• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ اياز پتڻ ٿو پور ڪري : شيخ اياز

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ibz15OQkYFF6uz.gif

os5rmt.jpg

”پتڻ ٿو پور ڪري“ هي ڪتاب نامياري شاعر شيخ اياز جي نثري شاعري/ ٽڪرن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ناشر پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي مختلف قدرن تي، شاعراڻي انداز ۾ روشني وڌل آهي“. وطـن، آزادي، غـلامي، جنـگ، امـن، مذهـب، وحدت، ڪثرت، اشتراڪيت، پيار ۽ نفرت وغيره. مطلب ته زندگيءَ جي مختلف فلسفن، نظرين ۽ رجحانن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. هي هڪ ڪتاب نه، بلڪ ڪيئي ڪتاب آهن. علم ۽ فلسفي جي دنيا جو هڪ عظيم ترين شاهڪار، جڏهن به دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، تڏهن هن ڪتاب کي عالمي ادب ۾ مٿانهون ليکيو ويندو. سمبارا پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر 1982ع ۾ شايع ٿيو، پهرئين ڇاپي جو انتساب يوسف شاهين جي نالي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس حيدرآباد پاران 1992ع ۾ شايع ڪرايو ويو، جڏهن ته ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ، پاران شيخ اياز جي سموري شاعريءَ جا جيڪي جلد ڇپرايا آهن، انهن مان 2008ع ۾ ڇپيل ٻئي جلد ۾ هيءُ ڪتاب به شامل آهي. ان لحاظ کان اهو هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ٿيو، جڏهن ته ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو چوٿون ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2008ع تي ڇپايو ويو آهي. اسان نيو فيلڊس پاران ڇپايل ٻئي ڇاپي جي اسڪين ڪاپي سنڌ سلامت ذريعي اوهان سان اڳيان پيش ڪيون ٿا.

ڪتاب مان ورتل نثري ٽڪرو:

اي آزادي ! توڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي.
فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا.
۽ منهنجي ڏيهه ۾ سڀيئي شاهي رستي تي وڃي رهيا آهن،
۽ مان سوڙهي پيچري ۾ منجهي موٽي رهيو آهيان،
ڇو ته مون کي ڪوئي سونهون به نه آهي، ساٿي به نه آهي.
اي آزادي ! مان پوءِ به شاهي رستي کان گهٻرايان ٿو،
ڇو ته اهو توڏانهن نه ٿو وڃي.



 
اي آزادي ! توڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي.
فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا.
۽ منهنجي ڏيهه ۾ سڀيئي شاهي رستي تي وڃي رهيا آهن،
۽ مان سوڙهي پيچري ۾ منجهي موٽي رهيو آهيان،
ڇو ته مون کي ڪوئي سونهون به نه آهي، ساٿي به نه آهي.
اي آزادي ! مان پوءِ به شاهي رستي کان گهٻرايان ٿو،
ڇو ته اهو توڏانهن نه ٿو وڃي.
 
Back
Top