيٽ تي رکي نئين نسل کي انهن جي لکڻين کان متعارف ڪرائي اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي تعريف ڪرڻ لا اسان وٽ لفظ ناهن . امرجليل صاحب اسان جو محسن ۽ سنڌي ٻولي جو عظيم ڪهاڻيڪار آهي اسين پنهنجي نئين نسل کي گُذارش ڪنداسين ته سندس ڪهاڻيون اهي به بار بار پڙهن ۽ بهترين خيالن توڙي ڊائيلاگن مان لُطف اندوز ٿين پر ٻين کي به اهو مواد پڙهڻ لا شيئر ڪن.